ايڊيٽوريلنئون

“عورتن جي قيادت ذريعي مستقبل جي تعمير: هڪ برابريءَ واري دنيا ڏانهن سفر”: گڏيل قومن جو ادارو

سال 2026ع جي ورلڊ بينڪ جي انگن اکرن مطابق هن وقت دنيا جي ڪل آباديءَ ۾ عورتن جو حصو لڳ ڀڳ 49.7 سيڪڙو آهي، پر ان هوندي به عورتون اڃان تائين پنهنجو پاڻ کي مڪمل طور تي سماجي، سياسي ۽ معاشي طور آزاد نه ڪري سگهيون آهن. جنهن جو سبب اهو آهي ته صدين تائين عورت کي اهڙين پابندين هيٺ رکيو ويو جن سان عورت جي آزادي ۽ اڳتي وڌڻ جي رفتار کي ڪڏهن گهٽ ته ڪڏهن ختم ڪيو ويو، ڇو ته ٻين مسئلن سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ هن وقت 2 ڪروڙ 60 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، جنهن ۾ اٽڪل هڪ ڪروڙ 30 لک يا هڪ ڪروڙ 40 لک ڇوڪريون آهن، جنهن جي ڪري عورت اڳتي ڪيئن وڌي سگهندي، پر هاڻي وقت اچي ويو آهي جو دنيا کي اهو احساس ٿيو آهي ته عورت کي نه صرف آزادي ڏيڻ جي ضرورت آهي، بلڪه مستقبل جي تعمير عورت جي هٿن ۾ هجڻ گهرجي ۽ عورت کي برابري واري دنيا ڏانهن سفر طئي ڪرڻ لاءِ هڪ رهبر طور بيهارڻ جي گهرج آهي. اهوئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي اداري 2026ع لاءِ عورتن جي ڏينهن جو موضوع “عورتن جي قيادت ذريعي مستقبل جي تعمير: هڪ برابريءَ واري دنيا ڏانهن سفر” رکيو آهي، جنهن ۾ عورت کي سماج جي هر فورم تي آزاد، خود مختيار ۽ تعليم يافته ڪري ان کي قيادت ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته عورت کي اها آزادي هڪدم نٿي ملي سگهي. ان آزاديءَ جي حصول ۽ ان ڪردار کي ادا ڪرڻ لاءِ اڃان عورتن کي هڪ طويل سفر طئي ڪرڻو آهي. عورت جي اندر ڪيترائي گڻ موجود آهن جن ۾ هڪ گڻ صبر ۽ ٻيو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ڪمن جو گڏجي ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جيڪا خوبي مرد ۾ ڪٿي ڪٿي نظر ايندي آهي.

هن ڏينهن جي شروعات 1908-1909 نيويارڪ ۾ 15 هزار عورتن جي پنهنجي حقن جي احتجاج سان ٿي. جيڪا پوءِ اڳتي هلي 1917ع جي انقلاب دوران عورتن جيBread and Peace جي نعري تي ختم ٿي ۽ اتان کان 8 مارچ جو بنياد پيو. عورتن لاءِ هي ڏينهن تمام گهڻي اهميت رکي ٿو. ڇو ته هن ڏينهن تي سڄي دنيا جي عورتن جو گڏيل آواز هڪ ئي ڏينهن تي بلند ٿئي ٿو، جنهن کي ڪابه رياست، ڪوبه طاقتور طبقو نظر انداز نٿو ڪري سگهي. هي ڏينهن عورت جي عزم ۽ حوصلي، شعور ۽ بيداري جي ورجاءُ جو هڪ ننڍڙو ڪورس هوندو آهي. ان ڏينهن تي اسان جي نوجوان نسل جي نارين کي سکيا به ملندي آهي ته اهي ڪمزور نه بلڪه مضبوط آهن. وقت سان گڏ عورت اهو سکڻ ۾ ڪامياب ٿيندي پئي وڃي ته سندس خوبصورتي ظاهري، جسماني ڏيک نه بلڪه سندس فطرتي حُسن آهي، جيڪو کيس قدرت تخليقي صلاحيتن ۽ ممتا جي صورت ۾ عطا ڪيو آهي. عورت جي اندر اهي ٻئي خوبيون پيدائشي طور تي موجود هونديون آهن. ممتا جو مطلب هرگز اهو ناهي ته هوءَ صرف ماءُ بڻجي ممتا جو اظهار ڪري ٿي. عورت جي اندر جيڪا محبت ڇوليون هڻي ٿي، جيڪا کيس نرمي عطا ڪري ٿي اها محبت جڏهن رشتن ۾ تبديل ٿئي ٿي ته پوءِ ان کي مختلف نالا ڏنا وڃن ٿا، پر حقيقت ۾ اها ممتا آهي جيڪا عورت کي سندس حُسن جو جوهر عطا ڪري ٿي.

عورت جو حقيقي حسن سندس سچيون، فڪري صلاحيتون ۽ ممتا آهن، جيڪي کيس مرد کان ڌار ڪن ٿيون ۽ کيس ڪائنات ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور هستي بڻائين ٿيون. عورت پنهنجين انهن ٻن صلاحيتن جي بنياد تي دنيا جي اڳواڻي ڪري امن قائم ڪري سگهي ٿي. فطرت جنهن دنيا کي سونهن ڏئي پيدا ڪيو، مردن جي لالچ ۽ مادا پرستي هن دنيا کي تباهيءَ جي ڪناري تي پهچائي ڇڏيو آهي، جيڪا اڄ اسان جنگ جي صورت ۾ ڀوڳي رهيا آهيون. هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته رهبري عورت جي هٿ ۾ ڏني وڃي ته جيئن عورت پنهنجي تخليقي صلاحيت ۽ ممتا جي احساسن سان جتي جتي بيٺل آهي پنهنجون اهي ٻئي صلاحيتون استعمال ڪري رهبري ڪري سگهي ۽ دنيا کي ان سفر ڏانهن وٺي وڃي جتي دنيا ۾ رهندڙ هي ٻئي صنفون برابريءَ سان اڳتي وڌي سگهن، پر ان ڳالهه جو به شڪ آهي ته عورت کي وقت سان گڏوگڏ ڪرپٽ ڪري سگهجي ٿو. مٿس مفاد پرستيءَ جو اثر غالب اچي سگهي ٿو. کيس پنهنجي فطرت ۽ پنهنجي ممتا واري حسن کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. ان لاءِ ضروري آهي ته عورتون هر سال اهو وچن دهرائين ته هو پنهنجي فطري سونهن جنهن ۾ تخليقيت به آهي ته ممتا به ان کي ڪڏهن به وڃائڻ نه ڏينديون ۽ پنهنجي انهيءَ طاقت سان هن دنيا کي اها خوبصورتي ۽ فطري سونهن عطا ڪنديون جنهن سان هڪ خوبصورت دنيا تعمير ٿي سگهي. اهوئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي اداري هن سال هڪ اهڙو موضوع چونڊيو آهي، جنهن سان عورت کي اها ذميداري ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته هوءَ اڳتي وڌي دنيا جون واڳون سنڀالي ۽ اها ذميداري عورت صرف پنهنجي خوبصورت صلاحيتن سان ئي سنڀالي سگهي ٿي. ان لاءِ کيس تعليم جي ضرورت سڀ کان وڌيڪ آهي. اهڙي وقت ۾ رياست پاڪستان ۽ سڀني صوبائي حڪومتن جي ذميداري آهي ته اهي عورتن جي تعليم جي باري ۾ سنجيده رويو اختيار ڪن ته جيئن عورت تعليم ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي زيور سان گڏوگڏ پنهنجي فطرتي حسن جو به ڀرپور اظهار ڪري سگهي.