سنڌ ڌرتيءَ تي ڪيترن ئي ناميارن استادن، شاعرن، اديبن، ڪهاڻيڪارن، ڊراما نگارن ۽ سنگيت ڪارن جو جنم ٿيو آهي، انهن ۾ “کيئلداس فاني” جو نالو به اهم آهي. کيئلداس “فاني” ولد وليرام بيگواڻي جو جنم ۴ اپريل ۱۹۱۴ع تي “ميان جي ڳوٺ” ضلعي شڪارپور ۾ ٿيو. اتان ئي سنڌي ادب جو معياري رسالو “سنڌو” مسٽر “بولچند واسو مل راجپال” پنهنجي ادارت هيٺ ڪڍندو هو. “فاني” ابتدائي تعليم ورنيڪيولر اسڪول ميان جو ڳوٺ مان حاصل ڪئي وڌيڪ تعليم هن شڪارپور جي مختلف علمي درسگاهن مان حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ ايم اي انگريزي ادب ۾ پاس ڪيائين. کيئلداس “فاني” جو ۱۹۲۹ع ڌاري شعر و شاعري ڏانهن لاڙو ٿيو، سندس استاد مشهور شاعر اديب ۽ حاذق حڪيم آغا غلام نبي خان صوفي هو. علم و ادب جو گهوارو هجڻ سبب شڪارپور اندر ماضيءَ ۾ مشاعرا عام جام هوندا هئا. انهن مشاعرن ۾ “فاني” به شرڪت ڪندو هو. هڪ هنڌ کيئلداس “فاني” لکي ٿو ته شال مالڪ مرحوم جناب آغا صوفي درازي کي ابدي جاوداني بخشي جو خاص طور شڪارپور شهر ۽ آسپاس جي اُڀرندڙ شاعرن کي مصرع طرح شايع ڪري فقط اُن جي اوٽ تي (قافيه رديف) مشاعره منعقد ڪندو هو. مون کي ياد آهي ته منهنجو پهريون غزل لفظ کان بي خبر هوندي به هيئن جُڙي ويو هو:
صبا سچ چئه ته سهڻن ۾ اسان جو يار هو يا نه،
ٻُڌائج محب منهنجو دل گهريو دلدار هو يا نه.
جتي سهڻن جي ٽولي ۾ ڪئي تعريف ٿي هُن جي،
اتي “فاني” مزدورن جيان ڪمي ڪمدار هو يا نه (۱).
کيئلداس فاني هڪ قابل شخص هو. وٽس علم جي ڄاڻ تمام گهڻي هئي، جنهن سبب ئي هن کي نيوايرا هاءِ اسڪول (هاڻوڪي قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول) ۾ استاد جي حيثيت سان نوڪري ملي، جتي هن نورالدين سرڪي ۽ مهان ڪوي شيخ اياز مرحوم سميت ڪيترن ئي شاگردن کي علم جي زيور سان نوازيو. بعد ۾ جڏهن چيلا سنگهه ۽ سيتلداس ڪاليج ۾ سنڌي ليڪچراريءَ لاءِ جڳهه خالي ٿي ته فاني کي “بيوس” جي سفارشي خط سنڌي ليڪچراري ڏياري، بيوس جو خط هن ريت هو: “مسٽر کيئلداس-و-بيگواڻي “فاني” بي اي، شڪارپور سنڌ ڪاليج جي سنڌي پروفيسر لاءِ اميدوار بيٺو آهي. پروفيسري جي لياقت لاءِ ڪاليج جي ڊگريءَ سان گڏ جا کيس نازڪ خيال شاعريءَ جي ڏات عطا ٿيل آهي، سا مُنهنجي نظر ۾ اهڙي آهي جهڙي سوني مُنڊيءَ ۾ هيري جي ڪڻي. اهڙي اعلى شخصيت هٿ اچي ته سنڌي ٻوليءَ جو شان دوبالا ٿيندو.” ۱۷ مئي ۱۹۴۷ع ڪشنچند تيرٿداس کتري (بيوس) لاڙڪاڻو (۲). فاني ليڪچرار بڻجڻ کانپوءِ ڪاليج مان نڪرندڙ مئگزين جو مهتمم پڻ ٿي رهيو. ڪجهه مهينن کانپوءِ ساڳئي سال ۱۹۴۷ع ۾ سنڌ ڇڏي وڃي هند وسايائين ۽ ڀوپال ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اُتي به سندس علمي ۽ ادبي خدمتون نمايان رهيون. هند ۾ رهندي سنڌ کي وساري نه سگهيو.
ڀڄي جن آ ڀڄايو مون کي وطن،
ڇڏي جن آ ڇڏايو مون کي وطن.
لڏي جن آ لڏايو مون کي وطن،
جن روهه رُلايو مون کي وطن.
“فاني” سي ڏسان دردن ۾ دُکي،
سالن ۾ ٿين ساعت نه سُکي (۳).
کيئلداس “فاني” ڀوپال ڪاليج ۾ پروفيسر ٿي رهيو، جتان ۱۹۷۳ع ۾ رٽائرڊ ڪيائين. سندس قابليت کي ڏسي ڀوپال گورنمينٽ کيس انٽر ڪاليج جو هميشه لاءِ پرنسپال مقرر ڪيو. فاني صاحب اُتي “سنڌي ٽيڪسٽ بُڪ ڪاميٽيءَ” جو ڪنوينر، صوبائي اڪيڊمي جو وائيس پريزيڊنٽ، مرڪزي ادبي اڪيڊمي جو ميمبر، ممبئي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي شاگردن جو نگران ۽ ڀوپال ڪلا منڊل جو ۳۵ سال چيئرمين به رهيو. فاني جون تحريرون توڙي شاعري مختلف رسالن جي صُفحن جي زينت بڻجي چُڪي آهي. هو هڪ ئي وقت اُستاد، شاعر، اديب، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار ۽ سنگيتڪار هو. سنڌ هند جي ناميارن شاعرن ۽ اديبن کيس هن طرح خراج تحسين پيش ڪيو آهي، ڪجهه مثال ٿو پيش ڪريان: شيخ اياز لکي ٿو ته “هُو سنڌي ادب ۾ امر ٿي چُڪو آهي ۽ اسان جا آئنده نسل سندس ڪلام بيحد رقت ۽ گُداز سان پڙهندا” (۴). منگها رام ملڪاڻي لکي ٿو ته “پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا ۽ کيئلداس فاني نثر لکڻ ۾ شاعراڻي جذبات ۽ رنگين عبارت ڪم آڻيندا هئا” (۵). ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو کيئلداس فاني کي “فلسفي شاعر” لکيو آهي (۶). فاني جي غزلن جو اڀياس ڪندي مُنهنجو والد نقش ناياب منگي لکي ٿو ته “فاني جي غزل واري شاعري جي فريمن ۾ احساس ۽ دردن جون تصويرون جا بجا نظر اينديون، هن جنهن نموني احساسن کي لفظن جو روپ ڏنو آهي، اهو سندس ڪمال آهي (۷). همٿرام ڪيسواڻي لکيو ته “ اُستاد شري کيئلداس فاني شڪارپور سنڌ جي پروفيسر ۽ شاعر جي شاندار شخصيت انهيءَ مان عيان آهي ته نه فقط هو اعلى درجي جو عالم ماهر اديب ۽ شاعر آهي، پر ٻين قابل شاگرد شاعرن به سندس صحبت مان خاص شاعراڻو فن ۽ ڪماليت حاصل ڪئي آهي. شيخ اياز مطابق ته “فاني صاحب لفظن گهڙڻ ۾ هڪ سُهڻو سنگتراش ۽ ماهر مصور آهي، سندس سُخن سازي جي ساک ٿا ڏين” (۸). فاني صاحب جي شاعري ۽ نثر جا مجموعا هندستان ۾ ريڊيو راڳ، سامونڊي لهرون، سڪ سوز ۽ ساز (گُجرات ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ پاران بي اي آنرس لاءِ منظور ٿيل ڪتاب) مڪتي مارڳ، پڇتاءُ جا ڳوڙها، احساس جو آئينو، خزان جي خوشبوءِ ۽ پيلا پن، توڙي سنڌ ۾ سنڌي ادبي بورڊ طرفان ۱۹۹۵ع ۾ سندس ڪلام جو مجموعو “سمنڊ سمايو بوند” ۾ ڇپيل آهن.
کيئلداس فاني جي ديهانت جي تاريخ “سمنڊ سمايو بوند” ۾ جي بئڪ ٽائيٽل تي جون ۱۹۹۵ع ڄاڻايل آهي. ان کان علاوه روزاني هلال پاڪستان ڪراچي ۳۱ جون ۱۹۹۷ع تي پنهنجي ادبي صفحي “ساهت سڀيتا” جو فاني نمبر شايع ڪيو هو، جنهن ۾ ڄاڻايل آهي ته “فاني جي ٻي ورسي جي مناسبت سان ترتيب ڏنو ويو آهي.” ان حساب سان فاني جي ديهانت جي تاريخ ۳۱ جولاءِ ۱۹۹۵ع ٿئي ٿي. فاني جي شاگرد نورالدين سرڪي مرحوم پنهنجي ڪتاب “ڪي وسرن نه مُور” ۾ فاني جي ديهانت جي تاريخ ۸ اپريل ۱۹۹۵ع ڄاڻائي آهي. هاڻي اهو مسئلو به تحقيق طلب ٿي ويو. کيئلداس فاني بيگواڻي سوين شعر لکيا جي اسان وٽ هميشه امر رهندا.