بسنت جو جشن لاهور جي سڃاڻپ هئي، جنهن کي 2005ع ۽ 2007ع جي وچ واري عرصي دوران فيصلو ڪري باقائدگيءَ سان پابندي لڳائي ختم ڪيو ويو. سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 2005ع ۾ پهريون دفعو بسنت دوران پتنگ بازي تي پابندي لڳائي. 2007ع ۽ 2009ع ۾ ڪجهه مشروط اجازت ڏني، پر پوءِ وري ان کي ختم ڪيو ويو، جنهن جو سبب ان جشن جي دوران ٿيندڙ خوني حادثا هئا. جنهن جو سبب ڪجهه لالچي واپارين جي اها لالچ هئي جن اهڙي ڏور ٺاهڻ شروع ڪئي جيڪا، ڪيميائي مواد ۽ شيشي جي استعمال سبب ڪيترن ئي ماڻهن جا ڳلا ڪٽي موت جو سبب بڻجندي وئي ۽ حفاظتي قدم نه کڻڻ جي ڪري ڪيترائي ماڻهو ڇتين تان ڪري پوڻ سبب حادثن جو شڪار ٿيندا رهيا ۽ پوءِ پنجاب حڪومت مٿان سخت تنقيد ٿيڻ لڳي. گذريل ڪيترن ئي سالن جي پابندين کانپوءِ 2026ع ۾ مريم نواز جي وزارت اعليٰ جي دور ۾ بسنت جي سپريم ڪورٽ کان اجازت وٺي ٻيهر شروعات ۽ ان جي لاءِ مڪمل سخت ضابطن (SOPs) تحت ٻيهر ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بسنت ملهائڻ نه صرف پنجاب، پر پوري پاڪستان جي روح کي وري جاڳائڻ برابر آهي. ايئن لڳي رهيو آهي ته هڪ مرده قوم جي اندر وري ثقافتي روح جاڳي رهيو هجي. مريم نواز جتي هڪ وزيراعليٰ جي حيثيت ۾ ٻيا ڪيترائي انقلابي انتظامي قدم کڻي پنهنجي صوبي کي ترقي وٺرائڻ ۽ پنهنجي قوم کي خوشحال مستقبل ڏيڻ لاءِ جديد دنيا سان ڳنڍي رهي آهي. ساڳي جاءِ تي کيس ان ڳالهه جي به ضرورت محسوس ٿي ته لاهور جي موت جهڙي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ لاءِ هڪ ڀيرو پنجاب جي ثقافت کي بحال ڪري پنجاب جي خوشحالي ۽ خوشين کي موٽائڻ جي سخت ضرورت آهي.
ممڪن آهي ته اهو فيصلو ڪو مرد وزير اعليٰ نه ڪري سگهي ها، پر اها جرئت هڪ عورت وزيراعليٰ جي نصيب ۾ آئي. پاڪستان جو اهو شهر جنهن کي زنده دل ماڻهن جو شهر سڏيو ويندو هو، ضياءُ الحق جي دور کانپوءِ ان جي مٿان مذهبي انتهاپسنديءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانئجڻ شروع ٿي ويا ۽ پنجاب جي زنده دلي ۽ ان جي ثقافتي ورثي کي انتهاپسنديءَ جي چادرن ۾ ويڙهي دفن ڪيو ويو. پوءِ هي شهر تبديل ٿي ويو، جتي ميلن تي پابندي، پارڪن يا تفريح گاهن ۾ خوف جو ماحول، صوفي رواداريءَ جو خاتمو، هڪٻئي جي عقيدن کي خوش دليءَ سان قبول ڪرڻ جي جاءِ انتها پسنديءَ جو راڄ، لاهور جو ٿيٽر، سئنيما ۽ موسيقي آهستي آهستي سڏڪا ڀرڻ لڳا. اهو شهر جيڪو سڄي دنيا جي سياحن لاءِ ڪشش جو مرڪز هو، جتي بسنت جي دوران سڄي پاڪستان مان خاص بسنت ٽرينون هلايون وينديون هيون، اتان جا ڪاريگر پنهنجو ڪاروبار ڪري سڄو سال آسوده رهندا هئا، انتهاپسندي