نئون

ٻارن جي پورهئي بابت بل تي بحث دوران سينيٽ ۾ 27 ميمبرن مان 25 غيرحاضر رهيا

اهڙو بل پ پ جي سينيٽر سحر ڪامران پاران سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو، جنهن تي بحث دوران سسئي پليجو ۽ مير ڪبير محمد شاهي کان علاوه ڪوبه سينيٽ ۾ ٻيو ميمبر موجود نه هو. جنهن تي چيئرمين چيو ته ٻارن جي پورهئي ڪارڻ ملڪ ۾ ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيندا رهندا آهن، جنهن باوجود به ميمبرن کي ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪابه دلچسپي نه آهي ۽ ٽن ميٽنگن کانپوءِ بل پاس نه ٿي سگهيو. هن وڌيڪ چيو ته هي بل پيش ڪندڙ سحر ڪامران هن مهيني پنهنجي مدي جي ختم ٿيڻ ڪارڻ رٽائر ٿي رهي آهي جنهن کانپوءِ اهو بل به ختم ٿي ويندو. جنهن تي سسئي پليجو چيو ته هن بل کي ڪنهن ٻئي ميمبر هٿان پيش ڪرڻ گهرجي. بل کي آڻيندڙ پاران چيو ويو ته ٻارن کان پورهيو ڪرائڻ بنيادي انساني حقن جي خلاف ورزي آهي، جنهن سان ٻيا مسئلا پيدا ٿين ٿا جنهن ۾ جسماني ۽ ذهني مسئلا به شامل آهن، جيڪي هنن ٻارن سان سڄي حياتي گڏ رهن ٿا. هن بل ذريعي 14 سالن کان ننڍن ٻارن کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ آهي. جڏهن ته ملڪ ۾ هڪ وڏو تعداد ٻارن جو پورهيو ڪندڙ موجود آهي جنهن جون حياتيون به خطري هيٺ رهن ٿيون.