نئون

سياسي بنيادن تي قرض معارف ڪرائيندڙن جا اثاثا ضبط ڪنداسين

سپريم ڪورٽ ۾ قرض معافي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذار پاران چيو ويو ته نواز شريف، بينظير، جوڻيجو، يوسف رضا گيلاني، چوڌري برادران به قرض معاف ڪرايا آهن. نيشنل بينڪ جي وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي چيو ته عدالت پاران بينڪ جا قرض معاف ڪرائڻ جي تحقيقات لاءِ ڪميشن جوڙيو هو. اهي قرض معاف ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بينڪ سرڪيولر جاري ڪيا هئا. چيف جسٽس چيو ته 54 ارب جا قرض معاف ڪرايا ويا هئا پراڻن ڪيسن کي به کولي رهيو آهيان. سياسي بنيادن تي قرض معاف ڪيا ويا آهن. ڪميشن جي رپورٽ اچڻ تي به مقدمي جي ڪارروائي ناهي ٿي. ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته 223 قرض معافي جا ڪيس مشڪوڪ آهن. آخر ۾ چيف جسٽس چيو ته سياسي بنيادن تي قرض معاف ڪرائيندڙن جا قرض واپس ڪرايا ويندا. جيڪڏهن قرض واپس نه ڪيا ويا ته مقرر وقت جا صنعتي يونٽ ضبط ڪيا ويندا. جنهن کانپوءِ چيف جسٽس هڪ هفتي اندر قرض رڪوري جي سمري ٺاهي ڏيڻ لاءِ چيو. اڃان ته اهو ڏسڻو آهي ته هن ڪيس کي ڪيئن هلائڻو آهي. 2007 کان هي معاملو رڪيل آهي.