آءِ ايم ايف ، بجلي تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي تجويز، قيمت وڌڻ جو خدشو
آءِ ايم ايف جي وفد توانائي جي اصلاحاتي پروگرام تحت نيون شرطون لڳائيندي. بجلي تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. جنهن تي عمل درآمد جي صورت ۾ بجلي مهانگي ٿي ويندي. خبرن موجب آءِ ايم ايف جي وفد جي پاور ڊويزن جي اختيارين سان ملاقات ٿي، پاور ڊويزن جي اختيارين وفد کي بجلي جي پهچائڻ ۽ تقسيم جي نظام ۾ آندل اصلاحن کان آگاهه ڪيو. جڏهن ته ٽيڪس ۽ لائين لاسز جي ڪنٽرول تي به بريفنگ ڏني. خبرن موجب آءِ ايم ايف جي وفد بجلي جي ڊسٽريبيوشن وارين ڪمپنين جي ڪارڪردگي تي غير اطميناني جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان 14 نقطن جي اصلاحي پروگرام تي اتفاق ڪيو هو. جڏهن ته توانائي جي اصلاحاتي پروگرام تي عمل نه پيو ڪيو وڃي. آءِ ايم ايف جي وفد پاران توانائي اصلاحاتي پروگرام ۾ نيون شرطون لڳائيندي. بجلي جي قيمت تي سبسڊي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي. وفد جو چوڻ آهي ته بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ اصلاحون ۽ بلن جي وصولي يقيني بڻائڻي پوندي.