خاصنئون

بدين کي سازش تحت تباهه ڪيو پيو وڃي

بدين پريس ڪلب ۾  پاڻي واري معاملي تي ڪوٺايل پريس ڪانفرنس ۾ وڏي تعداد ۾ پاڻي جا ماهر، ماحوليات جا ماهر، هاري، آبادگار، سماجي ۽ سياسي ايڪٽوسٽ شريڪ ٿيا. شرڪت ڪندڙن صوبائي حڪومت کي چيو ته اها پڇڙي وارن علائقن ۾ پاڻي پهچائڻ لاءِ جوڳا اپاءَ وٺي. هيءَ ڪانفرنس بدين بچايو ڪميٽي ((Save Badin Committe پاران ڪوٺرائي وئي هئي. ڪانفرنس ۾ شريڪ ماڻهن چيو ته بدين کي پنهنجن ننڍڙن مفادن خاطر تباهه ڪيو پيو وڃي ۽ حڪومت بدين جي پاڻي جي مسئلي کي ختم ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿي وئي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته بدين ۾ ڏهه لک ايڪڙ زمين کي بنجر بڻايو ويو آهي. جنهن سبب بدين جي زراعت ۽ هتان جي ماڻهن تي ناڪاري اثر پئجي رهيا  آهن. اسپيڪر چيو ته اسان جي ڪميٽي هڪ تحريڪ جي صورت اختيار ڪري رهي آهي. جيڪا پاڻي جي ورڇ لاءِ عدالتي ويڙهه به وڙهي سگهي ٿي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ ۽ سيڊا ملي ڪري بدين جو 40 ڪيوسڪ پاڻي چورائي رهيا آهن. ان کان علاوه ايريگيشن ۽ سيڊا ناقص ڊزائين سان ڪئنالن جي پاڻي جي وهڪري کي با اثر ماڻهن جي زمينن ڏانهن موڙي رهيون  آهن. جيڪو برسات جي موسم ۾ پاڻي جي وڌڻ سبب ضلعي کي وڏو نقصان پهچائي سگهي ٿو. اسپيڪرن سيڊا ۽ ايريگيشن جي ڪرپٽ آفيسرن کي معطل ڪرڻ جي گهر به ڪئي . هنن وڌيڪ چيو ته جيستائين انهن جا مطالبا پورا نه ڪيا ويندا ته عيد کانپوءِ هو پنهنجي پرامن جدوجهد کي وڌائي لاڪ ڊائون ۾ به  تبديل ڪري سگهن ٿا.