ٽوئيٽر پيغامن ۾ براهه راست ايموجي جو آپشن پيش ڪري ڇڏيو

فيس بُڪ، چيٽ ۽ واٽس اپ وانگر هاڻي ٽوئيٽر به ايموجي پيش ڪري ڇڏيا آهن جن کي براهه راست پيغام ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. ان طرح صارف ڪنهن به گفتگو جي ٿريڊ ۾ پنهنجي احساسن ۽ جذبن کي ايموجي جي صورت ۾ داخل ڪري سگهندا. ان موقعي تي ٽوئيٽر پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هاڻي براهه راست پيغام چاهي اهو متن جي صورت ۾ هجي يا ميڊيا جي شڪل ۾ ايموجي کي فوري طور شامل ڪرڻ تمام آسان آهي. ڪنهن به ٽوئيٽ جي رد عمل ۾ توهان ٽيپ ڪري ڏسي سگهو ٿا ته ڪنهن ڪنهن توهان جي پيغام ۾ پنهنجو ايموجي اظهار ڪيو آهي. انهيءَ طرح ايموجي هلندي رهندي ۽ ان جو اظهار توهان جي لسٽ ۾ موجود هر فرد تائين پهچندو رهندو.