اين سي او سي عيد لاءِ هدايتن جي منظوري ڏئي ڇڏي
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) عيدالفطر جي لاءِ هدايتن جي منظوري ڏئي ڇڏي. اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر جي صدارت هيٺ خصوصي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزيراعظم جي صحت بابت صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جنهن تحت عيد جي نماز ڪورونا ايس او پيز سان گڏ کليل جڳهين تي پڙهائي ويندي. جيڪڏهن مسجد جي اندر نماز پڙهائڻ ضروري ٿيو ته دروازا ۽ دريون کولي رکيون وينديون. هدايتن ۾ چيو ويو آهي ته مسجد يا ڪنهن به کليل جڳهه تي رش گهٽ ڪرڻ جي لاءِ نماز ٻه کان 3 ڀيرا پڙهائي وڃي ۽ عيد جي نماز جو خطبو محدود رکيو وڃي. بيمار، بزرگ ۽ 15 سالن کان ننڍي عمر جا ٻار نماز ۾ اچڻ کان پاسو ڪن. عيد جي نماز لاءِ ايندڙ ماسڪ لازمي پهرين. اين سي او سي جي هدايتن مطابق وڌيڪ چيو ويو آهي ته مسجدن ۽ عيد گاهن ۾ داخلا جي لاءِ ڪيترائي رستا رکيا وڃن. مسجدن جي اچڻ ۽ وڃڻ وارن رستن تي هينڊ سينيٽائيزر رکيا وڃن ۽ نمازين جي وچ ۾ 6 فوٽن جو فاصلو رکيو وڃي. نماز پڙهڻ وارا پاڻ سان گڏ مصلو گڏ کڻي اچن ۽ گهر مان ئي وضو ڪري اچن. جڏهن ته نماز کانپوءِ گلي ملڻ ۽ هٿ ملائڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

