ايڊيٽوريل

ضمني چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ڌوپجي وئي

اپريل جي 21 تاريخ تي ملڪ ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي خالي ٿيل سيٽن تي ضمني چونڊ ٿي گذري. انهن سيٽن ۾ 16 صوبائي اسيمبليءَ جون سيٽون ۽ 5 قومي اسيمبليءَ جون سيٽون ٽوٽل 21 سيٽن تي چونڊون ٿيون، جن ۾ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پي ٽي آءِ يا سني اتحاد ڪائونسل کي صرف 2 سيٽون مليون، هڪ صوبائي جي ۽ هڪ قومي جي. پنجاب صوبي مان، سنڌ صوبي مان ۽ بلوچستان مان ته کين هڪ به سيٽ نه ملي سگهي، پر ڪي پي ۾ به جنهن جي لاءِ چيو ٿو وڃي ته پي ٽي آءِ جو قلعو آهي انهيءَ قلعي ۾ بونير مان هڪ ايم اين اي جي ۽ هڪ ايم پي اي جي سيٽ هڪ آزاد اميدوار کٽي ويو ۽ پي ٽي آءِ جو حمايت يافته اميدوار ۽ جماعت اسلامي جو جنهن جو پي ٽي آءِ سان الحاق هو ان جو صوبائي اميدوار سيٽ هارائي ويا. ظاهر آهي پي ٽي آءِ انهيءَ اليڪشن ۾ به ڌانڌلي جا الزام هڻي رهي آهي. ان کانسواءِ ڪري به ڇا ٿي سگهي. جڏهن سندس قلعي ۾ هڪ ايم اين اي سيٽ ۽ هڪ ايم پي اي جي سيٽ، هڪ آزاد اميدوار کٽي وڃي ته پوءِ هو پنجاب ۾ ڌانڌليءَ جو الزام ڪنهن منهن سان هڻي رهيا آهن. اسان کي خبر آهي ته الزام تراشي پي ٽي آءِ جو خاص هٿيار آهي، جنهن کان هو نه مڙندا آهن. اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڌانڌلي ننڍي پئماني تي ٿي به هجي، ڇو ته پنهنجي ملڪ ۾ شفاف چونڊ ٿيڻ اڃان تائين هڪ خواب آهي.
هنن ضمني چونڊن ۾ (ن) ليگ پنهنجي طاقت جو ڀرپور مظاهرو ڪيو ۽ پنجاب مان صوبائي جون 10 سيٽون ۽ قومي اسيمبليءَ جو 2 سيٽون حاصل ڪيون آهن. ياد رهي ته اهي نتيجا غير سرڪاري ۽ غير حتمي آهن. ان جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، هڪ سبب اهو به آهي ته وزيراعليٰ جي روپ ۾ مريم نواز پنجاب صوبي اندر ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، جنهن جو اثر عام ماڻهو تي پئجي رهيو آهي ۽ اهي ماڻهو جيڪي (ن) ليگ کان ڪاوڙيل هئا، اهي واپس سندس ووٽر بڻجي رهيا آهن. ٻيو سبب اهو به ٿي سگهي ٿو ته بيورو ڪريسي جو ڪردار 8 فيبروري کان ان ڪري وڌيڪ بهتر نظر آيو جو 8 فيبروري تي بيورو ڪريسي کي اهو ڊپ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت ۾ اچي رهي آهي ۽ انهن جو خير نه هوندو، جن پي ٽي آءِ جي سپورٽ نه ڪئي هوندي. ٽيون سبب همدرديءَ جو ووٽ جيڪو 8 فيبروري کان پهرين باني پي ٽي آءِ جي ڪيسن کي تڪڙو هلائي اليڪشن کان پهرين کيس سزائون ٻڌايون ويون هيون اهو به موجود نه هو.
جيتوڻيڪ باني پي ٽي آءِ پوري ڪوشش ڪئي ته اهڙي قسم جي همدردي چيف آف آرمي اسٽاف تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ۽ پنهنجي گهرواري کي بيمار ٻڌائي ته کيس زهر ڏنو ويو آهي، همدردي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر جڏهن سندس گهرواري جو سندس مرضيءَ مطابق هڪ پرائيويٽ اسپتال ۾ شوڪت خانم جي ڊاڪٽر جي نگرانيءَ ۾ ٽيسٽون ٿيون ته رپورٽون بلڪل صاف آيون، ان ڪري گهربل همدردي کيس نه ملي سگهي. هاڻ (ن) ليگ هڪ بهتر پوزيشن ۾ نظر اچي رهي آهي، سندس قلعو جيڪو پنجاب آهي ان مان کيس وڌيڪ اميد محسوس ٿي رهي آهي. جيتوڻيڪ رحيم يار خان مان (ن) ليگ جي مقابلي ۾ پيپلز پارٽي صوبائي سيٽ کٽي آهي، ان جي باوجود پنجاب جي ووٽرن (ن) ليگ سان پاڻ ملهايو آهي. هاڻي (ن) ليگ صرف پنجاب تي ئي نظر ڪرم ڪندي يا هو هڪ مرڪزي پارٽِيءَ جي حيثيت برقرار رکندي ٻين صوبن ۾ به خاص طور تي سنڌ ۾ پنهنجي تنظيم ڪاري جي ڪم کي بهتر انداز ۾ سر انجام ڏيندي ته جيئن ايندڙ اليڪشن ۾ کيس پوري ملڪ مان نمائندگي ملي سگهي ۽ (ن) ليگ هڪ مرڪزي پارٽي طور سامهون اچي سگهي.