ان شهر جي مرڪن کي لڙڪن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. مريم نواز پنهنجي صوبي کي شاندار انتظامي صلاحيتن سان هلائي رهي آهي. هن بسنت جي بحاليءَ لاءِ جيڪي قدم، اصول ۽ ضابطا مقرر ڪيا آهن، اهي پاڪستان جي ٻين ٽنهي صوبن جي وزيراعلائن جي لاءِ به هڪ مثبت پيغام آهن ته انهن کي ڪيئن پنهنجن صوبن ۾ ساڳي سگهڙائپ، سچائي ۽ محبت سان پنهنجي عوام جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. حقيقت ۾ بسنت جو سڌو سنئون تعلق موسم جي تبديلي ۽ زراعت سان آهي. بسنت جي مند ۾ پنجاب جون ٻنيون ۽ ٻارا سرنهن جي پيلن گلن سان ڀرجي ويندا آهن. ايئن لڳندو آهي ڄڻ هر طرح زعفراني رنگ هاريل هجي. سک ڌرم ۾ هن جشن جي وڏي اهميت آهي. سکن جي مذهبي ڪتاب گرو گرنٿ صاحب ۾ بسنت نالي هڪ خاص راڳ موجود آهي. سکن جي لاءِ پيلو رنگ جنهن کي بنستي رنگ چوندا آهن، بهادري، قرباني ۽ روحانيت جي علامت آهي. هن جشن دوران سکن جا گردوارا پيلن گلن سان سينگاريا ويندا آهن ۽ زردي جو لنگر هلايو ويندو آهي. مهاراجا رنجيت سنگهه جي دور ۾ هن جشن کي سرڪاري تهوار طور ملهايو ويندو هو. اصل ۾ هي صرف هڪ جشن ناهي، بلڪه اميد جي نشاني آهي.
جنهن ۾ زراعت سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنهنجي زمين تان نئين فصل جي صورت ۾ ڌرتيءَ مان نئون سون پوکڻ جي اميد رکن ٿا. هن جشن ۾ خوشين سان ماڻهو لغڙ اڏائي کاڌو پيتو کائي پنهنجي روح کي ريجهائين ٿا. سکن جي مذهبي عقيدي مطابق گرو نانڪ صاحب فطرت بابت فرمايو، “هوا گرو آهي، پاڻي پيءُ آهي ۽ هيءَ ڌرتي اسان جي ماءُ آهي.” جڏهن ڪنهن قوم جا مذهبي عقيده فطرت سان ايترا ڳنڍيل هجن ته اهي ماڻهو قدرتي طور تي سادا ۽ ڌرتيءَ سان محبت ڪندڙ بڻجي ويندا آهن. سک مذهب جي پوئلڳن جي هڪ خوبصورت ڳالهه اها آهي ته اهي خدمت ۾ يقين رکندڙ آهن ۽ عاجزي سندن اثاثو آهي ۽ اسان جو پنجاب به ان سڄي ورثي کي سنڀاليندو آيو هو، پر پوءِ مذهبي انتهاپسنديءَ جي راڪاس اسان جي هن خوبصورت تهوار کي بي رنگو ڪري ڇڏيو، بلڪه ماري ڇڏيو، پر هينئر اسان مبارڪ ٿا ڏيون پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي جنهن هن خوبصورت جشن کي وري زنده ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي نه صرف جشن ملهائڻ جو ٻيهر انتظام ڪيو آهي، بلڪه ان جي لاءِ عوام اندر مڪمل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ عوام اندر مايوسيءَ کي ختم ڪري هڪ اهڙو تحفو ڏنو آهي، جڏهن ملڪ ۽ قوم انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ سان مقابلو ڪري رهيا آهن. سڀني کي فطرت جي رنگن مان ڦٽندڙ هي تهوار مبارڪ هجي.