دنيا جي مھان دريائن عظيم عالمي سڀيتائن کي جنم ڏنو آهي. عالمي تاريخ ۾، دريائن جي پاڻين تان قومن وچ ۾، مختلف وقتن تي، تڪرار واقع ٿيندا پئي رهيا آهن. دريائي پاڻين جي گاڏڙ حصن وارن حقن بابت عالمي قانون ھي آھي ته ڪنھن درياءَ جي منڍ تي موجود ڌر کي اهڙو ڪو به حق حاصل نه آهي ته اها ڪنهن گڏيل درياءَ جو وهڪرو موڙي ڇڏي يا ان منجهان پاڻي کڻي وٺي، جي ان سان پوڇڙ واري آباديءَ کي نقصان پُھچي ٿو. پروفيسر ايڇ. اي سمٿ پنهنجي عاليشان قلمي پورهئي، “عالمي درياهن جا معاشي واهپا” ۾ 1785ع کان رياستن وچ ۾ اهڙن معاهدن جو تفصيلي جائزو پيش ڪندي، انھيءَ عالمي اصول جي وضاحت ڪري ٿو. سنڌو دريائي نظام جي ڇهن ندين (سنڌو، جهلم، چناب، راوي، ستلج ۽ بياس) جي پاڻين تي، سنڌ ۽ پنجاب تاريخي طور حصيدار رھيا آھن. انھن مان پويان پنج درياءَ سنڌوءَ جون اڻ ڄاتل زمانن کان ڀرتو نديون رهيون آهن، جيڪي پنجنند وٽ سنڌوءَ ۾ شامل ٿين ٿيون. دريائي پاڻين جي عالمي اصول توڻي ننڍي کنڊ جي قانون مطابق، سنڌ جو نه فقط سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي، پر ان جي پنجن ئي ڀرتو ندين جي وهڪرن تي حق آھي. تاريخي سنڌ پنجاب پاڻي تڪرار جا پيرا ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ تائين وڃن ٿا، جڏهن پنجاب عالمي دريائي اصولن کي پيرن هيٺان لتاڙي، سنڌو دريائي نظام جي ستلج نديءَ تي. 1859ع ۾ باکڙا ڊيم جي اڏاوت شروع ڪئي. سنڌ ان رٿا جي سخت مخالفت ڪئي هئي. انھيءَ ئي سال، مرڪزي باري دوآب ڪئنال، راويءَ تي اڏيو ويو. سلسلو اتي نه رڪيو، ٽي وڌيڪ واهه؛ لوئر جهلم ۽ لوئر چناب ۽ راويءَ مان سڌنائي ڪئنال (1859ع کان 1901ع) عرصي ۾ڪڍيا ويا.