پاڪستان پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪندي ايران کي ڀرپور جواب ڏنو آهي!
16 جنوري 2024 تي ايران پاڪستان جي خودمختياري کي چئلينج ڪندي بلوچستان جي ڪوهه سبز جي علائقي پنجگور جي مقام تي ڇهه ميزائل ڪيرائي پنهنجي برادر اسلامي ۽ پاڙيسري ملڪ تي حملو ڪري هڪ وڏي غلطي ڪئي. جڏهن حد کي اورانگهيو ويندو آهي ته اها ڪمزوري بڻجي ويندي آهي، ايران ڪيتري ئي عرصي کان پاڪستان اندر مختلف طريقن سان حد دخليون ڪري رهيو هو، پر پاڪستان ڪڏهن به ان جو جواب سختي سان نه ڏنو، شايد ايران پاڪستان جي دوستاڻي رويي کي ڪمزوري تصور ڪري رهيو هو، حقيقت اها آهي ته نه پاڪستان ۽ نه ئي پاڪستاني فوج ڪمزور آهي ته ملڪ جي مٿان ٿيل جارحيت جو جواب نه ڏئي سگهي. ايران جي جارحيت جو پاڪستان آرمي کي جواب ڏيڻ انهيءَ ڪري اڻٽر ٿي پيو ته بجاءِ ايران پنهنجي غلطي تي نادم ٿيڻ بجاءِ پنهنجو پاڻ کي حق بجانب سمجهي رهيو هو ۽ 24 ڪلاڪن گذرڻ باوجود پاڪستان سان معذرت نه ڪئي. پاڪستان حڪومت سفارتي ناراضگي جو اظهار ڪندي پنهنجي سفير کي واپس گهرائي ورتو آهي، جڏهن ته ايران جو سفير جيڪو تهران ويل هو انهيءَ کي پاڪستان اچڻ کان منع ڪيو ويو آهي ۽ بار بار ايران کان مطالبو ٿيندو رهيو ته اهو پنهنجي ڪيل جارحيت جي مذمت ڪري، پر بجاءِ مذمت ڪرڻ جي ايراني حڪومت پنهنجي ارڏائي جو مظاهرو ڪري رهي هئي. پاڪستاني فوج کي مجبور ٿي پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪرڻو پيو، اهڙي قسم جي عمل ۾ پاڪستان جو عوام پاڪستان جي فوج سان گڏ بيٺل آهي. پاڪستاني فوج جي انهيءَ عمل سان فوج ۽ پاڪستاني عوام جو مورال بلند ٿيو آهي. پاڪستان اهو واضح ڪيو آهي ته هيءُ هڪ پرامن ملڪ آهي. جيڪڏهن ان جي مٿان جارحيت مڙهي وئي ته اهو دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. اهو پيغام اسانجي سڀني پاڙيسري ملڪن ڏانهن ويو آهي. يقينن هاڻي ڪوبه پاڙيسري ملڪ اسان جي وطنِ عزيز طرف ميري اک سان ڏسڻ جي همت نه ڪندو. آيت الله خميني جي انقلاب جي نتيجي ۾ آيل حڪومت اتان جي ماڻهن کي ڪيترن ئي سالن کان مذهبي انتهاپسندي ۾ هٿرادو ڌڪيو آهي ۽ ترقي پسند سوچ جا رستا روڪيا آهن. ايران جي حڪومت ڪيستائين پنهنجي عوام کي مذهبي انتهاپسندي اندر ڦاسائي قيد رکندي. ايراني عوام ترقي پسند سوچ رکي ٿو هو انتهاپسندي کان آزادي چاهي ٿو ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جو راڄ ڏسڻ چاهي ٿو. ايران ۾ 1979 ۾ هڪ مذهبي انقلاب جي نتيجي ۾ اتان جي عورت تمام گهڻو ڀوڳي رهي آهي، گذريل سال هڪ ڇوڪري کي ان ڪري ماريو ويو ته ان جي مٿي جا وار نظر اچي رهيا هئا ۽ ان کانپوءِ پوري ايران ۾ زبردستي پردي ڪرڻ کان بغاوت جي هڪ لهر شروع ٿي