نئون

 ملڪ اندر ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي تي پابندي

هائر ايجوڪيشن ڪميشن پاران ملڪ جي 13 اعليٰ تعليمي ادارن تي ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي ڪرائڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي. هي قدم ڊسٽنس لرننگ ڪورسن تي ايڇ اي سي جون شرطون پوريون نه ڪرڻ تي کنيو ويو آهي. هن قدم ڪري 4 هزار شاگرد متاثر ٿيندا. جڏهن ته ايڇ اي سي پاران اهڙن شاگردن کي چيو ويو آهي ته اهي ٻين ادارن ۾ داخلا وٺي سگهن ٿا ان لاءِ ايڇ اي سي جي شرطن تي عمل ڪرڻو پوندو. جنهن ادارن تي هن پابندي جو اثر پوندو انهن ۾ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي اسلام آباد، ورچوئل ڪئمپس، ڪومسيٽ انسٽيٽيوٽ آف انفارميشن اينڊ ٽيڪنالاجي اسلام آباد، يونيورسٽي آف پشاور، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ سنڌ يونيورسٽي سان گڏ ٻيا ادارا به شامل آهن. ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختيار هن بابت ڳالهائيندي چيو ته هي قدم شاگردن جي مستقبل کي بهتر بنائڻ لاءِ کنيو ويو آهي. هن چيو ته هي ادارا اهي آهن جن قانوني طور تي ڊسٽنس ايجوڪيشن فراهم نه پئي ڪئي. ايڇ اي سي طرفان انهن کي چيو ويو هو ته اهي ادارا پرائيويٽ پروگرام ختم ڪري انهن شاگردن کي رجسٽر ڪن ۽ انهن کي انڊر گريجوئيٽ جي سطح  تي ڊگري پروگرام ۾ شامل ڪيو وڃي. پر انهن ائين نه ڪيو ۽ انهن ادارن ان ساڳئي پروگرام ۾ پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل جي ڪورسن کي به شامل ڪري ڇڏيو، جيڪو قانوني طور تي درست نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙن ٻين ادارن ۾ ايڇ اي سي پاران مختلف وقتن تي دورو ڪيو ويو هو ۽ انهن ۾ هن قسم جي ڪورسن کي ختم ڪرايو ويو هو. ڊاڪٽر مختيار چيو ته پي ايڇ ڊي پروگرام ڪرائڻ لاءِ ان جي فيڪلٽي جو هجڻ ضروري آهي ۽ انرولمينٽ لاءِ به هڪ حد جو مقرر هجڻ ضروري آهي.