ايندڙ چونڊن ۾ فوج پولنگ اسٽيشنن جي نگراني ڪندي
جولاءِ ۾ ٿيندڙ چونڊن ۾ فوج 85 هزار پولنگ اسٽيشنن تي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪئي ويندي، جنهن سان گڏ 20 هزار پولنگ اسٽيشنن تي ڪئمرا به لڳايا ويندا. ڪالهه اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين سردار محمد رضا پاران نون مقرر ٿيل چيف سيڪريٽري، نون آءِ جيز ۽ آرمي ۽ ايجنسين جي ترجمانن سان ڪيل ميٽنگ ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو. ميٽنگ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اليڪشن ڪميشن جي ڊائريڪٽر ميڊيا کي ٻڌايو ته وڌيڪ فوج حساس پولنگ اسٽيشنن تي مقرر ڪئي ويندي. هن اهو به چيو ته بيلٽ پيپر به فوج جي نگراني ۾ ڇاپيا ويندا ۽ فوج جي نگراني ۾ ئي پولنگ اسٽيشنن تائين پهچايا ويندا. هن چيو ته گذريل چونڊن ۾ سياسي ليڊرن ۽ اليڪشن ڪميشن جي عملي جي ماڻهن کي به چونڊن دوران نقصان پهچايو ويندو رهيو آهي ان ڪري هن دفعي انهن جي سيڪيورٽي کي به ممڪن بڻايو ويندو. اليڪشن ڪميشن جي اعليٰ ترجمان پاران ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته فوج جي ماڻهن کي 50 منٽن جي وڊيو ذريعي انهن جي ڪم ڪار بابت معلومات ڏني ويندي جنهن ۾ جنهن به ووٽر جو پولنگ اسٽيشنن ۾ اچڻ کان وٺي ووٽ ڪاسٽ ڪري واپس وڃڻ تائين جو عمل بيان ڪيل هوندو. ان کان علاوه عيد الفطر کانپوءِ نيڪٽا نيشنل ڪائونٽر ٽيررزم اٿارٽي سان ملاقات ۾ اهو به ڏٺو ويندو ته سياستدانن کي چونڊن دوران ڪهڙي قسم جي نقصان جو انديشو آهي.