وفاقي ملازمتن ۾ ڪوٽا جو مدو وڌائجي يا نه وفاقي ڪيبنيٽ ۾ بحث
اڱاري ڏينهن اسلام آباد ۾ وفاقي ڪابينا جي هڪ گڏجاڻيءَ ۾ 40 سال اڳ ٺاهيل وفاقي ڪوٽا سسٽم کي نئين سر جوڙڻ لاءِ تجويز ڏني وئي جيڪو 2013 ۾ مدي خارج ٿي چڪو آهي. 1973ع ۾ ڪوٽا سسٽم کي ٺاهيو ويو هو ته جيئن پٺتي پيل صوبا وفاقي آسامين ۾ پنهنجي آئيني حق مطابق حصو ماڻي سگهن پر گذريل چئن سالن کان مدي خارج ڪوٽا سسٽم کي ٻيهر نه جوڙيو ويو آهي. اجلاس ۾ پنجاب سان تعلق رکندڙ ڪجهه وفاقي وزيرن وفاقي ملازمتن ۾ صوبن جي ڪوٽا ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني ۽ موقف اختيار ڪيو ته ان سان ميرٽ جي حق تلفي ٿئي ٿي. انهن جو چوڻ هو ته ميرٽ جي گهٽتائي جي ڪري صوبن جون ڪافي سيٽون خالي رهجي وڃن ٿيون. جڏهن ته ننڍن صوبن سان تعلق رکندڙ وزيرن وفاقي ملازمتن ۾ ڪوٽا سسٽم بحال رکڻ جي تجويز ڏني آهي. ميٽنگ ۾ ان ڳالهه تي به بحث ٿيو ته پٺتي پيل علائقن کي رڳو نوڪرين مان ڪوٽا ڏيڻ سان ترقي نه ٿيندي پر اتي بنيادي زندگيءَ جي سهولتن کي به اپ گريڊ ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي جنهن ۾ تعليم، صحت، اجهو ۽ انفرااسٽرڪچر شامل آهن. ميٽنگ ۾ اها ڳالهه طئي ٿي ته ان مسئلي کي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ (CCI) ۾ آندو وڃي جتي چئني صوبن جي برابريءَ جي بنياد تي موجودگي آهي. ان کانسواءِ ان موضوع تي پارليامينٽ ۾ به بحث ٿيڻ گهرجي. ميٽنگ جي آخر ۾ ان ڳالهه جو به اظهار ڪيو ويو ته ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ صوبن کي گهڻي ڀاڱي آئيني خود مختياري حاصل آهي پر ان هوندي به صوبن ۾ ترقياتي ڪم نه هجڻ برابر ٿيا آهن. تعليم، صحت، سياحت، ليبر ۽ انساني حقن جي حالتن ۾ صوبن کي تڪڙو سڌارو آڻڻ گهرجي.