پنهنجي زمين جي مالڪي ڪريو ٿا ته صوبي جي ڇو نه: چيف جسٽس
سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جا ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي دوران ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري جي جواب تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏنا ته ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن جو مالڪ ڪير آهي؟ جنهن تي ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري چيو ته ٻيٽن جي زمين پورٽ قاسم کي ڏني هئي، زمين صوبي جي ملڪيت آهي ۽ تمر جا ٻيلا به محفوظ آهن، صوبي وٽ هجڻ گهرجي ها. چيف جسٽس ڪاوڙ مان چيو ته اها ڪهڙي ڳالهه آهي، هجڻ گهرجي ها، ڇو هجڻ گهرجي ها؟ مون کي ٻڌايو ته زمين صوبي جي ملڪيت آهي يا نه؟ جيڪڏهن پورٽ قاسم کي زمين ڏني وئي ته ڪجهه حدون ته مقرر ڪيون وڃن ها؟ صوبي جي زمين جي مالڪي ڇو نٿا ڪريو، پنهنجي زمين جي مالڪي ڪريو ٿا ته صوبي جي ڇو نه؟ عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڇا ٻيٽن جي زمين ڪنهن بلڊر کي ڏيئي مال ڪمائڻو آهي؟ اھڙي آفيسر کي سيڪريٽري ٿيڻ جو ڪو حق ناھي جيڪو گول مول جواب ڏئي، اسان چيف سيڪريٽري سنڌ کي سڏايون ٿا. عدالت ڇهن هفتن ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

