بلاگنئون

موسمياتي تبديليون، ٻوڏون ۽ برساتن جون تباهيون!

دنيا جي ملڪن ۾ ڪجهه سالن کانپوءِ ڪيتريون ئي زندگيون ٻوڏن جي ور چڙهي وڃن ٿيون. ڪيترائي ڳوٺ تباهه ۽ برباد ٿي وڃن ٿا. لکين ايڪڙ ايراضي تباهه ٿي وڃي ٿي ۽ بي حساب ڍور ڍڳا موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا. موجوده ٻوڏ جي تباهين هن ملڪ جي انفرااسٽرڪچر کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جهڙي ترقي پزير ملڪ ۾ ماحولياتي تبديلين جي ڪري اچڻ وارين قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وسيلا موجود نه آهن.

موجوده آفتن کان گهڻا ئي ماڻهو متاثر ٿيا آهن. عالمي ادارن جي انگن اکرن جي مطابق 2000 کان مٿي ماڻهو زندگي جي بازي هارائي چڪا آهن، مگر حقيقي انگ اکر انهيءَ کان به وڌيڪ آهن. 5 مهينا ٿيڻ وارا آهن ۽ اڃان تائين لکين ماڻهو کليل آسمان جي هيٺان بي يارو مددگار ويٺا آهن. سوشل ميڊيا تي ايندڙ اهڙيون ڪافي دل کي جهوريندڙ تصويرون سامهون اچن ٿيون ته ايڪيهين صديءَ جي ترقيءَ جي باوجود انسانيت لاچار ۽ بيوس محسوس ٿئي ٿي. ڪٿي معصوم ٻارڙن جون دانهون ڪوڪون آهن، ته ڪٿي پنهنجن جي لڙهي وڃڻ تي ماتم. ڪٿي ٻوڏن سان رهڙجي ايندڙ مٽيءَ ۾ دٻيل لاش جن جا صرف هٿ ڏسڻ ۾ اچن ٿا. هڪ اڳوڻي وزيراعظم چيو آهي ته اهي ٻوڏون مستقبل ۾ سُڪار جو سبب بڻبيون. مگر کيس اهو پتو ناهي ته مستقبل ۾ ايندڙ اهو سُڪار هن وقت انساني لاشن کي خوراڪ بڻائي رهيو آهي.

ڪيتريون ئي وسنديون ٽنن جي حساب سان مٽيءَ جي هيٺان ڌٻجي ويون آهن. ڪچي ڪينال جي علائقي ڪوچا ڪاڪري ۾ 20 ڳوٺ ۽ هزارين ايڪڙ سارين جي فصل جو ڪو نشان ئي نه رهيو آهي. ڪوهه سليمان جي ٻوڏ وارو وهڪرو ته هتان کان گذري ويو، پر هاڻي پٺيان 6 کان 8 فوٽ جي مٽي ۽ ريتي جا ڍير آهن، جن جي هيٺان ڪيترائي ڳوٺ ۽ ٻهراڙيون دٻجي چڪيون آهن.

موجوده ٻوڏن جي تباهين جو بنيادي سبب عالمي پيماني تي ٿيڻ واريون تبديليون آهن. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ معمول کان اٺ ڀيرا وڌيڪ برسات پئي آهي، جنهن جي سبب ڪيترائي ڳوٺ برباد ٿي چڪا آهن. ماحوليات جي ماهرن جي مطابق ملڪ جو ڳچ حصو ٻوڏ جي ور چڙهيل آهي، جيڪو ايراضي ۾ ملڪه وڪٽوريا جي رياست برطانيه کان به وڌيڪ آهي. 5500 اسڪوائر ڪلوميٽر کان وڌيڪ حصو ٻوڏ جي ور چڙهيل آهي، جيڪو ڪوسٽاريڪا جي برابر آهي. ناسا جي مطابق 150 پليون تباهه ٿي چڪيون آهن، جيڪي پليون شهرن ۽ ٻهراڙين جي وچ ۾ رابطي جون نشانيون هيون.

شاهراهون ۽ رستا متاثر ٿيا آهن. 7 لکن کان وڌيڪ ڍور ڍڳا ۽ لکين ايڪڙ (25 لک ايڪڙ) تي مشتمل فصل ۽ باغ اجڙي چڪا آهن، 10 لک گهر تباهه ٿي چڪا آهن ۽ ڪيترائي ماڻهو در در جون ٺوڪرون کائڻ تي مجبور آهن. انهن ٻوڏن واري پاڻي کي سنڀالڻ جي لاءِ هتي ڪو بنيادي ڍانچو نه هو، ڪا منصوبا بندي نه هئي، (بس هئي ته رڳو ڪرپشن ۽ سياسي ڄُنڊا پٽ هئي) ڪا هنگامي امداد نه هئي، رستن جي چئني پاسي تنبوئن ۾ رهندڙ ماڻهن جون دل جهوريندڙ ڪهاڻيون آهن. ڪجهه خاندانن سان گڏ بچي وڃڻ وارا ڍور ڍڳا بچيا آهن، مگر انهن جي لاءِ خوراڪ جو سخت بحران آهي، انهن سڀني علائقن ۾ انهن وٽ ڪا سهولت يا بحالي جو ڪو عمل موجود ناهي. سنڌ جي شهرن کان هرنائي تائين ۽ اتان کان وٺي خيبر پختونخواهه جي سوات ۽ مٽا تائين هر هنڌ ساڳئي صورتحال آهي. پنجاب ۽ بلوچستان کي ورهائڻ واري سليمان رينج جا قبيلا انهن ٻوڏن جي ڪري بلڪل تباهه ٿي چڪا آهن.

پر اهي آفتون جيتريون قدرتي ڏسڻ ۾ اچن ٿيون ۽ ٻڌايون وڃن ٿيون، ايتريون آهن ئي نه، موجود ٻوڏ جي تباهين ۾ هڪ وڏو عنصر انفرااسٽرڪچر جي بدحالي آهي، جتي جاگيردارن جاگيرون بچائڻ جي لاءِ پاڻي جو رخ بدلايو. اتي غير معمولي برساتن جي پاڻي کي ڪڍڻ جي لاءِ ڪو منظم طريقيڪار منڍ کان موجود ئي ناهي. هتي هڪ شهر يا آبادي کي بچائين ٿا ته ڪنهن ٻئي شهر يا آبادي کي ٻوڙائڻو پوي ٿو. سرڪاري انگن اکرن جي مطابق نقصان جو ڪاٿو 10 ارب ڊالر جو هنيو پيو وڃي. گذريل 25 سالن ۾ ٺهڻ وارو انفرااسٽرڪچر اڄ تباهه ٿي چڪو آهي.

فصلن جي تباهي اچڻ وارن ڏينهن ۾ بک ۽ ڏڪار کي به ساڻ کڻيو اچي. اها صورتحال بدترين شڪل اختيار ڪري سگهي ٿي. ٻوڏن واري علائقي ۾ کاڌ خوراڪ وارين شين جي شديد کوٽ آهي ۽ انهن جي قيمتن ۾ بي انتها واڌارو ٿي چڪو آهي. پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ جا اندريان ۽ ڏورانهان علائقا ٻوڏ جي ڪري هڪ ٻئي کان مڪمل طور تي ڪٽجي ويا آهن. هتي ماڻهو داليون اوٻاري کائين ٿا ۽ گڏ ئي ڪڻڪ جا داڻا پڻ اوٻاري کائين پيا. انهن ڏورانهن علائقن ۾ عام حالتن ۾ به زندگي صدين جون صديون پوئتي هلي رهي هئي، پر هن هنگامي صورتحال ۾ هتان جا رهواسي شديد مسئلن ۾ ڦاٿل آهن، جتي ڪنهن به قسم جي حڪومتي امداد پهچي نه سگهي آهي.

انهن ٻوڏن ۽ برساتن جي سبب پٺتي پيل علائقن ۾ غربت جون وڏيون گهرائيون آهن ۽ انهن سان لاڳاپيل ننڍڙا علاقائي شهر بنيادي طور تي زراعت تي ٻڌل واپار سان لاڳاپيل آهن ۽ ننڍڙا ڪاروباري شهر آهن، جن جي سياسي معاشيات جو دارمدار فصلن سان ڳنڍيل آهي. هتي ڪا صنعت ناهي ۽ نه ئي وڏي پيماني تي روزگار جا موقعا آهن، جنهن جا اثر تمام ستت چٽا ٿيڻ وارا آهن.

اسان کي اها ڳالھ به ذهن ۾ رکڻي پوندي ته پاڪستان جي معيشت جو وڏو حصو ڪاري ناڻي تي مشتمل آهي. موجوده ٻوڏن بي پناهه تباهڪارين کانپوءِ اسان جا حڪمران هڪ ڀيرو نماڻيون اکيون ڪيون عالمي امداد کي تڪي رهيا آهن ته جيئن عوام جي نالي تي ملندڙ امداد سان ٽجوڙين جا رهيل خانا ڀري سگهجن. جيئن 2010 جي ٻوڏ ۽ زلزلي جي وقت ڪيو ويو هو. اهائي امداد جي گهوٻي ڪاري معيشت سان گڏ سياسي ارادن جو پورائو ڪندي. انهيءَ ڪاري معيشت تي اها بدبودار سياست بيٺل آهي. پنهنجي بي حسي تي حڪمران طبقي جون پارٽيون عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪين ٿيون.

