نواز شريف جيل مان اسپتال منتقل سندس وڌيڪ ٽيسٽون اڄ ٿينديون

 

 

اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي اڊيالا جيل مان پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جتي هن جو معائنو دل جي ماهر ڊاڪٽر ڪيو ۽ نواز شريف جي يورين ٽيست به ورتي وئي آهي. نواز شريف جي اي سي جي به غير تسلي بخش آئي آهي. اڳوڻي وزير اعظم جي طبيعت اچانڪ خراب ٿي وئي. جنهن سبب هن کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. نواز شريف کي جيل مان ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو. اسپتال منتقلي کان پهريان هن جي ملاقات مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر سان ڪرائي وئي. ايمبولينس ۾ نواز شريف جو ڊاڪٽر عدنان به موجود رهيو. واضح رهي ته آچر جي صبح جو نواز شريف جي طبيعت اچانڪ خراب ٿي وئي ۽ هن جي ٻنهي ٻانهن ۾ سور پئجي ويو. جنهن بعد هن جو طبي معائنو ڪيو ويو جنهن ۾ هن جي رت ۾ ڪلاٽس جي موجودگي ملي. ۽ هن جي اي سي جي به غير تسلي بخش آئي. جنهن بعد ڊاڪٽر نعيم ملڪ نواز شريف کي اسپتال منتقل ڪرڻ جوچيو ۽ جيل انتظاميه پاران عبوري حڪومت کان ان جي اجازت گهري جنهن پاران اجازت ملڻ بعد نواز شريف کي اسپتال نيو ويو. تازين خبرن مطابق نواز شريف جون اڄ ڪجه وڌيڪ ٽيسٽون به ڪيون وينديون.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments