ايڊيٽوريل

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جي وچ ۾ اسٽاف ليول معاهدو طئي ٿي ويو. آءِ ايم ايف اعلاميو جاري ڪيو آهي ته آءِ ايم ايف پاڪستان لاءِ 37 مهينن تي مشتمل قرض واري پروگرام تي آماده ٿي ويو آهي، نئين قرض پروگرام جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو.
گذريل ڪجهه سالن کان ملڪ جون مالي حالتون ڪجهه بهتر ڪونه هيون، ائين به ٻڌڻ ۾ پئي آيو ته ملڪ ڊيفالٽ ڪرڻ وارو آهي تڏهن به حڪومت ڪوششون ڪيون ۽ ماڻهن قرباني ڏئي ملڪ کي ڊيفالٽ ٿيڻ کان بچائي ورتو. تڏهن به آءِ ايم ايف ۽ ملڪ جي وچ ۾ مالياتي ڏي وٺ جي ڪري اسين بهتري جي طرف هلي سگهياسين. پاڪستان جيئن ته سال 2022ع ۽ 2023ع ۾ معاشي بحران ۾ رهيو آهي ۽ شديد معاشي چئلينجن کي منهن ڏنو آهي، جن سبب خوراڪ، گئس ۽ تيل جي قيمتن ۾ اضافو ڪرڻو پيو ۽ مهانگائي چوٽ چڙهي وئي. وري عالمي منظر نامي تي يوڪرين ۽ روس جي جنگ جي ڪري تيل ۽ اناج جو عالمي مسئلو پيدا ٿيو ۽ انهن جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ لڳيون. اسان وٽ هڪ طرف مالي حالتون بهتر هيون ٻئي طرف گذريل سرڪارن ۾ کنيل قرضن جي ڪري اسان کي ادائگين لاءِ به ڏکي صورتحال هئي. ناقص حڪمرانيءَ جي ڪري ۽ مالياتي ۽ معاشرتي رٿابندي نه هجڻ جي ڪري اسان جو ملڪ ڄڻ ٻاهرين قرضن تي ئي هلندو رهيو آهي. نتيجي ۾ اتان جيڪي هدايتون اچن ٿيون اسان کي انهن تي عمل ڪرڻو پوي ٿو. اسان وٽ اها حقيقت آهي ته اسان جو ملڪ جيئن ته ترقي پذير ملڪ آهي، انهيءَ کي سدائين ادائگين جي توانائي جي بحران کي منهن ڏيڻو پيو آهي. گذريل آءِ ايم ايف پروگرام واري وقت کي ياد ڪجي انهيءَ وقت اسان کي سنگين مالياتي مسئلا هئا. اهڙي وقت ۾ جڏهن آءِ ايم ايف اسان کي پروگرام ڏنو ته اسين انهن سنگين مالياتي مسئلن مان نڪري سگهياسين. اهو اهڙو وقت هو جڏهن پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽجي ويا ۽ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي قيمت وڌي وئي، جنهن به مهانگائي کي جنم ڏنو. هاڻ جيئن ته اسان جو ملڪ زرعي صنعتي ترقي طرف وڌي رهيو آهي ۽ ان جون مالي حالتون بهتر ٿي رهيون آهن. آءِ ايم ايف چيو آهي ته پاڪستان جي اقتصادي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. آءِ ايم ايف پاڪستان جي موجوده حڪومت جي ڪيل مالياتي اصلاحات تي اطمينان جو اظهار ڪندي نئين اسٽاف ليول پروگرام جي منظوري ڏني آهي. آءِ ايم ايف اهو چيو آهي ته اسان اهو سمجهون ٿا ته پاڪستان جي اقتصادي ۽ مالياتي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. جڏهن گذريل ٽي ارب ڊالرن جو آءِ ايم ايف پروگرام ٿي رهيو هو تڏهن اسان جون مالي حالتون ايتريون بهتر نه هيون. آءِ ايم ايف پاڪستان جي سرڪار جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. جڏهن ته سال 2022ع، 2023ع ۾ ناڻي جي پکيڙ وڌي وئي ۽ مهانگائي بي قابو ٿي وئي تڏهن آءِ ايم ايف جو ٽي ارب ڊالرن جو پروگرام اسان کي مليو ۽ ان سان گڏ ٻيا عالمي مالياتي ادارا اسان جي مدد لاءِ آيا ۽ دوست ملڪن به اسان جي مدد ڪئي، جيئن ادارن ۾ عالمي بينڪ ۽ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ ۽ ملڪن ۾ آمريڪا، چين، سعودي عرب، متحده عرب امارات اسان جي مدد لاءِ آيا ۽ اسين ڏکئي وقت مان نڪري وياسين. آءِ ايم ايف خود اهو چيو آهي ته هاڻي پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي آئي آهي. پاڪستان ۾ پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا بهتر ٿيا آهن. پاڪستان ۾ معاشي استحڪام کي فروغ حاصل ٿيو آهي ۽ نئون قرض پروگرام جيڪو ست ارب ڊالر جي رقم تي مشتمل آهي پاڪستان ۾ معاشي استحڪام جو سبب بڻبو.
آءِ ايم ايف جي پاڪستان سان ٿيل اسٽاف ليول ايگريمينٽ جي اثرن کي ڏسجي ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج انهيءَ اعلان کانپوءِ تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ هيستائين مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج 81306 جي بلند ترين سطح تي ڏٺو پيو وڃي. اسين به ايئن سمجهون ٿا ته عالمي مالياتي ادارن سان اسان جا واسطا بهتر هجن جيئن مستقبل ۾ معاشي ۽ مالياتي ترقي ٿي سگهي، جنهن جي اسان جي ملڪ کي ضرورت آهي.