پروفائل پاڪستان آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻو

رضا عبدالفتاح عباسي


سنڌ ۾ وڏو ٽئلنٽ موجود آهي انهيءَ کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهي سوچ جي تڙپ رکندڙ هونئن ته سنڌ جي موئن جي دڙي جي شهر جي هر ماڻهو ۾ اهو جذبو ڏسڻ ۾ ايندو آهي پر عملي طرح جهڙي نموني سان هڪ فنڪار، اداڪار ۽ ڊائريڪٽر عبدالستار کهاوڙ پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي پاڪستان آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي کي پهريان افتتاحي مرحلي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري پاڻ ملهائي ڏيکاريو،  شايد انهي انداز ۾ ڪنهن مسلسل محنت، لگن ۽ جستجو سان ايڏو وقت ڏنو هجي. سنڌ جي شاعرن، اديبن، ليکڪن، اداڪارن، فنڪارن، صحافين، سماجي ورڪرن، فنون لطيفه سان واسطو رکندڙن، شخصتين، معززن، ليکڪن، ڪرڪيٽرز سميت ٻين لاءِ اڻپوريون سهولتون هجڻ باوجود به انهن جون ڪاوشون ڪنهن کان لڪي نٿيون سگهن. سنڌ جي راڻي محترمه بينظير ڀٽو جڏهن وزير اعظم هئي ته لاڙڪاڻي جي سينئير آرٽسٽ محترم منظور لاڙڪ ڪلچرل ميلو لڳائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي جنهن تي محترمه بينظير ڀٽو اهو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿي هئي ته سنڌ جي ثقافت اجاگر ڪرڻ جو مون کي موقعو ملي رهيو آهي، پر محترمه اهو پڻ چيو هو ته هي ميلو لاڙڪاڻي آرٽ ڪائونسل ۾ ڇو نٿو لڳايو وڃي ۽ اهڙي خواهش کانپوءِ ئي اهو لاڙڪاڻو آرٽ ڪائونسل جو بنياد پوڻ لڳو. ايشيا جي عظيم ڏاهي ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي آرٽ ڪائونسل جي افتتاحي موقعي تي چيو هو ته “پاڪستان پيپلزپارٽي جيڪڏهن ڪو چڱو ڪم ڪيو آهي ته اهو، اِهو ڪم ئي ڪيو اٿائون جو لاڙڪاڻي شهر ۾ آرٽ ڪائونسل جو وجود رکيو آهي.” آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي ۾ سنڌ جي سياحت ۽ ثقافت جي صوبائي وزير سسئي پليجو جو ڪردار پڻ اهم رهيو، جنهن پنهنجي ڪاوشن سان شروعات ۾ عارضي طور تي 7 ڪمرا 13 شعبن لاءِ الاٽ ڪيا، جنهن کانپوءِ پلاٽ 3 ايڪڙ ايراضي تي مشتمل آهي. آرٽ ڪائونسل لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري جاويد شيخ ٻڌايو ته (1) نئين بلڊنگ 9 هالن تي مشتمل آهي، پر فارمنگ آرٽ اسڪول، جنهن ۾ اداڪاري، ميوزڪ، ڳائڻ، شاعري، ادب جي سکيا ڏني ويندي. (2) بلڊنگ جي ٻئي حصي ۾ آرٽ ڪامپليڪس جي 13 آفيسن جا ڪمرا آهن، هڪ هال 230 سيٽن وارو آرٽ گيلري هال ۽ لائبريري به آهي. (3) آرٽ هاسٽل رهائشي ڪمرا ٻاهران ايندڙ فنڪارن، شاعرن، اديبن ۽ ٻين لاءِ رهائش جو بندوبست هوندو، جنهن ۾ 18 ڪمرا هوندا. جڏهن ته آرٽ ڪائونسل جي نئين بلڊنگ جو جيڪو ترقياتي ڪم 5 سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو، اهو 7 سال ٿيڻ باوجود مڪمل نه ٿي ۾ 200 ڪروڙ بزنس جي اڳڪٿي ڪري ورتي آهي.  

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *