بلاگنئون

سنڌ جي ڪرنگهي جي هڏي سنڌو درياءَ

فوزيه شاهنواز ڪلوڙ

منھنجي مضمون لکڻَ جو مفھوم ۽ مطلب اهو آھي ته: سنڌ جا اصل وارث غفلت جي ننڊ ڇڏي سڄاڳ ٿين. توھان کي سنڌو واڪا ڪري پُڪاري رھيو آھي، توھان جي تھذيب توھان جي سڃاڻپ آھي. ان کي بچائڻ توھان تي حق آھي. سنڌو درياءَ، شينھن درياءَ يا شينھن جي دل رکندڙ ماڻھن جي ابتدائي اھڃاڻن مان ھڪ آھي، ھن جو واسطو اوھان سرويچن ۽ دليرن سان آھي. تاريخ ۾ تُرڪَ ۽ سنڌي دنيا جي ھر قوم کان دلير ليکيا ويندا آھن.

اڄ توھان جي غفلت واريءَ ننڊ مون کي قلم کڻڻ تي مجبور ڪيو آھي ۽ پنھنجي حقن ۽ حدن جي وارثي ڪريو نه ته ماضيءَ جيان توھان سان اڇوتن واري حالت ٿيندي ۽ توھان جو نسل توھان کي بخش نه ڪندو. مَڪارن جي وات ۾ اچي چيڀاٽجي نه وڃو. سنڌو ماٿر جا قديمي اثاثا توھان جي سَھاري آھن. سنڌ معدني وسيلن سان مالا مال آھي ۽ سنڌ جا رھاڪو، لٽيرن ۽ ڀاڳوڙن جا غلام ٿي زندگي بسر ڪن ٿا، ائين ڇو؟ تاريخ گواھ آھي ته پاڪستان کي وجود ڏيڻ وارا اسان سنڌي ۽ مھاجرن کي پناھ ڏيڻ وارا به اسان سنڌي ئي آھيون. سنڌ مرڪز کي 80 سيڪڙو ٽيڪس اوڳاڙي ڏئي ٿي. ان جي عيوض کيس بک ۽ بدحالي پلئه پئي آھي.

سنڌ يا سنڌو نديءَ تي ڌاڙو ڪنھن به صورت ۾ قابل قبول نه آھي، سڀ مِڙي مُٺِ ٿيو گڏ ٿي، جيئن لطيف سرڪار چيو آھي ته:

وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پَسو پکيئڙن، ماڻھانئان ميٺ گهڻو.

ڏسو ھن بيت ۾ لطيف سائين توھان کي اتساھ ڏئي ٿو ته ھڪ ٿيو، ٻڌي ڪريو. سنڌي ثقافت ۾ امن، محبت ۽ ڀائيچاري جي تعليم کي وڏو مقام حاصل آھي. سنڌي دنيا جو موجودہ مشڪلاتن شڪ شبھن ۽ خوف خطرن نفاق، نفرت ۽ تشدد وسيلي ٻين تي تسلط، غربت ۽ افلاس جو حل محبت ۾ ئي سمجهن ٿا. سنڌي امن و امان جا پيروڪار آھن جنھن مان چالاڪ ۽ مڪار قومون فائدو وٺن ٿيون. جڏھن ڪي فرد، گروھ يا قومون پنھنجي سائنسي ترقي پسنديءَ جو ڦھلاءُ ڪن ٿا ته جنگو ذھنيت رکندڙ موتمار ھٿيارن جي آڌار تي پٺتي پيل غريب ۽ ٿورن بي ھٿيار، پر امن ماڻھن، گروھن يا قومن جا حق ماري سامراجيت يا طبقاتي بربريت قائم رکڻ جي حمايت ڪن ته ان حالت ۾ سندن مخالفت ڪرڻ ضروري آھي.

ون يونٽ واري دور ۾ پاڻيءَ جي مسئلي تي سنڌ سان ويساھ گهاتي ٿيڻ تي استاد بخاري ھن ريت چوي ٿو ته:

تنھنجو شيطان ٿو ڪوثر تي ٻڌي بند خدا،

منھنجو فردوس بيابان ٿي ويندو.

سنڌ آ ساھ سواءِ ساھ نه جي سگهبو،

منھنجا محبوب سواءِ تنھنجي گذر ٿي ويندو.

سنڌو درياءَ صرف پاڻيءَ جي وھڪري جو نالو نه آھي، جيڪو سنڌو ماٿر جي اڃايل زمين کي پنھنجي مٺي پاڻيءَ سان سيراب ڪري ٿو ۽ ھن ڌرتيءَ کي سرسبز و شاداب رکندو آيو آھي، پر ھي سنڌو سڀيتا جو اڏيندڙ ۽ ھن ديس کي پوري دنيا سان ڳنڍيندڙ پڻ آھي. سنڌو درياءَ سنڌ واسين جو جياپو آھي، جنھن پنھنجي پوتر پاڻيءَ سان ريج ڏئي صدين جي صداقت جا گونچ پيدا ڪيا آھن. سنڌوءَ جو پاڻي سنڌڙي جي چيڪي مٽيءَ کي ڳوھي تھذيب ۽ تمدن جي ماکي سان موھجي ھڪ شاھڪار ۽ شاندار ثقافت کي جنم ڏئي ٿو. اسان جي شاھڪار ثقافت دشمنن جي اک ۾ ڪنڊي وانگر اٽڪي ٿي. اھي دشمن پرڏيھي نه آھن، اھي ھن ڌرتي جا رھاڪو آھن، جن کي سنڌ واسين مھمان سمجهي جيءَ ۾ جايون ڏيون، پنھنجا گهر، ڪاروبار ۽ زمينون ڏنيون، اھي ھاڻي مالڪ بڻجي ويا آھن ۽ ٻيا پنجابي آھن، جن ورھاڱي کان اڳ ۽ پوءِ سنڌ جي پاڻيءَ کي تڪراري بڻائيندا رھيا آھن. مھاجر پنجابي سامراج سنڌ جي صدين تي محيط تاريخ کان اڻ واقف آھن: دودو سومرو، دولھ درياھ خان، شاھ عنايت شھيد، روپلو ڪولھي، جي ايم سيد، بشير قريشي، خالد محمود سومري جھڙن سورمن کي سنڌ ڌرتيءَ پنھنجي ڪک مان جنم ڏنو آھي. ٽالپر دور جي جرنيل ھوش محمد شيدي جو نعرو: “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون.” سورھيه بادشاھ جو نعرو: “وطن يا ڪفن، آزادي يا موت” ھڻندڙ جوانن جي مثالن سان تاريخ ڀري پئي آھي، جيڪا ھنن کان وسري وئي آھي.

سنڌو نديءَ سان سنڌين جو واسطو قديم آھي، جيترو ھن ڌرتي جو پنھنجو وجود قديم آھي. جيڪڏھن سنڌ جا سوداگر سنڌ کي پٺيءَ ۾ خنجر ھڻڻ بند نٿا ڪن ته سنڌ جي سينڌ کي ميري ٿيڻ کان ان جا غيرتمند پٽ بچائيندا رھندا. سنڌو ندي ۽ سنڌ ھڪ وجود جو نالو آھي. سنڌو ندي کان سواءِ سنڌ ڪابه معنيٰ نٿي رکي. سنڌو ندي سنڌين جي زندگي جي رڳ Life Line آھي. ھن جو رشتو ائين آھي جيئن انسانن جي جسم جا عضوا دل، رت، جسم ۽ اسان جو رشتو به ائين آھي. سنڌ، سنڌو ندي ۽ اسان سنڌين جي دل پوري جسم کي رت رڳن جي ذريعي ڏئي ٿي، تئين سنڌو ندي شاخن جي ذريعي پوري سنڌ کي پاڻي ڏئي ٿي. ھاڻي دل کانسواءِ انسان جيئرو رھي نه سگهندو، اسان وري سنڌو ندي کانسواءِ ڪونه رھي سگهنداسين.

سنڌو نديءَ تي ڪينال ٺاھڻ اسان سنڌين کي مارڻ جي برابر آھي. سنڌو ندي اسان جي قيمتي اثاثن مان بنيادي ۽ وڏي اھميت وارو اثاثو آھي. ھن کي ڪيترن ئي نالن سان سڏيو وڃي ٿو: 1 اباسين، 2 سپت سنڌو، 3 مھراڻ، 4 انڊس وغيرہ. ھن جي ڊيگهه 2700 ڪلو ميٽر آھي. ھي ھماليه جبل جو سينو چيري اوچن ۽ اتاھن جبلن (جيڪي تبت ۾ آھن) کان اڳتي وڌي ٿي ۽ گلگلت بلتستان ويجهو اچي پاڪستان جي حدن ۾ داخل ٿئي ٿو. جيئن درياءَ پنھنجو سفر اڳتي جاري رکي ٿو، تيئن تيئن واٽ تي ڪيترائي ننڍا ننڍا واھ ۽ برساتي نئيون ان ۾ شامل ٿين ٿيون. اھي مددي واھ ۽ نئيون پاڻ سان گڏ قيمتي لٽ آڻين ٿيون. سنڌو درياءَ جي ميدانن ۽ پٽن کي ٽن ڀاڱن ۾ ورھايو ويو آھي. 1 مٿانھان ميدان، 2 ھيٺانھان ميدان، 3 ڇوڙ وارو علائقو.

مٿانھون ميدان جتان ستلج، راوي، چناب ۽ جھلم درياءَ ھن حصي جي وچ واري ايراضي کي دوآب چئجي ٿو. مٺڻ ڪوٽ وٽ سنڌو درياءَ ۾ ان جون اوڀر واريون مددگار ننڍيون ننديون شامل ٿين ٿيون. مٺڻ ڪوٽ کان سنڌو درياءَ پنھنجو سفر اڪيلي سر شروع ڪري ٿو. ھن علائقي کي سنڌو درياءَ جو مٿانھون ميداني ڀاڱو چئبو آھي. ھي شينھن درياءَ سنڌ جي ماڻھن جو شان آھي. سنڌ جو نالو ھن شينھن درياءَ سان منسوب آھي. ھي نه صرف درياءَ آھي، پر اسان جي پرورش ائين ڪري ٿو جيئن ماءُ پنھنجي ٻچي جي پالنا ڪندي آھي. سنڌو درياءَ عربي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪرڻ کان اڳ ڪيترن ئي شاخن ۽ ڪئنالن ۾ ورھائجي وڃي ٿو. ھن ڀاڱي کي سنڌ جو ڇوڙ وارو علائقو سڏجي ٿو، جيڪو سجاول ۽ ٺٽي ويجهو شروع ٿئي ٿو. سنڌو درياءَ جو مٺو پاڻي ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ جي ميلاپ جي ڪري تمر جا گهاٽا ٻيلا جام ٿين ٿا، جيڪي تمام ڪارائتا آھن. سنڌو ندي سنڌي قوم جي تھذيب جو ابتدائي اھڃاڻ آھي، ھن جو اسان سنڌين سان رشتو ائين آھي، جيئن ڌرتي جو رشتو، ھي رشتو ايترو پراڻو آھي جيترو ھن ڌرتيءَ جو وجود پراڻو آھي. اسان تھذيب يافته قوم آھيون ھي درياءَ اسان جي تھذيب مان ھڪ آھي، تھذيب يافته قوم ادب کان خالي نه ھوندي آھي. سنڌو درياءَ جو ذڪر ويدن نالي ڪتاب ۾ ملي ٿو. ويد اڀرندي جا سڀ کان قديم ڪتاب ليکيا وڃن ٿا. سنڌو کي ان ڳالھ سان تشيبھ ڏين ٿا، جيڪي پنھنجي ٻچڙن لاءِ کير سان ڀريل اوھ منجهان ڌارائون وھائڻ لاءِ اتاولي ٿي اڳتي وڌي ٿي. ويدن ۾ گنگا جو ذڪر صرف ھڪ ڀيرو ملي ٿو، پر سنڌوءَ جي شان جو ذڪر ٽيھ ڀيرا ڪتب آيو آھي. ويد ۽ سنڌوءَ جي ڳانڍاپي جو مقصد سنڌ جي تھذيبي ۽ علمي تاريخ جو اھو سلسلو آھي جيڪو ڌرتيءَ جي دائمي پيار کي ثابت ڪري ٿو. 15 سئو قبل مسيح جي عرصي جا ھي ويد ھن ڌرتي تي لفظ جي سگهه جي سڀ کان قديم گواھي آھي. سنڌو ماٿر جي تھذيب ننڍي کنڊ ۾ مرڪزي اھميت رکي ٿي. ھن مان ثابت ٿيو ته نديءَ جا وارث اصل سنڌي آھن. ھي سامراجيت جا ايجنٽ جيڪي ھنن جا سوداگر آھن اھي چور ۽ ساڌ ٻنھي سان مليل آھن. اسان جا ڏاھا ماڻھو، اھڙن مڪارن جي چالاڪين کي سمجهي ويا آھن. سنڌ ڌرتي سان وفا ۽ پاڻ ارپڻ جي تاريخ ڀري پئي آھي.

سنڌ جا اصل مالڪ آريا نه بلڪه دراويدي آھن. آريا بعد ۾ سنڌ ۾ ڪاھي آيا. دراويدن جي حيثيت اڇوتن واري ڪئي ھئائينِ. جيڪڏھن اسان پنھنجون اکيون نه کوليون ته وري وجود کان خالي قوم ٿي وينداسين. آئون پھريان به پنھنجي ھڪ ڪالم ۾ لکي آئي آھيان ته ھيءَ قوم ھيءَ ڌرتي دنيا جي عظيم تھذيبن مان ھڪ آھي. دراويد سنڌو ڪناري تي پنھنجي تھذيب، تمدن جوڙي آباد ٿي ويٺا. موھن جي دڙي ۽ ان سان لاڳاپو رکندڙ آثار قديم سندن تھذيب ۽ تمدن جا مرڪز ھئا، جن کي 17 قبل مسيح ۾ آرين اچي ھيڪالي ڪڍيو. دراويدن مان ڪي وڙھندي مري ويا، ڪي غلام بڻجي ويا، ڪي اڇوت بڻجي ويا، ڪن اتان لڏپلاڻ ڪري مدراس ۽ ٻين ملڪن کي آباد ڪيو. ھاڻي به ساڳيا آثار ملن ٿا، جيڪي سنڌين سان پنجابي ۽ مھاجر حاوي ٿيندي نظر اچن ٿا. موجودہ دور جا سنڌي به دراويدن وانگر اڇوت ۽ غلام بڻايا وڃن ٿا يا وري درٻاري ڪجهه ٽڪن جي عيوض پنھنجي وطن جي اثاثن کي وڪڻڻ ۾ رڌل آھن.

ھي خطو ھميشه ڏيھي توڙي پرڏيھي لٽيرن جي اک ۾ رھيو آھي، ھاڻي ڀاڳوڙن ۽ پنجابين جي اک ۾ آھي. پاڻي کسڻ معنيٰ سنڌ کي مارڻ مثل آھي. پنجاب سنڌ جي پاڻي تان ڪيترائي ڀيرا قانوني ڀڃڪڙي ڪئي آھي، جنھن جي ڪري سنڌ کي ڪاپاري ڌڪ لڳا آھن.

سنڌ جي پيداوار جا مکيه ٽي ذريعا آھن:

  1. قدرتي وسيلن ذريعي پيداوار حاصل ڪرڻ.

  2. سنڌ مان حاصل ٿيندڙ ٽيڪس ذريعي پيداوار حاصل ڪرڻ.

  3. ڪارخانن ۽ واپار ذريعي پيداوار حاصل ڪرڻ.

مٿي ڄاڻايل انگن اکرن مطابق جيڪي اپت ٿئي ٿي اھا ڪٿي خرچ ٿئي پئي؟ 1971ع کان سنڌ تي ھڪ ئي پارٽي جي حڪومت آھي جيڪي سنڌ جا سوداگر بڻيو ويٺا آھن. ھاڻي پاڻي بند ٿيڻ واري سازش ۾ ھي برابر جا شريڪ آھن. ھي سوداگر ڪافرن سان ملي معصوم سنڌين جو پاڻي بند ڪري اھو ثابت ڪن ٿا ته ھي سدائين يزيد جا حمايتي رھيا آھن.

