ايڊيٽوريل

اميرن جي بگڙيل شرابي اولاد کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻيو

صوبي سنڌ جو دارالحڪومت عروس البلاد شهر ڪراچي جنهن کي غريب پرور شهر چيو ويندو آهي، ڇو ته پوري ملڪ جا بکايل، بيروزگار، ٻه ويلا ماني کائڻ جي آسري هن شهر جو رخ ڪندا آهن ۽ يقينن هي شهر انهن کي بکيو سمهڻ نه ڏيندو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته انهن مان ڪيترائي جهڳين ۾ ۽ ڪيترائي فوٽ پاٿن تي رات گذاري صبح جو انتظار ڪندا آهن. بارش هجي، طوفان هجي، سردي هجي، گرمي هجي، هنن فوٽ پاٿن تي سمهندڙن جي لاءِ هي فوٽ پاٿ فائيو اسٽار هوٽل کان گهٽ نه هوندو آهي، ان ڪري جو پوري ڏينهن جي مزدوري ڪرڻ کانپوءِ آرام ڪرڻ جي لاءِ هنن کي فوٽ پاٿ ئي سهارو ڏيندو آهي.
هن فوٽ پاٿ تي سمهندڙن کان قانون جا رکوالا ڪجهه پئسا ڀتي جي روپ ۾ وٺندا آهن، اهي به هي غريب ماڻهو نصيب سمجهي انهن رکوالن کي ڏيندا آهن. ٻار ٻچا، پوڙها پڪا پنهنجي زندگي فوٽ پاٿ تي گذاريندا آهن. جيئن سندن جياپي جو ذريعو روزي روٽي هنن کي ملندي رهي. هي جتان ايندا آهن، اتي سندن نصيب ۾ رزق لکيل نه هوندو آهي. انهيءَ ڪري هو پنهنجا پٽ ڇڏي شهرن ۾ اچي مزدوري ڪن ٿا ۽ فوٽ پاٿن تي رات گذاري ڏينهن ڪن ٿا. خبر آهي ته ناگن چورنگي وٽ شراب ۾ ڌت اميرن جو اولاد ڪارن جي ريس ڪندي هڪ خاندان جيڪو فوٽ پاٿ تي ستو پيو هو، انهن جي مٿان چڙهي ويا. جنهن ۾ ٻه ڀائر موقعي تي فوت ٿي ويا، چار ماڻهو زخمي آهن. اهي بدمست شرابي هڪڙي گاڏي ڇڏي ٻي گاڏي ۾ سوار ٿي ڀڄي ويا. اکين ڏٺا شاهد چون ٿا ته هي نشي ۾ هئا ۽ ڪارن جي ريس لڳائيندا اچن پيا. جڏهن ته اسانجي فرض شناس پوليس چوي ٿي ته گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري فوٽ پاٿ تي ستل ماڻهن جي مٿان چڙهي وئي.
هيءَ خبر به انهيءَ رات آئي، جنهن رات وزيراعليٰ سنڌ قسم کڻي هيٽ ٽرڪ پوري ڪئي. هو ٻڌائي پيو ته سنڌ ۾ ماکي ۽ کير جون نهرون وهن پيون، عوام ڏاڍو خوشحال آهي انهيءَ ڪري کيس ووٽ مليا آهن ۽ راوي چين ئي چين لکي ٿو پيو. هي اهو صوبو سنڌ آهي جنهن جي آدمشماري جو 45 سيڪڙو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري ٿو. انهن کي ٻه ٽائيم جي ماني نه ٿي ملي. ان ڪري هي غريب بدقسمت خاندان پنهنجا ڳوٺ ڇڏي شهرن جو رخ ڪن ٿا ته جيئن مزدوري ڪري ٻه ويلا ماني کائي سگهن. هيءَ به هڪ غريب هندو فيملي آهي، سبزي ۽ ميون جو ريڙهو لڳائيندي آهي، ان مان هنن جي زندگي جي لاءِ اينڌن يعني ٻه ٽائيم ماني ٺهي پوندي آهي، ڇو ته هي انتهائي غريب آهن انهيءَ ڪري فوٽ پاٿ تي سمهي رهندا آهن. غريب آهن، پر فقير نه آهن، ان ڪري هو پورو ڏينهن پيٽ گذر لاءِ مزدوري ڪن ٿا. ڇا هنن کي جيئڻ جو حق نه آهي. 20 لک گهر جيڪا دعويٰ پيپلز پارٽي ڪري رهي آهي ته هن سنڌ صوبي جي عوام کي ٺاهي ڏنا آهن ۽ ايندڙ وقت ۾ به لکين گهر سنڌ جي عوام کي ٺاهي ڏينداسين انهن مان ته هڪ گهر به هنن جي حصي ۾ نه آيو، پوءِ به هي فوٽ پاٿ تي خوش هئا، پر انهن امراءَ جي بگڙيل اوباش نوجوانن کي جيڪي طاقت، دولت ۽ شراب جي نشي ۾ هر وقت بدمست هوندا آهن جن کي قانون جو ڪوبه خوف نه هوندو آهي ڇو ته کين خبر آهي ته هن سسٽم ۾ قانون صرف غريب جي لاءِ آهي ۽ هي ته طاقتور آهن هي ڪيترو به جرم ڪن هنن جو وار ونگو ٿي نه سگهندو.
اهڙي قسم جا ٻه واقعا اسان پنجاب جي دارالحڪومت لاهور ۾ ڏسي چڪا آهيون. ميڊيا انهن کي اجاگر ڪيو هو، پر پوءِ ڇا ٿيو ۽ هتي به ڇا ٿيندو؟ فوٽ پاٿ تي سمهندڙ ڪي انسان ٿور ئي آهن، هي ته ڪيڙا ماڪوڙا آهن. انهن کي اها خبر نه آهي ته بدمست ماڻهن جي لاءِ روڊ ڪافي نه هوندا آهن، اهي پنهنجيون گاڏيون فوٽ پاٿن تي هلائيندا آهن ۽ ههڙي قسم جا بدقسمت ماڻهو انهن جي راهه ۾ اچي پنهنجيون جانيون وڃائيندا آهن. پوليس جي پهرئين بيان کانپوءِ ائين محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪجهه به ڪونه ٿيندو. هڪ گاڏي جاءِ واردات تي ملي چڪي آهي، پر ان جا مالڪ ظاهر نه ڪيا ويا آهن، سرڪار هن سوال جو جواب ڏيندي ته هي مزدور ماڻهو مجبوري ۾ فوٽ پاٿن تي سمهن ٿا، فوٽ پاٿ به انهن لاءِ محفوظ نه آهن، انهن جي مٿان ڪارون چاڙهيون ٿيون وڃن جن جي ڪري انهن جي زندگي ختم ٿيو وڃي ٿي انهن جي لاءِ سرڪار وٽ ڪهڙو جواب آهي؟ ڇا انهيءَ ڏوهاري کي ڏوهه جي سزا ملندي؟
بقول علامه اقبال:
ترے آزاد بندوں کی نہ یہ دنیا نہ وہ دنیا
یہاں مرنے کی پابندی وہاں جینے کی پابندی