بلاگنئون

ڪرائي جا انقلابي ۽ ناڪام ڳالهيون

سياسي انارڪيون ۽ فاشٽ گيريون اڳواڻن کي پاڻ ئي ٻوڙي ٿيون رکن ته اتي انهن جي سياسي پارٽي جي مهڙ واري شڪل به مَٽائي ۽ مِٽائي ٿيون وڃن. سياست ۾ مورثيت به معنيٰ ٿي رکي، وري سياست ۾ شخصي پسنديدگي ۽ اقربا پروري به سياسي، مذهبي ۽ لساني پارٽين جي پائيداري جون ضامن به هجن ٿيون. جون 2020 ۾ جڏهن اسلام آباد ڪورٽ عمران خان کي انٽرا پارٽي جي اليڪشن جو چيو هو ته هن همراهه نابري واري ڇڏي هئي، ڪورٽ جو اهو اعتراض هو ته عمران خان هڪ ئي وقت ٻه عهدا سنڀالي نٿو سگهي. جيل ۾ رهي پاڻ وري ان ڳالھ تي بيٺا ته هاڻي انٽرا پارٽي چونڊون ٿيڻ گهرجن ۽ ٿي ويون، پر عمران خان هاڻي نه وزيراعظم رهيو نه ئي پارٽي چيئرمين، پر هاڻي ته عمران خان جي پارٽي پوزيشن به ڪجھ ناهي، بشريٰ بيبي به ڀلي ڪيتري به ڪوشش ڪري، پر اها ڪوشش پوءِ به هڪ شخص جي باري ۾ سمجهي ويندي، جيڪي پارٽي جا ڪارڪن ۽ وزير پي ٽي آءِ جي پارٽي ڇڏي ويا آهن ۽ هاڻي جيڪي آهن، اهي 24 نومبر واري ڌرڻي ۾ نظر نه آيا، پر رڳو ڪي پي جي ڪارڪنن همت ڪئي ۽ پي ٽي آءِ ۽ انهن جا سر ڦٽيا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا ۽ انهن پنهنجي جنون ۾ سرڪاري مال کي دشمن جو مال سمجهي ڊاھ ڊوھ ڪئي، پر دال نٿي ڳرين. ڳالھ اها به حيرت جهڙي آهي ته هر دفعي ڪي پي وارا اسلام آباد جي روڊن تي جيڪي سياسي تماشا ٿا ڪن، انهن جو انت ناهي، ان ڪري ته عمران خان جي حڪومت وڃڻ کانپوءِ ڪي پي جا سِر ڦٽيا ڪارڪن ورَن ۾ هٿيار کڻي به اسلام آباد جي روڊن تي لهي ٿا اچن ۽ رياستي طاقت سان مهاڏو اٽڪائي ٿا ويهن، انهن جي دماغ ۾ اهو به آهي ته رياست جيئن چئي تيئن نه ڪندا، پر جيئن هي چون تيئن رياست ڪندي ويندي ان ڪري ته هنن جي ڳالهين جي شروعات ۽ اختتام رڳو عمران خان جي جيل مان رِهائي آهي جيڪي ممڪن ناهي. هاڻي واري صورتحال ۾ عمران خان کي ٻاهرين ملڪن جي آڇ ٿي سگهي ٿي ته هو في الحال ملڪ ڇڏي، پر جي هن همراھ کي ڪنهن صورت جيل مان آجو ڪيو ويو ته هي پنهنجي جنگ وڙهندو، ڇو جو هن ڪڏهن به عام خلق جي جنگ ناهي وڙهي ۽ نه ئي هن ڪڏهن ماضيءَ ۾ ڪا عوامي سياست به ڪئي آهي.

ايجنسين جي يا رياست جي پنهنجي ئي چال هجي ته هنن بشريٰ بيبي کي آزاد ڪري کڻي غلطي ڪئي، جيڪا هاڻي سِرُ تَريءَ تي رکي عمران خان کي جيل مان ڇڏائڻ لاءِ نڪتي آهي، ان ڳالھ کان انڪار به ناهي ته پاڪستاني سياست ۾ عورتن جو ڪردار بهترين رهيو آهي جنهن کي ساراهي سگهجي ٿو، انهن جي سياسي طاقت ۽ جرئت جي به تعريف ڪجي. اها ٻي ڳالھ آهي ته اسٽيبلشمينٽ 9 مئي واري لٺ هڻي پاڻي اندر ڄڻ سياسي مَڇيون الڳ الڳ ڪري ڇڏيون، جو هاڻي جيڪي به سرگرم ڪارڪن آهن، انهن ۾ انهن جو تعداد گهٽ نظر ٿو اچي جيڪي 9 مئي کان پهرين هئا ۽ جيڪي هاڻي آهن، اهي 9 مئي جي فلٽريشن (ڇاڻي) کانپوءِ وڃي بچيا آهن، سي 24 مئي جي جلوس يا ڌرڻي ۾ شامل آهن. حيرت اها به آهي ته پي ٽي آءِ ڪڏهن به ڳالهين جي ميز تي ويٺي ناهي، اها ٻي ڳالھ آهي ته عليمه خان پنهنجي ڀاءُ (عمران خان) کان اجازت ورتي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهيون ڪن ۽ انهن کي ان ڳالھ جو اختيار ملي ته بئريسٽر گوهر علي خان ۽ علي امين گنڊاپور به انهن ڳالهين ۾ شامل ٿين. ڇو جو هاڻي پي ٽي آءِ کي يقين آهي ته اسٽيبلشمينٽ انهن سان ڳالهيون ڪندي، پر ڳالهيون مڃيندو ڪير يا محسن نقوي رڳو اها ڳالھ ٿو ڪرين ته جلسي ۽ ڌرڻي جو هنڌ مٽايو ته اهي ان جي ڳالھ مڃڻ لاءِ تيار ناهن ته پوءِ ڳالهيون ڪير ڪري ۽ ڪير ٻُڌي ۽ ڪير مڃي. هوڏانهن وري ڪورٽن 190 ملين پائونڊ جي ڪرپشن واري ڪيس ۾ بشريٰ بيبي ڏانهن نوٽيس ڪيا آهن، جيڪا ڳالھ اها به بيهي ٿي ته جو بشريٰ بيبي کي وري جيل موڪلي ڇڏين. ان ڪري ٽرمپ جو آسرو وري به جنوري تائين ڪجي يا جنوري کانپوءِ وري ڌيءَ الائي پُٽ، ڇو جو ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي جاءِ تي، پر ملڪن جا پنهنجا پنهنجا اندروني ۽ بيروني معاملات به اهميت رکن ٿا، ان ڪري هاڻي سياسي ڌٻڻ مان عمران خان کي پاڻ جان ڇڏائڻي پوندي ۽ ڪير به ٽياڪڙي ۾ نه ايندو. هاڻي جي تناظر ۾ ڪجھ شيون سياسي بصيرت واريون به آهن ته وري ڪرپشن جي واضح ڪيسن جي حقيقت جون به آهن. اها ڳالھ به حيرت جهڙي آهي ته گوگي جي ڪرپشن جي ڪيسن ۾ بشريٰ بيبي جو هٿ آهي، ان ڪري جو گوگي جو ريفرنس به رڳو بشريٰ بيبي به آهي ته ان تي آشيرواد به رڳو بشريٰ بيبي جو آهي ۽ القادر يونيورسٽي ۾ به گهڻو هٿ بشريٰ بيبي جو به آهي ۽ ائين به ناهي ته نيب سميت جيڪي به ملڪي ايجنسيون آهن اهي ائين ئي ڇتيون ناهن ٿيون انهن وٽ واضح ثبوت به آهن، جن کان انڪار ناهي. احتساب عدالت جي جج کي 190 ملين پائونڊ ڪرپشن ڪيس ۾ اڳوڻي ڪابينا سيڪريٽري سميت 16 شاهدن کي طلب ڪرڻ جو چيو آهي. وڪيلن عثمان رياض گل ۽ ظهير عباس ذريعي احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا جي روبرو درخواست جمع ڪرائي. هنن عدالت ۾ اڳوڻي اعليٰ بيوروڪريٽ احمد نواز سکيرا کي طلب ڪري ورتو. گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي، پنجاب جو وائيس چانسلر، پنجاب هائر ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ۽ ٻيا شاهد پيش ٿيا. دفاعي وڪيلن انهن شاهدن جا بيان طلب ڪيا، جن کي پراسيڪيوشن شروع ۾ لسٽ ۾ بيان ڪيو، پر بعد ۾ رد ڪري ڇڏيو. انهن شاهدن ۾ القادر يونيورسٽي پروجيڪٽ جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر امجد الرحمان ۽ مسٽر سکيرا به شامل هئا. درخواستگذارن چيو ته اهي شاهد ابتدا ۾ جاچ ۾ شامل ٿيا، پر پراسيڪيوشن بي ايماني سان انهن جا نالا شاهدن جي حتمي فهرست ۾ شامل نه ڪيا هئا ۽ نه ئي انهن کي ٽرائل ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو هو. درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي هئي ته عمران خان ۽ سندس گهرواريءَ جا بيان رڪارڊ ڪرائڻ کان اڳ هنن شاهدن کي طلب ڪيو وڃي.

اها ڳالھ گهڻي واضح آهي ته عمران خان پاڻ کي پاڻ ڦاسايو آهي، ان ڪري ته سياسي مهم بازي، لفظن جي چونڊ، مخالفن سان ڳالهائڻ، اسٽيبلشمينٽ تي طنز، رياست جي خلاف ڳالهائڻ، آمريڪا کي بدشد ڳالهائڻ، وري شام جو معافي تلافي، وري فوج سان چڱا ڀلا رابطا پاڻ خراب ڪري ويٺو، پر هاڻي عليمه خان سميت بشريٰ بيبي جو هن طرح سياست ۾ اچڻ ماڻهن کي حيرت ۾ ضرور ٿو وجهي، جو جنهن پنهنجي ورَ (عمران خان) کي رڳو وهمي سياست سيکاري، جو هن عمران خان کي منع ڪئي هئي ته ڪنهن جي به جنازي ۾ ناهي وڃڻو جي ويو ته هن جي سرڪار ڪري پوندي ان ڪري عمران خان ڪوئٽيا سانحي ۾ جنهن هزارا قبيلي جي ماڻهن کي 4 جنوري 2021 ۾ جڏهن بي سبب ماريو ويو ته هي وزيراعظم جي حيثيت ۾ اتي پهرين ڏينهن نه ويو، پر ٽئين ڏينهن وڃي پهتو جڏهن ماريل ماڻهن کي دفنايو ويو. هاڻي وري هن عورت ايتري بهادري سان ڪي پي جي جنوني لشڪر جي اڳواڻي ٿي ڪري، جنهن پنهنجي منهن تان ڪڏهن پردو ناهي هٽايو، جنهن پنهنجي دور ۾ به پنهنجي اڳوڻي مڙس مانيڪا سان ڪورٽن جا به منهن ڏٺا ۽ عمران خان سان شاديءَ کانپوءِ اڳوڻي مڙس کي ساڻ ڪري ٽئي ڄڻا (عمران خان، بشريٰ بيبي ۽ مانيڪا) عمرو به ڪري آيا.

سالن تائين مسٽر خان روايتي سياستدانن تي تنقيد ڪندو رهيو آهي ته جن به پنهنجن عورتن کي سياست ۾ آڻي هڪ موروثي سياست جو آغاز يا ترويج ڪئي آهي انهن پاڪستاني سياست ۾ غلط ڪيو آهي، خاص طور تي ڪلثوم نواز، مريم نواز کي سياست ۾ آڻڻ لاءِ شريفن کي نشانو بڻائيندو رهيو. پي ٽي آءِ جا ميمبر ۽ ڪارڪن به ماضيءَ ۾ سوشل ميڊيا تي شريف خاندان جي انهن ٻن عورتن کي سياسي ڪردار جي حوالي سان نشانو بڻائيندا رهيا ۽ مهم بازي به هلائي چڪا آهن. ٻئي ڄڻيون (بشريٰ بيبي ۽ عليما خان) ان کان اڳ قيد ۾ پارٽي اڳواڻ ۽ پي ٽي آءِ قيادت وچ ۾ پيغام ڏيندڙن جو ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن، پر اهي هاڻي پارٽي قيادت ۾ وڌيڪ طاقت سان شامل ٿي ويون آهن، جيڪي گذريل مهيني توشاخانا ڪيس ۾ سندن ضمانت کانپوءِ جيل مان آزاد ٿيون آهن، هنن ڏٺ وائٺي ڪي پي ۾ پي ٽي آءِ جي مضبوط قلعي (ڪي پي) ۾ ڪيترن ئي اجلاسن جي صدارت پڻ ڪئي آهي. پر هاڻي ته هنن ڪيترن ئي کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب ملڪ ۾ خاص ڪي پي ڄڻ انقلاب برپا ٿي ويو آهي. گهڻن جو خيال آهي ته مسٽر خان موجوده پارٽي قيادت کان مايوسيءَ سبب پنهنجي سياسي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پنهنجي زال ۽ ڀيڻ جي مدد گهري ورتي آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته بشريٰ بي بي ۽ عليما خان کي سياسي تجربو ناهي ۽ انهن مان عوام کي اميدون به ناهن، پر انهن کي موجوده حالتن جي ڪري سياسي عهدو سنڀالڻ لاءِ زور پڻ ڀريو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته پي ٽي آءِ جي اعليٰ سطح جي اڪثر قيادت يا ته جيل ۾ آهي يا گرفتاري جي خوف کان لڪيل آهي، ان ڪري هاڻي پي ٽي آءِ ۽ عمران خان کي پاڻ يقين آهي ته اهي عورتون عمران خان کي جيل مان آزاد ڪرائي وينديون.