سنڌ ۾ فصل لائق آباد زمين سنڌ اسيمبيليءَ ۾ ھڪ سوال ۾ پڇيل جواب ۾ ٻڌايو ويو 2.21.00.0000 ايڪڙ ٻڌائي وئي ھئي. سنڌ ۾ جيڪي بئراج کوٽايا ويا، جن لاءِ 1.34.000 ڪيوسڪ پاڻي الاٽ ٿيل ھو. ان واسطي ھند سرڪار جي ڏينھن ۾ پنجاب ۽ سنڌ جي وچ ۾ پاڻيءَ جو معاھدو ٿيل ھو جنھن مطابق سنڌ کي پنجاب جي پنجن پنجن ندين مان 25 سيڪڙو پاڻي ملڻو ھو ۽ سنڌو درياءَ مان 75 سيڪڙو پاڻي سنڌ جي واھن لاءِ ڏيڻو ھو، پر پاڪستان جي ٺھڻ بعد سنڌ، پنجاب جي رحم ڪرم تي رھيو، اھو پاڻي ڪھڙي حساب سان گم ڪيو ويو آھي. پھرين ھنن ون يونٽ بڻائي سنڌ کي پنجاب سان ٿيل عھد نامي موجب پاڻي کڻڻ جي ڀڃڪڙي ڪري سنڌ کي پاڻيءَ کان سڪايو ويو. ھنن اڳتي ھلي عھد نامي جي ڀڃڪڙي ڪري پنجاب ۾ نوان بئراج کوٽائي ڊيم ٻڌرائي اڌ کان وڌيڪ پاڻي سنڌ کان کسيو ويو. ٻيو پاڻي آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کان بئراجن ۽ ڊيمن ٻڌڻ لاءِ پئسا وٺي، ڀارت کي وڪيو ويو، جنھن جي ڪري پنجاب جي پيداوار ۽ ايراضي وڌيڪ ٿي وئي ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ جي گهٽتائي جي ڪري سنڌ ۾ پنجاب کان 11112000 ايڪڙ زمين گهٽ آبا ٿئي ٿي، ان جو مکيه ڪارڻ پنجاب جو پاڻي واري عھد نامي جي ڀڃڪڙي آھي.

اي قوم! ٻُڌايا ٿي قِصا ڪـــــــلھ توکي مون تقـــــديرن جا،

اڄ باغيءَ باغيءَ جي سِــــر تـــي، ٿو تـــاج ڏســــان تعـــزيــــزن جـــا،

ڪو ڪيئن نه ڊوڙي مقتل ڏي، آ رَتَ ۾ خوشبو مينديءَ جي،

ڪو ڪيئن نه موٽي زندان ڏي، ٿا زُلف ڇِڪن زنجيرن جا!،

هُو ڪُوڙا ڪانئر ڪَـــــــڙڪَــــن ٿا، ۽ لاش هوا ۾ لَڙڪن ٿا،

پر ڳاڙها جهنڊا ڦَڙڪـــــــــــن ٿا، ڇا رنگ ڏِٺم رهگيرن جــــا!،

اڄ لال لَهوءَ جي سَرگم تي، ٿــــي مُنھنـــجي ڌرتي رقص ڪَـــري،

مُنـــــهن هيڊ ٿيا غَـــــــدارن جا، بي شـــــرم وڏيــــــرن پـــيـــرن جا،

هِي ماڻــــــهو وِھَه جـــــو ڍُڪّ ٿيا، جئن لُڪ لڳي تئن رُڪ ٿيا،

اڄ آزاديءَ جي نـــــــعري ســـــان، ســـــڀ درد ويا دلـــــگـــيـــرن جا،

هَر دوکي جي ديوار ڊَٺي ۽ اُن جــــــي سِـــــرَ ســــــِرَ ســـــان نه ملي،

اڄ ڊوڙي هـــــــرڪــــــــــو ديــــــــوانو ٿــو کـــــولي بند اسيرن جا،

اڄ هر ڪــــــــــــنهن جو هـــــي رايو آ، تو نينهنُ ’ايــاز‘ نڀــــايو آ،

تو ڳــــــــاتا گيت بغاوت جا، تو لاٿا زنگَ ضميرن جا.