ٻارن کي ننڊ ڏيارڻ وارو الارم وارو گهڙيال تيار
آمريڪي ڪمپني ٻارن کي ننڊ ڏيارڻ وارو الارم گهڙيال تيار ڪيو آهي. ان گهڙيال جو نالو مِيلا رکيو ويو آهي. ان مان رات جو هلڪي روشني به نڪرندي آهي. ان کانسواءِ ان گهڙيال مان هلڪي موسيقي به ايندي رهندي آهي جيڪا پاڻي جي ڪرندڙ ڦڙن ۽ سمنڊ جي لهرن جي آواز تي ٻڌل هوندي جيڪو ڪنهن لولي وانگر ٻارن کي ننڊ ڪرائيندو. بونس جي صورت ۾ هن گهڙيال ۾ صبح جو ٻارن کي اٿارڻ جو به فنڪشن رکيل آهي جيڪو صبح جو هلڪيون روشنيون ڪڍندو ۽ هلڪو ميوزڪ به ٻڌائيندو.