بلاگنئون ٻارن جي ادب جي ليکڪ سرمد عباسيءَ سان ڳالهه ٻولهه July 6, 2024 Zahida Abro سوال ۱: پنھنجي ننڍَپڻ ۽ تعليم بابت ٻڌايو؟ جواب: بنيادي طور تي مان، تعلقي ڪنڊياري جي ڳوٺ خانواھڻ جو آھيان، پر جيئن ته منھنجي بابا حاجي نصرالله عباسيءَ جي نوڪري سکر ۾ ھئي سو رھڻُ به بئراج ڪالوني سکر ۾ ئي ھو. اتي ئي مان ستين جنوري اوڻيھه سئو ٻاھتر تي ڄائو ھئس. اسان ست ڀيڻ ڀائر آھيون. ھڪ ڀيڻ ۽ ڇهه ڀائرَ، ڀيڻ ڀائرن ۾ مان ڇھين نمبر تي آھيان. پنجون درجو بئراج ڪالونيءَ واري پرائمري اسڪول مان ۱۹۸۲ع ۾ پاس ڪيو. ڏھون درجو سکر جي تاريخي گورنمينٽ هاءِ اسڪول نمبر ون مان ۱۹۸۷ع ۾ پاس ڪيم. انٽر اسلاميه سائنس، ڪامرس ۽ آرٽس ڪاليج مان ۱۹۸۹ع ڌاري پاس ڪئي. شوق ته ادب ۾ تعليم پرائڻَ جو ھو، پر وڏن جي زور ڀرڻَ تي مھراڻ يونيورسٽي، نوابشاھه ۽ سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام ۾ داخلا لاءِ ڪاغذ پٽَ جمع ڪرايا. ٽنڊي ڄام ۾ داخلا ملي وئي ۽ اتان ۱۹۹۵ع ۾ زرعي انجنيئرنگ ۾ گريجوئيٽ ٿي نڪتس. ننڍپڻ عام ٻارن جيان گذريو. ضدي ھئس، پر اسڪول ۾ ماٺيڻو ۽ ھوشيار شاگرد ليکيو ويندو ھئس. الله سائينءَ جا اڻ ميا ٿورا جو مون کي لکڻ جي ڏات جھڙي نعمت سان نوازيائين. لکڻ جي ڏات منھنجي رڳن منجهه آھي. منھنجي بابا حاجي نصرالله عباسي پنھنجي ننڍپڻ ۾ شاعري ڪئي، پر ان کي جاري نه رکيائون. توڙي جو پاڻَ سنڌي، انگريزي ۽ اردو ٻولين ۾ ڏاڍا ڪتاب پڙھندا ھئا، پر تخليقي عمل کي اڳتي نه وڌايائون. منھنجو ماما سائين ڊاڪٽر نجم عباسي سنڌ جو عظيم ڪھاڻيڪار آھي. پاڻ ورھاڱي کانپوءِ ڪھاڻيءَ کي وڏي ٽيڪَ ڏنائون ۽ سندن ادبي پورھئي ۾ ٽيھه ڪتاب شامل آھن. مان انهن کان ڏاڍو متاثر ھئس. ننڍپڻ ۾ ئي سندن ڪتاب پڙھي ۽ ساڻن ڪچهريون ڪري گنج پرايو. ٻيو ته منھنجا سڀ ڀائر ڪتابَ ڏاڍي شوق سان پڙھندا ھئا. ادا محمد اسلم عباسي، اسان سڀني ڀائرن ۾ بھترين پاٺڪ ھو (اڃان به آھي). ادا اسلم وٽ نرم ريگزين جي ڳاڙھسري رنگ جي وڏي پيتي ھئي. اھا سڄي ڪتابن سان ڀريلَ ھوندي ھئي، جنھن تي تالو پڻ لڳل ھوندو ھو. مان ادا جي غير موجودگيءَ ۾، پنھنجو ھٿ ٽَپائي ان پيتيءَ مان ڪتاب ڪڍي پڙھندو ھئس ۽ وقت سر ورائي رکي به