سئو سالن تائين ڪم ڪندڙ بيٽري
روس جي سائنسدانن هڪ اهڙي بيٽري ايجاد ڪئي آهي جيڪا لڳاتار سئو سالن تائين ڪم ڪندي رهندي، پر سوال اهو آهي ته ڇا دنيا اهڙي بيٽري کي استعمال ڪرڻ چاهيندي. اها ان ڪري ته اها نيو ڪليئر بيٽري آهي. ماسڪو ۾ قائم ٽيڪنالوجي انسٽيٽيوٽ آف سپر هارڊ اينڊ ناول ڪاربن مٽيريل جي ماهرن پاران هڪ تابڪار عنصر سان اها بيٽري تيار ڪئي آهي جنهن ۾ قدرتي طور تي Beta decay موجود هوندو آهي ۽ ان عمل سان وولٽيج پوٽينشل پيدا ٿيندو آهي. هي بيٽريون ننڍي سائيز جون آهن ۽ انهن جو استعمال انهن جاين تي ڪري سگهجي ٿو جتي بجلي چارج ڪرڻ مشڪل هوندو آهي، جيئن انساني جسم اندر پيس ميڪر يا خلا ۾ موڪليل سيٽلائيٽس شامل آهن. هي بيٽريون ننڍيون هئڻ ڪارڻ صرف 3300 ملي واٽ بجلي جي اسٽور ڪري سگهن ٿيون. هن قسم جون وڏيون بيٽريون ٺاهي مريخ ٿي ان کان اڳتي جي مشنز جي لاءِ انهن کي ڪم آڻي سگهجي ٿو، جتي وڃڻ لاءِ ڪيترا سال لڳي سگهن ٿا.

