هن وقت خيبر پختونخواهه جي علائقي تيراهه جي واديءَ ۾ ماڻهو اتان کان عارضي نقل مڪاني ڪري رهيا آهن. جنهن جو سبب اتي ٿيندڙ دهشتگردي ۽ دهشتگردن جي جمع ٿيڻ سبب رياست جو آپريشن جو اعلان پڻ آهي. جنهن جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته ڊپٽي ڪمشنر خيبر 28 آڪٽوبر تي صوبائي حڪومت کي باضابطا طور آگاهه ڪري ڇڏيو هو، پر حڪومت طرفان بروقت انتظام نه هجڻ سبب ۽ شديد برف باري جي دوران هن وقت هزارين ماڻهو مشڪل حالتن ۾ ڦاٿل آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن هڪ علائقي جا ماڻهو تمام خراب صورتحال ۾ ڦاٿل هجن ان تي وفاق جو وزير عطا تارڙ سختيءَ سان ان ڳالهه کان انڪار ڪري رهيو آهي ته اهو حڪم اسان ناهي ڏنو ۽ اهي هزارين ماڻهو خبر ناهي ته ڪنهن جي چوڻ تي گهر ڇڏي رهيا آهن. حقيقت اها آهي ته مختلف خبرن مطابق اهي ماڻهو سيڪيورٽي فورسز جي اتي ممڪنه آپريشن جي ڪري اهو علائقو خالي ڪري رهيا آهن. ان کان علاوه اهو به ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ته اتان جا ماڻهو اڪثر هن موسم ۾ پنهنجي مرضيءَ سان اهو علائقو خالي ڪري اتان کان ٻين علائقن ۾ گهر ڪرائي تي وٺي يا پنهنجن مائٽن وٽ وڃي ٻه مهينا رهندا آهن، پر هن وقت مسئلو اهو آهي ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ تيراهه جي واديءَ ۾ هڪ آپريشن جو اعلان ڪري ڇڏيو هو ۽ هن وقت ماڻهن جي لڏپلاڻ کي صوبائي ۽ وفاقي حڪومتن جي گڏيل ڪوششن سان مدد ڏئي انهن کي مالي امداد سان ڪئمپن ۾ ترسايو وڃي ها يا جيڪڏهن اهي پنهنجي ڪنهن مائٽ جي گهر رهڻ چاهين ته انهن کي اتي رهائش لاءِ خرچ ڏنو وڃي ها، پر حالتون بلڪل ان جي ابتڙ آهن.
ڪي پي ڪي حڪومت ۽ وفاق ۾ هن وقت سخت تڪرار هلي رهيو آهي ۽ ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي موقف تي سختيءَ سان بيٺل نظر اچن ٿيون. جڏهن ته وفاق هڪ مهربان پيءُ وانگر هجڻ گهرجي جيڪو پنهنجي سڀني ٻارن (صوبن) کي برابريءَ جي بنياد تي تحفظ ڏئي ۽ انهن جي حقن جو خيال رکي، پر تيراهه واديءَ جي لڏپلاڻ اسان کي ان ڳالهه جي يادگيري ٿي ڏياري ته ڪراچي ۾ ڪنهن به بدانتظامي سبب سنڌ دشمن عناصر هڪدم اها ڳالهه رڙيون ڪري بلند آواز چون ٿا ته هڪدم ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي. جڏهن ته وفاق جو حال هي آهي ته وفاق تيراهه جي واديءَ ۾ ٿيندڙ لڏپلاڻ کي قبول ڪرڻ کان ئي انڪاري آهي. هن وقت خبرن مطابق 50 سيڪڙو اسلام آباد جي عمارتن ۾ باهه کي وسائڻ جي لاءِ ڪي به انتظام موجود ناهن ته ڇا اها فرمائش ڪرڻ مناسب ٿيندي ته وفاق جي گاديءَ جو هنڌ صوبن جي حوالي ڪيو وڃي؟ حالانڪه وفاق کي رول ماڊل هجڻ گهرجي. هي اهو شهر آهي جنهن ۾ سڄي پاڪستان جا وسيلا پهچن ٿا ۽ گاديءَ جي هنڌ جي ذريعي ملڪ کي اسان سڄي دنيا جي اڳيان شوڪيس ڪيون ٿا، پر هن وقت وفاق جي خبرن ۾ به اسان کي ڪجهه سٺيون خبرون ٻڌڻ ۾ نٿيون اچن، اتان جا جهنگ ۽ ٻيلا ڪٽجي رهيا آهن، زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن، پر اتان جي انتظاميه اسان کي غفلت جو شڪار نظر اچي ٿي. هن ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان اسان کي پنهنجي ملڪ سان محبت ان ڳالهه تي مجبور ڪري ٿي ته اسان انهن مسئلن تي ڳالهايون جيڪي پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پيدا ڪيا وڃن ٿا.
جيئن ڪراچي ۾ گل پلازه ۾ لڳل باهه کانپوءِ اردو ميڊيا ۾ هڪ باهه لڳل آهي ۽ اها يڪطرفو بيانيو ٺاهي هڪ سنڌ دشمن بيانيي کي مضبوط ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. هن وقت تيراهه واديءَ جا ماڻهو ٻٽي مصيبت جو شڪار آهن. هڪ پاسي اهي دهشتگرديءَ جو شڪار آهن ته ٻئي پاسي موسم خراب هجڻ جي ڪري اهي گاڏين ۾ ڦاٿل آهن. جڏهن ته هڪ پاڪستاني جي حيثيت سان انهن کي مڪمل امن امان واري صورتحال مهيا ٿيڻ گهرجي ۽ ٻيو انهن کي هڪ اهڙي وقت ۾ لڏپلاڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻو پيو آهي جنهن وقت ۾ موسم شديد ٿي چڪي آهي، برف باري جي ڪري رستا بند ٿي چڪا آهن. هن وقت خبر ناهي ته انهن ۾ ڪيترا ماڻهو بيمار هوندا، عورتون کي ڪيترا مسئلا سامهون هوندا، ننڍا ٻار پنهنجي ڪمزوريءَ جي ڪري سخت حالتن کي ڪيئن برداشت ڪري رهيا هوندا؟ انهن ماڻهن جي مدد لاءِ وفاق، ڪي پي ڪي حڪومت ۽ اسان جي فوج جي دستن کي هڪدم پهچي انهن جي مدد ڪرڻ گهرجي. ڇو ته فاٽا صوبو ڪي پي ڪي ۾ ضم ٿي چڪو آهي، اتي هن وقت هڪ صوبي وارو نظام قائم آهي. تنهنڪري انهن ماڻهن کي مڪمل طور تي تحفظ فراهم ڪري انهن جي مالي مدد ڪئي وڃي، انهن کي گرم ڪپڙا، ڪمبل ۽ کاڌ خوراڪ پهچائي انهن جون جانيون بچايون وڃن. نه ته پوءِ وفاق جي مٿان به ڪيترائي هٿ کڄي سگهن ٿا ۽ وفاق پوءِ اڳتي جي لاءِ جڏهن به ڪو اهڙو آپريشن ڪندو ته اتان جو عوام وفاق سان گڏ بيهڻ بجاءِ ان جي مخالفت ڪندو ۽ هيءَ صورتحال اسان جي انهن ڀائرن کي به ڏسڻ گهرجي جيڪي بار بار ڪراچيءَ کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جي فرمائش ڪندا رهن ٿا.