سڪرنڊ واري واقعي تي سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي رهنما سيد زين شاهه جو موقف
ڪالهه سڪرنڊ جي افسوسناڪ واقعي ۾ جنهن ۾ 5 بيگناهه ماڻهو مارجي ويا آهن، ان جي احتجاج ۾ لڳل ڌرڻي ۾ شامل ايس يو پي جي سربراهه زين شاهه صحافين سان ڳالهائيندي ان واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. هن نگران هوم منسٽر جي انهيءَ بيان تي ته پوليس ۽ ايجنسيون خودڪش بمبار جي تلاش ۾ ويون هيون جتي مقابلو ٿي پيو، کي بلڪل غلط ۽ بي بنياد چيو آهي. سندس چوڻ مطابق اهو ڪوڙ آهي، هوم منسٽر کي اهو بيان فوري طور واپس وٺڻ گهرجي. هن مطالبو ڪيو آهي ته هن واقعي جو سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ صاحب نوٽيس وٺي اعليٰ عدالتي ڪميشن مقرر ڪري، انهي واقعي ۾ جيڪي به ايس ايڇ او ملوث آهن، انهن تي ايف آئي آر داخل ڪئي وڃي، انهن کي گرفتار ڪيو وڃي. رينجرز اهلڪار جيڪي انهيءَ واقعي ۾ ملوث آهن انهن کي پڻ داخل تفتيش ڪيو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي حالتن کي هٿ وٺي بلوچستان وانگر خراب نه ڪيو وڃي.