ايڊيٽوريلنئون

سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽرن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا، ٽرانسپورٽرن جو ٽريفڪ قانونن مڃڻ کان انڪار

ڪراچيءَ جي ٽرانسپورٽرن 19 ڊسمبر 2025 تي پنهنجي هڙتال ختم ڪري گاڏيون رستن تي آڻي ڇڏيون. ڪراچي ٽرانسپورٽرن جي ڪجهه اهم گهرن سبب هڙتال ڪئي وئي. سندن مطالبو هو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڏي واڌ کانپوءِ اهي پراڻن اگهن تي گاڏيون نٿا هلائي سگهن ۽ سندن مطالبو هو ته کين لکت ۾ ڪرايا وڌائڻ جي موڪل ڏني وڃي. ان کان علاوه هن وقت ڪراچيءَ ۾ اِي چالان جي ذريعي هر ان شهري تي چالان ٿي رهيو آهي جيڪو ٽريفڪ جي قانونن جي پابندي نٿو ڪري، پر ٽرانسپورٽرن جو لڳاتار ڳرا ڏنڊ ڀرڻ جي ڪري اهو موقف هو ته پوليس کين تنگ ڪري رهي آهي ۽ ناجائز چالان ڪٽيا پيا وڃن. جيئن ته سنڌ حڪومت پاران ٽرانسپورٽ کي بهتر بنائڻ لاءِ ڪجهه نوان قانون ۽ مانيٽرنگ جا نوان طريقا متعارف ڪرايا ويا هئا، ٽرانسپورٽرن انهن تي پنهنجا اعتراض اٿاريا. اڃان تائين جڏهن گهرن جي لاءِ گئس جي سپلاءِ محدود ڪئي وئي آهي، اسان جي صوبي ۾ ڪيتريون ئي بسون، ٽرڪون ۽ پبلڪ ٽرانسپورٽيشن واريون گاڏيون سي اين جي تي هلي رهيون آهن جيڪو هڪ عام گهريلو صارف جي حق مٿان ڌاڙو آهي.

ٽرانسپورٽرن گئس جي لوڊشيڊنگ ۽ ان جي وڌندڙ قيمتن تي به احتجاج ڪيو ۽ سندن اها گهر هئي ته ان لوڊشيڊنگ کي ختم ڪيو وڃي ۽ کين يقين ڏياريو وڃي ته سندن جائز مطالبن تي غور ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت ٽرانسپورٽرن اڳيان بيوس ٿي پنهنجا سڀئي قانون هڪ پاسي رکي انهن سان ٺاهه ڪري کين سندن مطالبن جي مڃڻ جي پڪ ڏئي هڙتال ختم ڪرائي ڇڏي آهي. ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته ٽرانسپورٽرن جي هڙتال جي ڪري پورو نظام مفلوج ٿي وڃي ٿو، ڇو ته هن وقت سڄو نظام خانگي ٽرانسپورٽرن جي هٿ ور چڙهيل آهي جيڪو پنهنجي ڳالهه کي مڃرائڻ لاءِ حڪومت جي رٽ کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن. اهو سنئون سڌو ڏوهه سنڌ حڪومت جو آهي، جنهن ڪڏهن به اها ڪوشش ناهي ڪئي ته انهن ٽرانسپورٽرن جي هڪ هٽي کي ختم ڪري حڪومت پنهنجو هڪ اهڙو متبادل نظام جوڙي جنهن سان حڪومت پنهنجي اداري کي هلائڻ لاءِ وڌيڪ فعال طريقي سان ڪم ڪري سگهي. حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي ڪراچي جهڙي ميگا سٽي لاءِ هڪ اهڙو مضبوط ۽ پائيدار نظام جوڙي جنهن سان خانگي ٽرانسپورٽرن جي محتاجي کان سندس جان ڇٽي پوي. ان لاءِ سرڪاري بسن جو نيٽ ورڪ جيڪو شهر جي هر ڪنڊ ۾ سروس مهيا ڪري ته جيئن خانگي مالڪ پنهنجي مرضيءَ سان هڙتال ڪري شهر کي يرغمال نه بڻائي سگهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڪراچي سرڪلر ريلوي (KCR) جي بحالي جلد کان جلد ڪري جيئن دنيا جي وڏن شهرن لنڊن، نيويارڪ ۽ ٽوڪيو ۾ ٽرانسپورٽ جو اصل حل ريلوي جي ذريعي ئي ڪڍيو ويو آهي. جيڪڏهن ڪي سي آر کي جديد بڻائي مڪمل بحال ڪيو وڃي ته ڪراچيءَ جا لکين مسافر بسن جي بدران ٽرين ذريعي سفر ڪري سگهن ٿا. ملڪ تان پيٽرول جو خرچ گهٽ ٿي سگهي ٿو، پرڏيهي ناڻو بچي سگهي ٿو ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته بس مالڪن جو سنڌ حڪومت مٿان پيل دٻاءُ ختم ٿي ويندو.

ان کان علاوه حڪومت جتي ميٽرو بس، گرين لائين، ريڊ لائين هلن ٿيون مسافرن کي هڪ ئي ڪارڊ يا ٽڪيٽ تي پوري شهر ۾ سفر ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪري سگهي ٿي، جنهن سان حڪومت جي آمدني ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. ضروري آهي ته ان لاءِ انتظاميه ۾ ايماندار آفيسر ويهاريا وڃن يا نظام کي ڊجيٽلائيز ڪري هلايو وڃي. ان کان علاوه ٽيڪسي بائيڪ سروسز کي قانوني تحفظ ڏيڻ حڪومت جو ڪم آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ اِن ڊرائيو، بائيڪيا ۽ اوبر جهڙيون خانگي ايپس به ڪم ڪري رهيون آهن جيڪي عوام جي لاءِ هڪ وڏو سستو متبادل آهن، پر مختلف موقعن تي خانگي ٽرانسپورٽر انهن کي پنهنجي تعصب جو نشانو بڻائيندي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. حڪومت جيڪڏهن ڪراچيءَ کي هڪ جديد شهر بنائڻ چاهي ٿي ته انهن ٽرانسپورٽرن مان پنهنجي جان ڇڏائڻي پوندي. ان کان علاوه حڪومت کي گهرجي ته بسن جي انفرادي مالڪي بدران ٽرانسپورٽرن کي وڏين ڪارپوريٽ ڪمپنين ۾ تبديل ڪري جيئن هن وقت ڪجهه ڪمپنيون هڪ شهر کان ٻئي شهر تائين گاڏيون هلائي رهيون آهن ته جيئن اهي شهر اندر ان قسم جي سروس مهيا ڪري سگهن، جنهن سان ٽرانسپورٽ جي نظام ۾ نه صرف بهتري ايندي، بلڪه انفرادي طور تي مافيا جو ڪنٽرول به ختم ٿي ويندو، پراڻيون ۽ خطرناڪ گاڏيون روڊ تان نڪري وينديون ۽ ڪراچيءَ جو حُسن بحال ٿي ويندو، پر اصل ۾ ڳالهه آهي ته ڇا سنڌ حڪومت انهن سڀني پاسن تي قدم کڻي پنهنجي بهتر ڪارڪردگي کي ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي ٿي؟ هن وقت به سنڌ پيپلز بس سروس جي ذريعي ماڻهن کي آرامده بسن ۾ آٽوميٽڪ فيئر سسٽم ذريعي سهولتون ڏئي رهي آهي. عورتن کي پنڪ بس ۽ اليڪٽرڪ بسون جديد سوچ جي تحت سٺي سروس مهيا ڪري رهيون آهن، پر انهن جو انگ تمام گهٽ آهي ۽ ڪراچي هڪ تمام وڏو شهر آهي جنهن جي لاءِ ميگا پروجيڪٽ هلائڻ جي سخت ضرورت آهي. افسوس ته حڪومت اندر ڪجهه ڪاريون رڍون ويٺل آهن، اهي سنڌ حڪومت جي وسيلن کي تباهه ۽ برباد ڪري رهيون آهن.

ماضيءَ ۾ به حڪومت جا ڪيترائي سرڪاري بسن جا پراجيڪٽ فيل ٿي چڪا آهن، هينئر ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت کي پنهنجي بهتر ڪارڪردگي سان اهو ثابت ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هو هڪ بهتر نظام جوڙي سنڌ جي ٽرانسپورٽ جو مسئلو حل ڪري سگهي ٿي. ان لاءِ سڄي سسٽم جي اوور هالنگ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ايئن نه ٿيو ته پوءِ حڪومت قانون ٺاهيندي رهندي ۽ ٽرانسپورٽر ان قانون کي مڃڻ کان انڪار ڪندا رهندا، جيڪو سنڌ حڪومت جي ناڪامي جو کليو ثبوت هوندو. هن وقت به سنڌ جو عوام ٽرانسپورٽرن سان حڪومت جي ڳالهيون ٻولين ۽ هٿيار ڦٽي ڪرڻ کي ڪنهن سٺي نظر سان نٿو ڏسي.