سنڌ حڪومت هسٽري ميوزيم ٺهرائيندي

سنڌ حڪومت ڪراچي اندر هڪ هسٽري ميوزيم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن ميوزيم ۾ ڪلچرل سينٽر به ٺاهيو ويندو. هن قسم جو اعلان ڪراچي ۾ هڪ ميٽنگ ۾ سنڌ جي چيف سيڪريٽري سيد ممتاز علي شاهه ڪيو. هن موقعي تي ڪراچي جو ڪمشنر افتخار احمد ۽ آسڪرڊ ايوارڊ ونر شرمين عبيد چناءِ پڻ موجود هئي. چيف سيڪريٽري چيو ته ميوزيم ۽ ڪلچر سينٽر ۾ پاڪستان جي تاريخ ۽ ثقافت بابت نمائشون ڪرايون وينديون. جنهن ۾ تصويرون، اخبارون، مضمون، ذاتي خط ۽ ٻيو سامان پيش ڪيو ويندو.