ڇڏيندو ھئس. ادا اسلم ۽ منھنجي ڄمارن ۾ ٽن ورھين جي وِٿي آھي. اسان ۾ ڪڏھن ڪڏھن ھندستان پاڪستان واري اجائي ويڙھاند به ٿيندي ھئي. جنھن جو ڪارڻ گهڻي ڀاڱي منھنجي “در اندازي” ھوندي ھئي. ان پيتيءَ ۾ ٻارن لاءِ سنڌي ۽ اردو ٻوليءَ جي ڪھاڻين وارا ڪتاب ھوندا ھئا. اھو اھڙو املهه خزانو ھو جو منھنجي گِگَ ڳڙي پوندي ھئي ۽ مون کي پيتيءَ مان چوريءَ ڪتاب ڪڍي پڙھڻ کانسواءِ مزو ئي نه ايندو ھو. ادا اسلم جا آندل ڪتاب، چوريءَ چوريءَ پڙھي مون پنھنجي اندر جي ڪھاڻيڪار کي دريافت ڪيو ۽ ڪھاڻين سان نينھن جو ناتو جوڙيو، جيڪو جڏو سڏو اڃان به جڙيل آھي. مان الله عزوجل جا جيترا به ٿورا مڃان گهٽ آھن، جنھن مون کي ڪھاڻي لکڻ جي ڏات عطا ڪئي، مون کي ڪھاڻيڪار ڪيو. سوال ۲: لکڻ جي شروعات ڪڏھن کان ڪئي ۽ پھرين تحرير ڪھڙي ھئي؟ جواب: ۱۹۸۴ع ڌاري لکڻ شروع ڪيو ھو. ان وقت گل ڦل، گلڙا، اسرار شام جو سنڌي ٻارڙا، رسالا ۽ ذري گهٽ سڀني سنڌي اخبارن ۾ ٻارن لاءِ صفحا ھوندا ھئا. اردو ٻوليءَ ۾ ته ٻارن لاءِ رسالن ۽ صفحن جو انگ ڳڻپ کان مٿي ھوندو ھو. مان ھڪ ڊگهو وقت شايع ٿيڻ کان محروم رھيس. نيٺ ۱۹۸۷ع ڌاري منھنجي پھرين ڪھاڻي “منصوبه” ٻن قسطن ۾ ھفتيوار اردو مئگزين “اخبار جہاں” ۾ ٻارن جي صفحي “بزمِ اطفال” ۾ شايع ٿي. ان وقت مان ڏھين درجي جو شاگرد ھئس. جڏھن ته منھنجي پھرين سنڌي ڪھاڻي گهڻو پوءِ گل ڦل ۾ شايع ٿي. سوال ۳: ٻارن جي لاءِ لکڻ جو خيال ڪيئن آيو؟ جواب: آپا، ھر ليکڪ جيان مون به لکڻ جي شروعات ٻارن لاءِ ادب لکڻ سان ڪئي ۽ منھنجي ڇپيل پھرين تخليق به ٻارن لاءِ ڪھاڻي ھئي. لاڳيتو ڪيترائي ورھيه ٻارن لاءِ اردو توڙي سنڌي ٻولين ۾ ڪھاڻيون لکيم. ھاڻي ٻارن لاءِ ڪھاڻيون لکڻ جو رڳو ھڪ مقصد آھي ۽ اھو آھي ٻارن کي وندرائڻ. راند روند کانسواءِ ڪتاب ئي اھا اڪيلي وندر آھي جنھن ۾ ماءُ پيءُ پنھنجي ٻار کي خود مختيار ڇڏي سگهن ٿا. اھا خود مختياري ٻار کي موبائل فون ۽ ٽي وي ريموٽ ھٿ ۾ ڏيڻ ۾ ناھي. ٻار موبائل ۽ ٽي ويءَ جو غلط استعمال ڪري سگهي ٿو. ان لاءِ ڏاڍو ضروري آھي ته جڏھن ٻار موبائل استعمال ڪري يا ٽي وي ڏسي ته ماءُ پيءُ ساڻس گڏ ھجن. جڏھن ته ٻار جي ڪتاب پڙھڻ مھل، ماءُ پيءُ ڪنھن به ڳڻتيءَ کان آجا ٿي پنھنجا ڪم ڪار اُڪلائي سگهن ٿا، پر ان لاءِ اھا ڳالهه اھم آھي ته ڇا ڪتاب جو مواد ايترو وڻندڙ آھي جو ھڪ ٻار جو ڌيان لاڳيتو مطالعي ڏانھن ڌرائي سگهي؟ اوھان پاڻ به ٻارن لاءِ لکو ٿيون ۽ ٻارن جي ادبَ تي اوھان جي تِکي نھارَ به آھي. مان سمجهان ٿو ته ٻارن جي ادب ۾، خاص طور تي ٻارن جي ڪھاڻيءَ ۾، گهڻي ڀاڱي ڪھاڻيڪارَ تخليق کي نصابي رنگ ۾ لکن ٿا. ھُو ٻارن کي نصيحت ڪرڻَ جي چڪر ۾ ڪھاڻيءَ ۾ ٻارن جي لاءِ ڪا وندر يا ڪي دلچسپ واقعا پيدا نٿا ڪن، جيڪي ٻارَ جو ذھني ٿَڪُ لاھي کيس ٻيھر تازو تڪڙو ڪري سگهن. ان ڪارڻ ئي ٻارُ، ڪتاب کان وڌيڪ اھميت موبائل يا ٽي ويءَ کي ڏئي ٿو. جنھن منجهه ڪارٽون، سپر ھيروز ۽ کلَ ڀوڳَ وارن وڊيوز (PRANKS) جي شڪل ۾ ھنَ لاءِ وندر جو اڻ کٽ سامان موجود آھي. ھڪ ٻار کي جيڪڏھن اھڙي ئي وندر ڪتاب جي صفحن ۾ ملي ته جيڪر ھو ڪتابن ڏانھن موٽ کائڻَ ۾ دير ئي نه ڪري. اھو ئي ھڪ سبب آھي جو مان پاڻ کي ٻارن جي ڪھاڻيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو آھي ۽ ڪوشش اھا ئي ڪئي آھي ته پکين، جانورن، جنن، ايلين، روبوٽ ۽ اھڙن ٻين ڪردارن تي ڪھاڻيون لکي ٻارن کي ڪتاب پڙھڻ ڏانھن موٽايان. منھنجي لکيل ٻارن جي ڪھاڻين کي ڏسندا ته اوھان کي اھي ڪردار گهڻائيءَ ۾ ملندا. منھنجو اھو مقصد بِنھه ڪونهي ته ڪو ٻار کي نصيحت نه ڪجي، ضرور ڪجي، پر ڪنھن ننڍي وڏي ليڪچر بدران دلچسپ ۽ نرالن ڪردارن واتان اڻ سڌيءَ طرح ڪھاڻيءَ ۾ بيان ڪرائجي جو ٻار وندرجي به ۽ پرائي پڻ. سوال ۴: پنھنجي ٻالڪ ادب ۾ ڇپيل مواد ۽ ڪتابن بابت ڄاڻ ڏيو؟ جواب: منھنجي شروعاتي وقت ۾ لکيل ٻارن جون ڪھاڻيون ته مختلف وقتن تي مايوسيءَ جي وَر چڙھي وڃڻ ڪري، مون وٽ ھٿيڪيون ناھن. منھنجي لاءِ اھي ڪنھن خزاني کان گهٽ نه ھيون، پر افسوس جو مواد شايع نه ٿيڻ تي مان نه ڄاڻ ڪھڙي ڪيفيت ۾ اھو خزانو وڃائي ويٺس. ٻارن لاءِ لکيل ھڪ سائنسي ناوليٽ “ڊاڪٽر زِي” (اڻ ڇپيل) سوڌو ڪيتريون ئي اڻ ڇپيل ڪھاڻيون ۽ گل ڦل، گلڙا، عبرت مئگزين، اردو ٻارن جي رسالن نونہال، بچوں کا رسالا، آنکهہ مچولي، ٹوٹ بٹوٹ، خزانه رسالن ۽ سنڌي اردو اخبارن ھلال پاڪستان، جاڳو، عوامي آواز، جنگ، امن، نوائے وقت ۽ ٻين اخبارن ۾ ڇپيل مواد پڻ سنڀالي نه سگهيس. ان ڳالهه تي اڃان به رنج رھندو آھيان. ھاڻ جڏھن ھڪ ڊگهي وقت کانپوءِ ٻارن لاءِ لکڻ ڏانھن موٽيو آھيان ته منھنجون ڪھاڻيون گل ڦل، ساٿي، مرلن، عبرت مئگزين سان گڏ ھلال پاڪستان اخبار ۾ پڻ شايع ٿيون آھن. ھلال پاڪستان جي ٻارن جي صفحي تي ته لاڳيتو ٻائيتاليھه ھفتا منھنجون ڪھاڻيون شايع ٿيون آھن، جن مان چاليھه ڪھاڻيون، جڳ مشھور ڪارٽون ٽام، جيري ۽ پلوٽو جي ڪردارن تي آڌاريل طبع زاد ڪھاڻيون آھن. گل ڦل ۾، منھنجو لکيل ناوليٽ “چاڪليٽ” به قسطوار ھلي پيو. جنھن لاءِ اميد آھي ته سنڌي ادبي بورڊ پاران ئي ڪتابي شڪل ۾ ايندو. گل ڦل ۾ ئي منھنجي تخليق ڪيل ڪردار “سوٽ خان” جي سيريز جون پنج ڪھاڻيون پڻ شايع ٿيون آھن. جڏھن ته ٻارن جي ٽماھي مئگزين “مرلن” ۾ منھنجي لکيل ڪومڪ سيريز “ڪونجَ ۽ ھُش ھُش” ھلي پئي. جنھن جي تازو ئي پنجين ڪھاڻي شايع ٿي آھي. ان کانسواءِ ان شاءَ الله ھن ئي ورهيه مھراڻ اڪيڊميءَ پاران منھنجو ٻارن لاءِ لکيل، پھريون ناول “سنڌيار” به ڪتابي شڪل ۾ پڌرو ٿي ويندو. مون کي پڪ آھي ته منھنجو ناول سنڌي ٻارن جي ادب کي ھڪ نئون موڙ ڏيندو. سوال ۵: توھان ھڪ استادَ جي حيثيت ۾ اھو ضرور پَرکيو ھوندو ته اڄ ڪلهه جو ٻارُ ادبي مطالعي کان ڪجهه پري ٿيندو پيو وڃي. سبب اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سٺن ڪتابن جي کوٽَ آھي يا ادبي ڪتابن جو نصابَ ۾ نه ھئڻ آھي يا ڪي ٻيا سبب آھن؟ جواب: نه، ايئن ناھي، اسان جو ٻار ڪتاب پڙھڻ چاھي ٿو ۽ پڙھي به پيو. اھو سچ آھي ته ڪتاب پڙھندڙ ٻارن جو انگ گهٽ آھي، پر ٻار ادبي ڪتاب پڙھي پيو. اصل ۾ ٻار ته آلي مٽي ٿيندو آھي. ان کي سُڪڻَ کان اڳ جيڪا شڪل ڏينداسين ھُو اھا شڪل وٺندو. کيس جنھن به ماحول سان جوڙينداسين ھُو جُڙندي دير نه ڪندو. مون کي ننڍپڻ ۾ ئي پڙھڻ لاءِ ڪتاب مليا. جيئن ته مان عرض ڪري چڪو آھيان منھنجو بابا حاجي نصر الله عباسي ۽ منھنجا ڀائر ادبي ڪتاب ۽ رسالا پڙھندا ھئا. خاص طور تي اسان ڀائرن ۾ ٻيو نمبر ڀاءُ الطاف جميل ۽ چوٿون نمبر محمد اسلم به ڏاڍا ڪتاب پڙھندا ھئا ۽ اھي اڃان به پڙھندا آھن. ادا الطاف ته ڪجهه ڪھاڻيون به لکيون ھيون، جيڪي شھباز رسالي ۾ شايع