ايڊيٽوريلنئون

سنڌ جي شاگردن لاءِ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ شهيد بينظير ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو اسڪالرشپن جو اعلان

            تعليم ڪنهن به سماج کي سڌارڻ لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي، نه صرف بنيادي حيثيت، پر اعليٰ تعليم نوجوانن کي مختلف ميدانن ۾ ڪم ڪرڻ جا موقعا به فراهم ڪري ٿي. ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت 21 فيبروري 2025 تي آڪسفورڊ يونيورسٽي سان هڪ ايم. او. يو سائن ڪيو آهي، جتي پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه موجود هئا. تقريب ليڊي مارگريٽ هال ۾ منعقد ڪئي وئي، ليڊي مارگريٽ جي پرنسپال پروفيسر اسٽيفن بليٿ ان تقريب جي ميزباني ڪئي. ان موقعي تي شهيد بينظير ڀٽو جي ڀيڻ صنم ڀٽو، ليکڪا وڪٽوريا اسڪوفيلڊ، سنڌ، بلوچستان جا سينئر عملدار ۽ آڪسفورڊ او پي پي جون اهم شخصيتون پڻ موجود هيون. ان معاهدي تحت هر سال سنڌ جي ڇهن بهترين شاگردن کي آڪسفورڊ ليڊي مارگريٽ هال ۾ گريجوئيٽ ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ مالي امداد ڏني ويندي.

            سنڌ حڪومت تي جتي آڱريون کڄن ٿيون ۽ بيڊ گورننس جو تذڪرو ٿئي ٿو، جيڪو پڻ ٿيڻ گهرجي. سنڌ حڪومت ان پاسي به ڌيان ڏئي ۽ گورننس جي معاملن کي بهتر بنائڻ گهرجي ته جيئن سماج مان بي چيني ختم ٿئي، امان امان قائم ٿئي ۽ روزگار جا ذريعا پيدا ٿين، پر جڏهن سنڌ حڪومت ڪو بهتر ڪم ڪري ٿي ته ان جي به ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي 16 مهينن جي پرڏيهي وزارت واري دوري دوران پنهنجا تعلقات ٻين ملڪن سان ڳنڍيا ۽ هو هڪ سياسي ليڊر بينظير ڀٽو جو فرزند آهي، ان حساب سان جنهن طريقي سان شين کي کڻي هلي رهيو آهي ان مان هميشه سٺين شين جي اميد رکي سگهجي ٿي ۽ هي تعليم جي ميدان ۾ ڇهه اسڪالرشپون جنهن مان ٽي شهيد بينظير ڀٽو جي نالي تي ۽ ٽي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي نالي تي ورتيون ويون آهن، جيڪي ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن اسٽونڊنٽس لاءِ اهي اسڪالرشپون ورتيون ويون آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته “آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام” هڪ اهڙو پروگرام آهي، جنهن ۾ گهٽ وسيلا رکندڙ شاگردن لاءِ هڪ اهم موقعو آهي ۽ اميد آهي ته اهي شاگرد جيڪي قابل آهن ۽ جن وٽ وسيلا موجود نه آهن، اهي هنن اسڪالرشپن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڀرپور محنت ڪندا ۽ هنن اسڪالرشپن کي حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندا. سنڌ حڪومت جتي اهڙين اسڪالرشپن جي لاءِ سٺو قدم کنيو آهي، اتي ان ڳالهه جي به ضرورت آهي ته سنڌ جي نوجوانن کي بهترين تعليم ڏني وڃي، تعليم جي بجيٽ کي وڌايو وڃي ۽ تعليم جي ميدان ۾ شفافيت ۽ احتساب جو سرشتو قائم ڪيو وڃي ته جيئن محنت ڪري شاگرد تعليم حاصل ڪن ۽ اهي استاد جيڪي محنت ڪري پنهنجي شاگردن کي اڳيان وڌائين ٿا انهن جو نالو به اڳيان اچي. استادن جو پروموشن انهن جي ڪارڪردگي سان لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن تعليم جي ميدان ۾ جيڪي خال رهيل آهن انهن کي پُر ڪري سگهجي. هن وقت سنڌ ۾ 60 کان 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ انهن جي سنڌ حڪومت کي ڪابه پرواهه نه آهي ته اهي ڪو هنر به سکي رهيا آهن يا انهن جي اخلاقيات ڪهڙي پاسي وڃي رهي آهي، اهي 60 کان 70 لک ٻار جيڪي اسڪولن کان ٻاهر آهن اهي معاشري لاءِ هڪ وڏو خطرو آهن، جتي حڪومت آڪسفورڊ يونيورسٽي سان ڇهن اسڪالرشپن جي لاءِ هڪ معاهدو ڪري ڇهه اسڪالرشپون ورتيون آهن اتي بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير کي هڪ ڀيرو سنڌ جي تعليم واري وزير ۽ سيڪريٽري سان گڏجي ويهڻ گهرجي ۽ سنڌ جي تعليم کي جيڪي مسئلا سامهون آهن انهن جي متعلق به حل ڳولهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

            ڇو ته هن وقت به ڪيترائي اسڪول بند پيل آهن، عمارتون ٺهيل آهن، پر انهن ۾ تعليم جو عمل اڃان تائين شروع نه ٿيو آهي. گوسڙو استادن جو مسئلو پنهنجي جاءِ تي موجود آهي، بايو ميٽرڪ جو نظام آڻڻ جي باوجود به استاد اڃان تائين اسڪولن کان ٻاهر آهن. سنڌ جا هزارين اسڪول خاص ڪري ڇوڪرين جا اسڪول اهڙا آهن جن ۾ نه پاڻي جي سهولت آهي، نه واش روم ٺهيل آهن ۽ نه ئي اسڪولن کي حفاظتي ڀتيون ڏنل آهن، جنهن جي ڪري والدين ڇوڪرين کي اسڪول اماڻڻ جي لاءِ دلي طور تي رضامند نه آهن. ڪيترائي اسڪول اهڙا به آهن جتي ڇوڪرين کي پڙهائڻ جي لاءِ عورت استاد جي بجاءِ مرد استاد پڙهائي رهيا آهن جيڪو پڻ مائٽن جي لاءِ هڪ وڏو مسئلو آهي. اميد ٿي ڪجي ته جتي سنڌ حڪومت هنن اسڪالرشپن وٺڻ جهڙو احسن قدم کنيو آهي اتي هو سنڌ جي تعليم جي بنيادي مسئلن کي پڻ حل ڪندي ته جيئن اسان جا سنڌ جا سڀئي ٻار گهٽ ۾ گهٽ بنيادي تعليم حاصل ڪري پنهنجي شناخت حاصل ڪري سگهن ۽ پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن.