نئون

آئي فون کان به سنهڙو ٽي. وي تيار

چين پاران آئي فون کان به سنهڙو ٽي. وي تيار ڪيو ويو آهي. چين هن وقت ٽي. وي تيار ڪندڙ ملڪن ۾ سڀ کان وڏو ملڪ آهي، جيڪو سڄي دنيا ۾ استعمال ٿيندڙ ٽي. وي سيٽن مان سٺ سيڪڙو ٽي. وي ٺاهيندو آهي. ان ٽي. وي جي ٿولهه صرف 3.65 ملي ميٽر آهي جنهن کي هٿ ۾ آساني سان کڻي ڪنهن به ڀت تي لڳائي سگهجي ٿو. هن وقت اهڙو ٽي. وي 65 انچن جي سائيز ۾ ٺاهيو ويو آهي.