بلاگنئون ڪئمپس جا وڻـندڙ پَل November 11, 2024 Zahida Abro زرعـي ورسٽي ۾ پڙھي ٿي پئي۽ سوائل ۾ ڊگـري ڪري ٿي پئيھُوءَ زرعي جي سُفيدن جھڙي ڇوڪريھوءَ سنڌوءَ جي ٻيٽن جھڙي ڇوڪري!سنـڌ جـي خوبصورتي ۽ وڻندڙ نظارن جـو ثبـوت اِھي ڳوٺـن جا ڏِيک، ڪينجھر ڪنڌي سميت ڍنـڍن جا ڪنارا جـن جي ڀاڪرن ۾ پکيئڙن جا آشيانا ڪمال جا آھـن، ڪراچـي جون روشنيون ۽ حيدرآباد، ڄامشوري جـون مَـڌ مست ڇـڙواڳ ۽ رُولاڪ ھوائون ڪيتري ئـي قدرت جـي نوازش رھـي آھي منھنجي انھـيءَ ڌرتـي مٿان ۽ سمـوري سنـڌ محبوبي ڳـلڙن وانگي وڻندڙ آھـي، پـر ڪجھ يادُون ۽ ساروڻيون جيـڪي يونيورسٽي جـي پانـڌ ۾ اينديون انـھيءَ جـو ذڪر ٿا ڇيڙيـون!ٿـر جـي ڀـٽن جي ڀاڪرن مان عـمرڪوٽ زرعـي ڪئمپس کان نڪتـل ھـي قافلو جنھن جـي ھـر انـگ انـگ ۾ ڇُـڙواڳي، ٽھـڪن جا گونجندڙ آواز، ڪنوارن خـوابن جا ھـي رکوالا ڌرتـي ڌڻـي، اُڀرنـدڙ سـج ۽ لـھندڙ سـج جو ساڳي ئـي طريقي سان کِـلي دل سان استقبال ۽ موڪلاڻي ڪئي انـھيءَ ڏينھن تـي!جـوانـي جي حسين ڏينھنَ کـي وطـن جي خوشحالي لاءِ جدوجھد ڪندي ۽ مُستـقبل جـو دڳ نمايان ۽ روشن رکڻ واري جُستجو ۾ ھـي ڇوڪرا وڪٽري جـي نشان جـيان سدائين بُـلند رھندا آيا آھـن. ھـي اسـان جي لڏي جا دُوست اسد کنڊ، اسـلم مري، غلام رسول سُومرو، دانش، واحـد بخش جيڪي نئين سنـڌ ۾ شَـفق ڀريل لالاڻ ۽ اُڀرندڙ سورج جي ڪرڻن ۾ نمايان ڪردار ھوندا.ڪينجھر ڪناري تـي پنھنجي دوستن سان گـڏ پاڻـي ۾ پانـڌ پُسائيندي وقـت کـي اھو سنيھو ھُو ته ڌرتـي جي سيني تـي اڃان به قُـوم ۽ وطـن جي سرحدن جا رکوالا رھـن ٿا مـتان سمجـھي مُئا مُـور سارا ۽ پوءِ ٺـٽي جي شھـر ۾ ھليل ڪجھ وُکون پنھنجي احساسن جـو حصو رھيو جـتي مڪلي، شاھـجھان مُـسجد ۽ دولھ دريا خان ۽ ڪيترائي مذھبي رواداري وارا ڪامل درويشن سميت سنـڌ جـي سپوتن ۽ دشمنن سان سرشار ھـي ارڏي ڌرتـي تاريخ جـي بنـد بابـن ۾ نمايان رھنـدي اچـي ٿي، جـتي اڄ به مزارن جي ديوارن ڀرسان ڪيترائي ٽـھڪ دُکن ٿا ۽ پوءِ سـرد راتين ۾ اھـي پوءِ روشنين ۽ حادثن جا سلسلا بڻـجي وقـت جُو ڀاڳ رھندا آھـن. ڇو ته سانجھيءَ ويلي ڀنل شـام جي ٽاڻي ڪنھن حسينه جـي ڀَـر ۾ ڪو ڏيئو وساڻو آھي ته سُمنڊ ڪناري ڪنھن جي پيرن جي خوشبوءِ کان اسان جي پنن جي چپن تائين اھو درد ساڳيو رھيو آھـي. اڄ به عـمرڪوٽ ۾ آڌيءَ جو تنھا ٿي رستن تي رُلجي ٿو ته شـھر جي دل مذهبي جنونيت جـي وَر ٿيل لڳندي آھي ۽ پـوءِ تاريخ جي خيمن ۾ وڃان ٿـو ته ٿڌين موسمن جھڙا احساس وڻـجاري جي قدمن جھڙا، گُلابن جي پتين وانگي لڳندا آهن جـتي مذھبي رواداري ۽ سلامتيءَ جـو راڄ سدائين جُوڀن تي رھيو آھـي.۽ لھندڙ سُـج سان گڏ ڪراچي پھتاسين جنھن جـي وڻندڙ ڳچـي ۾ سنـڌ جي حُسن ۽ مالڪيءَ جـو ھار پيل آھـي، جنھن جـي سينڌ جـو سندور، ماٿـي جو ٽَڪو سدائين پنھنجي اَمان ۾ رھـي ۽ جڏھـن شام جي مُک تان سُـورج پنھنجو گھونگھٽ ھٽايـو ته سانورين ڇوڪرين پنھنجا ڪنوارا آرس ڀَڃي رسـتن جون راھي ٿيون ۽ رستـن ته پوءِ ڏٺـم ته ڪيتريون ئي جوانيون سُرمئي سُـک جون آسون ڀاسڻ لڳيون ته ڪياماڙي مـنھوڙي جي ھوا به اُداس ڀانيم ته الائي ڇـو پنھنجي شـھر ۾ ڌاريي ھجڻ جو احساس ٿيڻ لـڳو ۽ پوءِ ڪنھن مُـقدس ماڳ جيان پنھنجي اندر ئي اندر ۾ عبادت ڪرڻ لڳس! حـسن وارن جي شھـر ڏانھن ڪمال جـو آرزو ۽ امـيدون ته اسان جي مَن ۾ به جاڳيون پوءِ تاريخ جو ڀرم رکندي ھنئيسين پاڻ مـٿان 144 واري سزا!مُبارڪون مُبارڪون چَون اوھان کـي سڀ سَکيون،اوھـان جي لاءِ اُٿـن اکيون، اوھان جي لاءِ جُھڪن اکيون،اسـين اِھي اڪيلڙا اسـين اِھي اڪيلڙا،اسـان جيئـڻ ڇـڏي ڏنـو! Post Views: 46