خاصنئون

ايفي ڊرين ڪيس جو ملزم وفاقي حڪومت جو حصو بڻجي ويو

وفاقي حڪومت ايفي ڊرين ڪيس جي ملزم انصار فاروق چوڌري کي وفاقي صحت واري وزير جي اڳواڻي ۾ ٺاهي ويندڙ اعليٰ سطح جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو ميمبر بڻائي ڇڏيو آهي اها ڪميٽي اسلام آباد ۾ هيپاٽائيٽس ڪنٽرول پروگرام لاءِ ڪم ڪندي. واضح رهي ته انصار فاروق چوڌري کي ايفي ڊرين ڪيس ۾ ملزم نامزد ڪيو ويو هو هن تي الزام هو ته ايفي ڊرين جيڪا گهٽ مقدار ۾ درآمد ڪئي ويندي آهي ان کي ٻن دوا ٺاهيندڙ ڪمپنين ايم ايس برلڪس ۽ ڊينس کي 9 هزار ڪلو گرام جي مقدار ۾ جاري ڪيو هو. جيڪا بعد ۾ منشيات جي تياري ۾ استعمال ٿي.