داعش نئين اڳواڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پرڏيهي شدت پسند تحريڪ داعش پاران پنهنجي اڳواڻ ابوبڪر البغدادي جي موت جي تصديق ڪندي نئين اڳواڻ جو اعلان ڪيو آهي. داعش جي ترجمان ابوالحسن المهاجر جي موت جي به تصديق ڪري ڇڏي آهي، جيڪو سعودي شهري ۽ ابوبڪر البغداديءَ جو جان نشين هو. پنهنجي بيان ۾ داعش جي ترجمان ابو حمزا القريشي پنهنجي پيروڪار  کي چيو آهي ته هو ابو ابراهيم الهاشمي جي بيعت ڪن ساڳي وقت هن آمريڪا کي مخاطب  ٿيندي چيو آهي ته خوشيون نه ملهايو. ٻئي طرف داعش جي نئين اڳواڻ جي ڪابه تصوير يا ڪا شناخت سامهون نه اچي سگهي آهي. ياد رهي ته داعش 2014 ۾ عراق ۽ شام جي وڏي علائقي تي قبضو ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪرڻ کانپوءِ ابوبڪر الغداديءَ کي پنهنجو نئون اڳواڻ مقرر ڪيو هو. واضح رهي ته گذريل هفتي آمريڪا داعش جي ٺڪاڻي تي حملو ڪري ابوبڪر الغبداديءَ کي قتل ڪيو هو.