ٿيون. مان بابا سائينءَ ۽ پنھنجن ڀائرن جا ورتل ڪتاب پڙھي ئي پڙھڻ ڏانھن ڇڪجي آيو ھئس. حقيقت اھا آھي ته جي ٻار کي ڪتاب پڙھڻ لاءِ اتساھبو ته ھُو دير سوير ضرور ان پاسي لڙي ايندو ۽ جيڪڏھن سندس ھٿ ۾ موبائل ڏبي ته پوءِ کيس ڪتاب بدران موبائل ئي کپندي. ٻيو ته منھنجو پنھنجو تجربو آھي ته ٻار کي ڪتاب وٺي ڏبو يا کيس ڪھاڻي شاعري پاڻَ پڙھي ٻڌائبي ته ھن جو ڪتابن سان چاھُه لازمي ٿيندو. منھنجو پٽ فھيم فاروق ڏھين درجي جو شاگرد آھي. مون کيس شروع کان ڪتاب پڙھڻ جي ھيرَ وِڌي آھي. ھاڻ ھو مطالعي جو ايترو ته ھيراڪ آھي جو نئون ڪتاب نه ملڻ تي ورائي ورائي ساڳيا ڪتاب ٻيھر پڙھندو آھي. بحيثيت استاد مون پنھنجي اسڪول ۾ به ننڍڙي لائبريري جوڙي آھي. سڄي اسڪول جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ان لائبريريءَ مان ڪتاب کڻي پڙھن ٿا. اسان ھڪٻئي کي ڪھاڻيون پڙھي ٻڌائيندا آھيون ۽ انهن بابت ڳالهائيندا آھيون. ڪجهه ٻار پتڪڙيون ڪھاڻيون به لکندا آھن ۽ ڪيترائي شاگرد شاگردياڻيون اھا شڪايت ڪندا آھن ته سائين ڪيترن ڏينھن کان اوھان ڪو نئون ڪتاب ناھي آندو. اسان ساڳيا ڪتاب پيا پڙھون. منھنجي پٽ فھيم به ھڪ ڪھاڻي لکي آھي ۽ ھو منھنجي لکيل ڪھاڻين بابت مون کي ڏاڍيون ڪارائتيون صلاحون پڻ ڏيندو آھي. سو چوڻ جو مقصد اھو آھي ته دنيا ۾ بدلاءُ اچڻ، فطري عمل آھي. نيون نيون ايجادون ته ٿيڻ کپن ۽ ٿين پيون. بس اسان کي اھو فيصلو ڪرڻو آھي ته بحيثيت ماءُ پيءُ يا استاد جي اسان ڪھڙي ڄمار جي ٻار کي ڪھڙي شئي جي ويجهو ڪيون ۽ ڪھڙي شئي کان پاسو ڪرايون. اوھان پنھنجي سوال ۾ ادبي ڪتابن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ بابت به پڇيو آھي ته ان بابت منھنجو عرض اھو آھي ته ٻارن جي نصاب ۾ شامل سڀئي سبق ڪھاڻيءَ جي شڪل ۾ ئي ھئڻ گهرجن ۽ انهن جا ڪردار پکي، جانور، جيت ۽ ھر اھا ساھواري يا بي ساھي شئي ھئڻ کپي جنھن ۾ ٻارَ دلچسپي رکن ٿا. اوھان سوڌو ٻارن جا ليکڪ اھو ڪم ڏاڍي سٺي نموني ڪري سگهن ٿا ۽ مون کي سئو سيڪڙو پڪَ آھي ته ان سان ٻار جي ذھن تي ھاڪاري اثرَ پوندا. سوال ۶: توھان اردو ۽ سنڌي ٻنهي ٻولين ۾ لکو ٿا. ڇا سنڌي ٻارن جي ادبَ کي ترقي يافته چئي سگهجي ٿو؟ جي نه ته پوءِ، پوئتي رھڻَ جا سبب؟ ٻنهي ٻولين جي حوالي سان جواب ڏيو؟ جواب: سنڌيءَ ۾ ٻارن جي ادب جي اھا ئي حالت آھي، جيڪا سنڌ ۾ ٻارَ جي آھي. جيئن سنڌ جو ٻارُ، کاڌ خوراڪ، صحت جي سھولتن ۽ تعليم جي جديد وسيلن کان محروميءَ جو شڪار آھي، تيئن ئي سنڌي ٻارن جو ادب پڻ استحصال جي ور چڙھيل آھي. اخبارن ۾ ٻارن جي ادب لاءِ صفحا بند ٿي ويا آھن. اشاعت جي ناليوارن ادارن وٽ ٻارن جي ادب لاءِ وِٿي صفا سوڙھي آھي ۽ اھي ھڪ ورھيه ۾ جيڪڏھن ڏھه ڪتاب شايع ڪن ٿا ته انهن ڏھن مان رڳو ھڪ ڪتاب ٻارن جي ادب جو ھجي ٿو. ڪڏھن ڪڏھن ته اھو ھڪ به نٿو شايع ٿئي. گڏ جيڪڏھن ٻارن جي ماھوار رسالن تي نِھارَ وجهبي ته اسان کي رڳو گل ڦل ئي ڏسڻَ ۾ ايندو، جيڪو ھر مھيني پابنديءَ سان شايع ٿئي ٿو. “مرلن” ميگزين ۽ سنسار پبليڪيشن وارن دوستن جو “اتساھه”، اھي ٻئي رسالا ٽماھي آھن. اھا صورتحال ڳڻتيءَ ۾ وجهندڙ آھي ۽ ان مان چِٽو آھي ته سنڌيءَ ۾ ٻارن جو ادب ترقي يافته ته ٺَھيو پر ترقي پذير به ناھي. جڏھن ته ساڳئي وقت اردو ٻارن جي ادب جي صورتحال ڏاڍي سٺي آھي. مون کي اردو اخبارن ۾ ٻارن جي صفحن بابت ته ڄاڻ ناھي، پر ماھوار رسالا جهجهي انگ ۾ شايع ٿين ٿا. انهن جا اشاعتي ادارا، ٻارن لاءِ ڪھاڻين جا ڪتاب به شايع ڪن ٿا، جيڪي وڏي انگ ۾ وڪرو ٿين ٿا. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ٻارن جي ادب ۾ ايڏي وڏي فرقَ جو ڪارڻ رڳو ھڪ آھي ۽ اھو آھي موضوع جي ورائٽي. اردوءَ ۾ ٻارن جو اديب جاسوسي، پراسرار، سائنسي، شڪاريات ۽ مھم جوئيءَ سوڌو انيڪ موضوعن تي لکي ٿو. جڏھن ته سنڌي ٻارن جو اديب روايتي موضوعن کي چھٽيل آھي ۽ ان جو سمورو زور ٻارَ کي “سبق” ڏيڻَ تي ھوندو آھي. نصيحت ڪرڻ ڪَسي ڳالهه ناھي، پر ٿورو ڌيان ڌَرجي تہ صبح جو اسڪول ويل ٻار، منجهند جو گهر موٽي ٿو. اڃان چيلهه سِڌي مسَ ٿو ڪري ته کيس ٽيوشن تي روانو ڪيو وڃي ٿو. اتان شام جو واپس اچي ٿو ته ڪجهه وندر سندس حق آھي. جي ان مھل کيس روايتي موضوعن وارو ڪو ڪتاب ڏينداسين ته ھو پاڻ کي ھڪ ڀيرو وري اسڪول جي ڪلاس روم يا ٽيوشن سينٽر تي ويٺل محسوس ڪندو. اوھان ٻڌايو ته ان مھل کيس ڪا نصيحت وڻندي؟ ڇا ڪا نصيحت ان جي دماغ ۾ گهر ڪري سگهندي؟ بنهه ڪو نه. ان مھل ته کيس ڪا دلچسپ ڪھاڻي ئي متاثر ڪندي. ھڪ اھڙي ڪھاڻي جنھن منجهه اھي سڀ ڪردار ھجن جن کي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ ۾ ھُو دلچسپي وٺندو آھي. جيئن پرڏيھي ادب جا ڪردار آھن ھيري پوٽر، ٽارزن، موگلي، سپرمين، اسپائيڊر مين، ٽام ۽ جيري، ڪَريج- ھڪ ڊڄڻو ڪتو، مِڪي مائوس، پَلوٽو، ڊونلڊ ڊَڪ، داستان امير حمزہ وارو عمرو عيار، الف ليليٰ- ھزار داستان وارا ڪردار الہ دين، سندباد، علي بابا يا اردو ٻوليءَ جا مشھور ڪردارَ علي عمران، انسپيڪٽر جمشيد، عنبر ناگ ماريا، چلوسڪ ملوسڪ ۽ ٻيا الاھي سارا. اھي سڀ ڪردار پھريان ڪھاڻين ۽ ناولن جي شڪلين ۾ لکيا ويا پوءِ وري انهن مان گهڻن تي ڪومڪ سيريز پڻ لکيو ويون ۽ ٽي وي سيريز توڙي فلمون پڻ ٺاھيون ويون. اسان روايتي موضوع کي چنبڙيل رھياسين ۽ اسان جو ٻارُ ڪنھن به سپر ھيرو توڙي غير روايتي موضوع تي ڪا وندرائيندڙ ڪھاڻي پڙھڻ کان محروم رھيو ۽ ساڳين موضوعن تي ساڳئي نموني جي ڪھاڻي پڙھڻ جو چائلڊ ليبر ڪندو رھيو ۽ اڄ به ڪري پيو. جي سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ ٻارن جي گهڻائيءَ کي ڪتاب ڏانھن آڻڻو آھي ته پوءِ اوھان مون سوڌو سڀني ٻارن جي اديبن کي، پنھنجي سنڌي ٻار کي سپر ھيروز ڏيڻا پوندا. نوان موضوع ڳولي تجربا ڪرڻا پوندا. سنڌي ٻارن جي ادب کي بچائڻ لاءِ اھي وکون، ترت بنيادن تي کڻڻيون پونديون. سوال ۷: ٻارن لاءِ پنھنجو پيغام ڏيو؟ جواب: ٻارن بدران جي مان ماءُ پيءُ ۽ استاد کي عرض ڪيان ته سٺو ٿيندو. مانوارا والدين ۽ استاد صاحبان، جيئن پنھنجن ٻارن کي ھر ٽئين چوٿين مھيني نئون وڳو، جُتي، بُوٽ وٺي ڏيندا آھيو. جيئن کين روز جي بنياد تي چاڪليٽ، چپس، ٽافيون، سوپاريون، کارا مٺا بسڪوٽ، ڇولا ۽ بريانيءَ جي پليٽ وٺڻ لاءِ ڏوڪڙَ ڏيندا آھيو، تيئن ئي جيڪر مھيني ۾ ھڪ ڀيرو کين ڪھاڻي ڪتاب به وٺي ڏيندا ڪيو ته واهه جو ڪم ٿي پئي ۽ جڏھن ھُو اھو پڙھي وٺن ته کانئن ان بابت ڪي سوال به پڇندا ڪيو يا بحث ڪندا ڪيو. ان سان ٻارَ ۾ ھاڪاري بدلاءُ ايندو ۽ سندس نصابي سرگرمين تي سٺا اثرَ پوندا. ٻارن ۾ اکر ۽ لفظ سڃاڻڻ جا ڳڻَ سگهارا ٿيندا، سندن صورتخطي پڻ سُڌرندي. Post Views: 308