وئي، جنهن ۾ سوين بيگناهه ماڻهو مارجي ويا، هزارين ماڻهو اڄ به جيلن ۾ بند آهن. اهڙي قسم جون ترقي پسند ۽ انتهاپسندي کان باغيانه سوچون ايراني عوام اندر موجود آهن. ڇو ته ايران تاريخي طور تي هڪ ترقي پسند سوچ رکڻ وارو معاشرو هو جنهن کي هٿ وٺي هڪ انتهاپسندي واري معاشري ۾ تبديل ڪيو ويو آهي ۽ شايد هاڻي اهو ڪنٽرول ڪمزور ٿي رهيو آهي ۽ انتهاپسند قوتون معاشري جي مٿان اهو پنهنجو ڪنٽرول رکڻ ۾ ناڪام ٿي رهيون آهن ۽ ان ناڪامي کي لڪائڻ لاءِ پنهنجي پاڙيسري ملڪن تي حملا ڪري عوام جو ڌيان ٻئي پاسي ڇڪائڻ ۾ مصروف آهن ۽ ملڪ اندر جبري قانون لاڳو ڪري پنهنجون ڪوتاهيون لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. عراق هجي يا شام اتي ته ايراني فوج ڪنهن حد تائين خود کي طاقتور تصور ڪري سگهي ٿي، پر ايراني فوج ۽ ايراني حڪومت کي دل مان اهو وهم ڪڍي ڇڏڻ گهرجي ته هو پاڪستاني فوج جو مقابلو ڪري سگهندي. ايران جي حڪومت کي عقل کان ڪم وٺي جنگ کان پاسو ڪري پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي ترقي طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي. ايران کي گهرجي ته هو پنهنجي ڪمزور پاليسين کي بهتر ڪري جمهوريت کي مضبوط ڪري پاڙيسرين سان پنهنجا لاڳاپا بهتر ڪري ۽ پنهنجون معاشي حالتون بهتر ڪري، هڪ امن پسند ملڪ هجڻ جو مظاهرو ڪري. پاڪستان ۾ به 1977 ۾ هڪ آمر قبضو ڪيو ۽ هن به هٿرادو مذهبي انتهاپسندي ذريعي حڪومت کي 11 سال هلايو، پر پاڪستاني عوام ان جو مقابلو ڪري جمهوريت کي هميشه بحال ڪري سماج کي انتهاپسندي کان نجات ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. عوام پنهنجي مسلسل جدوجهد سبب جمهوريت کي مضبوط ڪري رهيو آهي. انهيءَ جي ڪري ڪيترين ئي ڪمزورين باوجود پاڪستان اندروني طور تي مضبوط آهي. پاڪستان اهو پڻ نٿو چاهي ته هو پاڙيسرين سان جنگ ڪري ڇو ته جنگ مسئلن جو حل نه، پر خود هڪ مسئلو آهي. ان جو ٻارڻ بيگناهه ماڻهو ٿيندا آهن، پر اها ڳالهه اسانجي ٽنهي پاڙيسري ملڪن ڀارت، ايران ۽ افغانستان کي به سمجهڻ گهرجي. هن خطي ۾ امن انتهائي ضروري آهي ۽ امن جي لاءِ حڪومتي سطح تي هر مسئلي جو حل ڳالهين سان ئي ڪڍي سگهجي ٿو. هاڻي جڏهن اسان پنهنجي دفاع جو حق استعمال ڪيو آهي ته ان کانپوءِ ايران ۽ پاڪستان جون حڪومتون سفارتي سطح تي پاڻ ۾ ڳالهيون ڪن ۽ انهيءَ جنگ جي چڻنگ کي باهه ۾ تبديل ٿيڻ کان پاسو ڪن. انهيءَ ۾ چين پنهنجون ثالثي واريون خدمتون آڇيون آهن، جنهن کي ٻنهي ملڪن کي قبول ڪرڻ گهرجي. انهيءَ ڪري مسئلن جو حل ڳالهين ذريعي ڪڍيو وڃي، انهيءَ سلسلي ۾ ايران تي وڌيڪ ذميداري عائد ٿئي ٿي، ڇو ته اڳرائي ڪري هن پنهنجي هڪ پاڙيسري ملڪ جي خودمختياري کي چئلينج ڪيو.