حڪومت خواهش ظاهر ڪئي آهي ته رينجرس پاڻيءَ جي چوري روڪي

سنڌ حڪومت خواهش ظاهر ڪئي آهي ته ڪئنالن ۽ چينلن ۾ رينجرس پاڻي جي چوري کي روڪڻ ۾ مدد ڪري ته جيئن پڇڙي وارن علائقن ۾ به پاڻي پهچي سگهي. سنڌ جي عبوري وڏي وزير فضل الرحمان پاران پنهنجي سرڪاري رهائشگاهه اندر ايريگيشن جي سيڪريٽري سان ملاقات ۾ اهڙي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ۽ سيڪريٽري کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو انهن جاين جي نشاندهي ڪري جتي جتي رينجرس کي تعينات ڪرڻ گهرجي. هن کان اڳ ۾ سومر واري ميٽنگ ۾ وزير اعليٰ پاران اها هدايت پڻ ڪئي وئي هئي ته پاڻي چورائيندڙن خلاف ڪيس داخل ڪري انهن کي گرفتار ڪيو وڃي جيئن پڇڙي جي علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪري سگهجي. ان کان علاوه ڪالهوڪي ميٽنگ ۾ اريگيشن واري سيڪريٽري جمال شاهه پاران وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته نارا ڪئنال جي پاڻي جي ڪئپسٽي 13,649 ڪيوسڪ آهي جنهن جي جاءِ تي صرف 10,500 ڪيوسڪ ئي اتان گذري رهيا آهن. جڏهن ته مختلف جڳهين تان پاڻي جي چوري جون شڪايتون اچي رهيون آهن ۽ انهن جاين تي ايف آءِ آر به داخل ڪيون ويون آهن پر ان جو به ڪو نتيجو نه نڪري سگهيو آهي. جنهن بعد وڏي وزير پاران چيو ويو ته هاڻي سيڪيورٽي جو ڪم رينجرس کي ڏنو ويندو ۽ ايريگيشن سيڪريٽري انهن جاين جي نشاندهي ڪري رپورٽ تيار ڪري هوم سيڪريٽري کي ڏيندو جيڪو بعد ۾ اها رپورٽ رينجرس حوالي ڪندو. هن ميٽنگ بعد وڏي وزير پاران ڊي جي رينجرس سان به هن معاملي تي ڳالهايو ۽ رينجرس جي جوانن کي مقرر ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments