لاڙڪاڻي ۾ ايڊز جا 49 وڌيڪ ڪيس سامهون اچي ويا
لاڙڪاڻي جي انچارج ايڊز ڪنٽرول پروگرام ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ مطابق رتوديرو ۾ اڄ 920 شهرين جي رت جا نمونا ورتا ويا جنهن مان 49 ڄڻن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز هجڻ جي تصديق ٿي وئي آهي. جنهن مان 38 مرد ۽ 11 عورتون آهن. ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ وڌيڪ چيو ته 13 ڏينهن ۾ 7 هزار ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي وئي آهي، جنهن مان هن وقت تائين 324 ڄڻن ۾ ايڇ آءِ وي جي تصديق ٿي وئي آهي. ڊاڪٽر سڪندر ميمڻ مطابق ايڇ آءِ وي جي ڦهلجڻ جو اهم سبب هڪ سرنج جو هڪ کان وڌيڪ دفعا استعمال هئڻ آهي. جڏهن ته وائرس جي ڦهلاءَ جو ٻيو سبب غير معياري ۽ متاثر رت جي منتقلي به آهي.