پاڪستاننيو‍‍ز

سنڌ حڪومت صرف ٽن مهينن جو بجيٽ ڏيندي

وفاق ۾ سڀاڻي 5000 ارب رپين جو بجيٽ پيش ڪيو ويندو جنهن بعد صوبا پنهنجو بجيٽ ڏيندا. جنهن لاءِ سنڌ حڪومت چيو آهي ته اها صرف ٽن مهينن جو بجيٽ ڏيندي. هن جو سبب اهو ٻڌايو ويو آهي ته ايندڙ حڪومت پنهنجو باقي 9 مهينن جو بجيٽ پنهنجي مرضي سان ڏئي سگهي ٿي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڊولپمينٽ ۽ نان ڊولپمينٽ جا فنڊ ۽ پگهارن جو بجيٽ هڪ سال لاءِ پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته باقي بجيٽ صرف سيپٽمبر تائين پيش ڪيو ويندو. هن چيو ته هن جو مقصد ايندڙ حڪومت کي اختيار ڏيڻ آهي ته اها پنهنجي حڪومت جو بجيٽ پاڻ ڏئي.