ٻيو وڏو مسئلو بيماريون تيزي سان پکڙجي سگهن ٿيون. ٻوڏن جي ۽ برساتن جي پاڻي سبب شهرن ۾ تعفن جي فضا جي سبب مليريا، ڊائريا ۽ چمڙيءَ جون بيماريون تيزي سان پکڙجي سگهن ٿيون. اسان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته موجوده ٻوڏن وارين تباهين جو بنيادي سبب ماحولياتي تبديليون آهن. انهن عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين هن ڌرتيءَ جي گولي تي انساني نسل جي بقا تي سنجيده قسم جا سوال بيهاري ڇڏيا آهن. ايمازون ۽ آسٽريليا ۾ باهيون آهن، برطانيه جهڙي ملڪ ۾ هيٽ ويوز کان ماڻهو مري رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏن جون تباهيون آهن. هتي به ڪجهه مهينن يعني اونهاري واري موسم جي شروعات کان وٺي گرمي جو درجو رڪارڊ حد تائين جاري آهي. ايستائين ته دادو ضلعي ۾ گرمي جو درجو 54 ڊگري تائين پهتو. رپورٽن مطابق پاڪستان ماحولياتي آلودگي کان متاثر ٿيڻ وارن پهرين ڏهن ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آهي. جڏهن ته عالمي ڪاربان جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. سامراج ۽ سرمائيداراڻن ترقي يافته ملڪن جي نفعي خوري واري لالچ جو نتيجو پاڪستان جهڙن پٺتي پيل ملڪن جي غريب عوام کي ڀوڳڻو پئجي رهيو آهي. پاڪستان ۾ 7000 کان وڌيڪ گليشيئرز آهن جيڪي پولر ريجن کان ٻاهر شايد ڪنهن هڪ ملڪ ۾ سڀ کان وڏو ذخيرو آهي.

موسمي شدت جي سبب اهي گليشيئرز پگهرجي رهيا آهن، جن جو پاڻي مون سون جي برساتن سان گڏجي تباهي پکيڙي رهيو آهي. اترين علائقن جي خوفناڪ ٻوڏ جو اهو هڪ ڪارڻ به آهي، جنهن کانپوءِ اهوئي پاڻي ڀر وارن علائقن کي ٻوڙيندو پيو وڃي. ان ماحولياتي بگاڙ جو سبب سرمائيداراڻي لالچ آهي ۽ اهو نظام انهن سمورين تباهين جو ذميوار آهي. پاڪستان ۾ معمول کان ٿوريون گهڻيون برساتون ڪراچي جهڙي وڏي شهر کي به معذور ڪري ڇڏين ٿيون. پوءِ سنڌ ۽ بلوچستان ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون ڳوٺن ۽ شهرن جو ڪهڙو حال ڪنديون. ان جو اندازو ڪرڻ مشڪل نه آهي، هتان جو موجوده انفرااسٽرڪچر گورن جو ٺهيل صديون پراڻو آهي، جيڪو ناڪاره ٿي چڪو آهي. حڪمران ان ۾ ڪهڙي بهتري آڻين ها بلڪه اهي ته ان کي قائم رکڻ ۾ به نااهل آهن. انفرااسٽرڪچر جي بهتري جي لاءِ گهڻو ناڻو گهربل آهي. صرف پاڻي جي نيڪال کي بهتر بنائڻ جي لاءِ هتي شهرن جا شهر پٽڻا پوندا. لاهور جي ڪيفيت اسان جي سامهون آهي، پر رياست ويچاري وٽ ته سرڪاري ملازمن کي پگهار ڏيڻ جيتري به واندڪائي ناهي. ملڪ جي حڪمرانن کي ڪجهه سالن کانپوءِ عالمي مالياتي ادارن کان سخت شرطن تي اڌارا پئسا وٺڻا پون ٿا.

گذريل ٻوڏن ۽ برساتن جي دوران پڻ “انقلابي امدادي و احتجاجي ڪيمپن” کي ملڪ گير سطح تي منظم ڪيو ويو هو. ته جيئن پنهنجي طبقي سان ٻڌي وارو رشتو برقرار رکي سگهجي ۽ امدادي انقلابي ڪيميٽين جو قيام عمل ۾ آندو ويو. ڇو ته سرمائيدار، جاگيردار، اين جي اوز ۽ حڪمران طبقو صرف وسيلن ڦرڻ تي يقين رکن ٿا. اهي تڏهن ئي برساتي ڏيڏرن جيان ميدان ۾ نڪري نروار ٿي اچن ٿا، جڏهن انهن جو سياسي فائدو ٿئي يا نئين سر تعمير جا فنڊز وٺي پنهنجن نفعن کي وڌائڻو هجي. هن وقت اهو فرض محنت ڪش طبقي، شاگرد، نوجوان، سياسي و سماجي ڪارڪن کي ادا ڪرڻو پوندو. ڇو ته هڪ غريب ۽ مظلوم جي ڏک، درد ۽ پيڙا کي محنت ڪش طبقو ئي سمجهي سگهي ٿو. نه ڪي امير حڪمران، نه ڪي جاگيردار ۽ نه عوام جي رت ۽ پگهر تي پلجندڙ نام نهاد وقتي سياسي فرد.