دين اسلام جو مذھبي، فلاحي، انسانيت سان ھمدردي ۽ عوام دوست سياسي رخ بدلائڻ ۾ سن 60 ھجري جو وڏو واقعو “ڪربلا” سمجهيو وڃي ٿو. ھي اھو واقعو جنهن صحيح ۽ غلط، حق و باطل، ڪاري ۽ اڇي ظالم و مظلوم جھڙن فرقن کي ميدان ڪربلا ۾ وائکو ڪري اھلبيت عليه السلام جي اھميت ۽ حيثيت کي ويتر بلند ڪري ڇڏيو.
تاريخ ۾ پھرين عزاداري سفر ڪربلا ۾ شريڪ رھندڙ ڀيڻ زينب س جن يزيد جي تخت گاھ دمشق/شام ۾ يزيد جي ھوندي برپا ڪري حسيني پاڪ خون جي حقيقتن کان آگاھي ڏني. اھڙي طرح عزاداريء جو بنياد خود يزيد جي درٻار ۾ پئجي ويو جنھن ۾ وقت جي امام، بيمار ڪربلا حضرت سيد زين العابدين ع س جن شريڪ ٿي ان کي جائز ۽ ضروري قرار ڏئي ڇڏيو ۽ عزاداريءَ کي آزاديءَ جو شرط قرار ڏئي ڇڏيو.عزاداري سيدالشھداء امام حسين عليه السلام ھر انسان دوست ۽ مظلومن سان ھمدرديون رکندڙن جي روح ۾ شامل ڏسجي ٿي. عزاداري جو اکر فارسي ٻولي جو آھي جنھن جي معني¹ “سوڳ/غم ملھائڻ” آھي. عزاداري ۾ مجلس، ماتم، جلوس، سبيلن جا انتظام، نوحا پڙھڻ لاء شاعري ڪرڻ، ڪربلا جي واقعي سان واسطيدار مقدس شبيھن خاص طور علم پاڪ سان محبت جي سرعام اظهار ۾ مکيه طور شامل آھن.
عزاداري جو مقصد حضرت امام حسين ع س جن جي دين اسلام لاءِ حق پرستي واسطي ڏنل قربانين کي ياد ڪري دين جي بقا ۾ شامل توڙي رب پاڪ جي رضا حاصل ڪرڻ آھي. عزادار جي ھر اظھار ۾ توحيد جو درس شامل رھي ٿو. جنهن ۾ ڀرپور شرڪت بابت حضرت امام رضا ع س جن فرمايو؛ ” امام حسين ع س جي غم ۾ ڳوڙھا تري اچڻ تي رب سائين گناھ جي بخشش ۽ عزاداري ۾ دعائن جي قبوليت ٿئي ٿي”.
عزاداري بابت ڪتاب جي ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر سيد فرمان علي شاھ رضوي پنھنجي اباڻي شھر “ڪنڊيارو” جي عزاداري جون يادگيريون توڙي روبرو ڪيل مشاھدا لکي ھڪ اھم تاريخ کي ھميشہ لاء يادگار بڻائي اڄ جي ۽ ايندڙ نسل کي عاليشان معلومات سان نوازش فرمائي آھي. بقول سائين فرمان جي ته، روھڙي واري سيد عبدالحسين شاھ موسوي سان محبتي ۽ روحاني ڳانڍاپي سبب ڪنڊياري جي عزاداري جا راز کليا.
سيد فرمان علي شاھ پنهنجي خاصيت ۾ گھڻ پاسائين شخصيت چئجي ته ڪو وڌاءَ نه ٿيندو. پاڻ شاگردي واري دور کان اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي بنياد مضبوط ڪندڙ چند “دين دوست” ساٿين مان ھڪ برجستو ذھين شاگرد ٿي اڀريو. تنظيمي سرگرمين سان گڏوگڏ تعليم پرائڻ ۽ اڳتي وڌڻ وارا جذبا جاري رکندي انجنيئرنگ پهرين پوزيشن ۽ گولڊ ميڊل کڻي پاس ڪيائين. اڳتي ھلي پاڻ تعليمي ماھر استاد کان ويندي مھراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڄام شورو جي ڪيميڪل ڊپارٽمينٽ جو لاڳيتو ٻه ڀيرا چيئرمين مقرر ٿيو. جتان پوء ساڳي يونيورسٽيءَ جي “جيڪب آباد ڪيمپس” جو پھريون “پرو وائيس چانسيلر” طور مقرر ڪيو ويو. ھن ڪيمپس لاءِ سندس شروعاتي خدمتون ساراھيون وڃن ٿيون جن وسيلي پاڻ ڪيمپس جا مضبوط بنياد رکيائين.پر مهراڻ يونيورسٽي جي انتظاميه جي لاپرواهي جي ڪري اهو ڪم اڌ ۾ رهيو پيو آهي ۽ ڪروڙين روپين جي رقم شاھ صاحب، ڪئمپس جي اڪائونٽ ۾ ڇڏي آيو آهي . انھيء وچ ۾ پاڻ آمريڪا،ايشيا، عربستان ۽ يورپ جي شھرن مان وڌيڪ جديد سکيا جا ڪورس توڙيTrainings ۽ عالمي ادارن ۾ پنهنجي نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪيو ۽ ڄاڻ ورهائي مقبوليت ماڻي آھي. MUET ڄامشوري ۾ ملازمت جو نيٺ مدو مڪمل ٿيڻ تي پاڻ عزت ۽ وقار سان رٽائر ٿيا.
اڃان رٽائرمينٽ وارو عرصو ڪو گھڻو نه گذريو جو “سنڌ حڪومت” سندس علمي ۽ انتظامي خوبين وارو Profile ڏسندي کيس صوفي يونيورسٽي ڀٽ شاھ جو رجسٽرار مقرر ڪيو. جتي تقريباَ ٻن سالن جو عرصو رھڻ بعد سندس سچائيء ۽ ايمانداري واري حساس طبعيت جوڙ نه کاڌو جنهن ڪري اتان پاڻ استعيفي ڏئي بوڇڻ ڇنڊي الله توھار ڪندي ھليا آيا.
سيد صاحب ليڪچر ڏيڻ، ٽريننگون ڪرائڻ، پنھنجي علمي شوق وچان دنيا جي يونيورسٽين سان رابطي ۾ رھڻ، سائنسي ۽ سماجي موضوعن تي ڪالم لکڻ، مجلسن کي خطاب ڪرڻ لاء مدعو ڪرڻ تي حاضر ٿيڻ،
انساني ڀلائي توڙي خدمت طور NGO جون ذميواريون نڀائڻ، ديني، تعليمي، بزرگن، اسڪالرن سان محبتي ناتا وڌائڻ، غريبن/ضرورتمندن جي لڪ ڇپ م مدد ڪرڻ تعليم يافتا نوجوانن لاءِCareer Counselling ۽ Demo Classes For English، جي ڪلاسن جا بندوبست ڪرڻ سميت پاڪستان سينئر سٽيزن ايسوسيشن حيدرآباد ۾ بطور نائب صدر خدمتون ادا ڪرڻ واسطي قيمتي وقت ڏيڻ، وغيرھ جھڙين فلاحي اصلاحي ۽ تبليغي سرگرمين ۾ سائين فرمان علي شاھ کي سرگرم ڏسجي ٿو. جنھن مان لڳي ٿو ته، پاڻ ملازمت واري رٽائرمينٽ کي اھميت نٿا ڏين.
سدا مصروف رھندڙ شخصيت پروفيسر فرمان علي شاھ لاءِ ٻڌڻ ۾ آيو آهي سندس ڪارڪردگي کي نظر ۾ رکندي ،ايران جي هڪ “عالمي يونيورسٽيءَ” کيس پاڪستان ۾ پنهنجو نمائندو مقرر ڪيو آهي .سندس انهن جملي مصروفيتن جي باوجود يادگيرين جي آڌار ڪالم يا ڪتاب لکڻ مان سندن جذبن مان اتساھ وٺندي بس! سلام پيش ڪجن ته وڌاء نه ٿيندو. سائين جا ڀلا ڀاڳ جو کيس 1992 ۽ 2022ع ۾ اڪبري حج جي سعادت نصيب ٿي.
سندن تازو ڪتاب “ڪنڊياري جي عزاداري جي مختصر تاريخ” کي ڏسي کيس جس ڏجي ٿي. رومي ڪتاب گھر پبلشر حيدرآباد جي مسهور و معروف پبلشر وٽان ڇپجي آيل پڪي سھڻي جلد واري ڪتاب جو ٽائيٽل محترم مھراڻ سھتو ۽ لي آئوٽ ڀائو ضمير لغاري جن جي محنت جو صلو آھي. جڏھن ته back title علمي ادبي شخصيت ۽ گادي ڌڻي مخدوم جھانيان، سنڌ” پروفيسر سيد زوار نقوي” جن لکيو آھي.
ڪتاب ۾ پنھنجي طرفان لکيل خبرون چارون به اھميت رکڻ سبب پڙھڻ گھرجن . ڪتاب جي قيمت 400 روپيا رکي وئي آھي. ھي ڪتاب سنڌ توڙي دنيا جي لائبريرين لاءِ مفت فراھم ڪيو ويندو جنهن لاءِ سائين فرمان شاھ سان رابطو ڪيو وڃي. ڪنڊياري جي عزاداري… ۾ شھر جي حوالي سان شيعه مسجد، علم پاڪ، امام بارگاھن/پڙن، مجلسن، جلوسن، نوحا پڙھندڙن، زنجيرن جي ماتمداري، شبيھن جن ۾ قديم تعزيا شھزادي اصغر سان منسوب پينگھي، بزرگ مولائين، خاص خدمتگارن، عورتن جي عزاداري، انجمنن جا احوال، شاعرن جا اوسارا پڙھڻ سميت ڪنڊياري ۽ ڀرپاسي جي عالمن مولوين ۽ ذاڪرن بابت آگاھي ڏيندي تاريخ ساز ڪم نڀائي کين ياد ڪندي سندن بابت ڄاڻ کي عام ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪتابي شڪل ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو آھي.
عزاداري بابت ڄان حاصل ڪندڙ استادن شاگردن/شاگردياڻين، مولوي صاحبان ذاڪرن ۽ خطيبن کي ھن ڪتاب مان خاص معلومات ملي سگھي ٿي. “محرم الحرام” کان ڪجھ ڏينهن اڳ عزاداري جو ھي ڪتاب بڪ اسٽالن تي اچڻ امام ع جو ڀلارو معجزو چئي سگهجي ٿو.
انسان ڪو بيدار تو ھو ليني دو،
ھر قوم پڪاري گي ھماري ھين حسين.