سنڌ حڪومت جي مالي امداد سان 15 نومبر 2025 کان اٺون سنڌ لٽريچر فيسٽيول ڪراچيءَ ۾ شروع ٿيو. سنڌ ۾ ادبي ميلن جو منعقد ٿيڻ تمام گهڻي سٺي روايت آهي. ڇو ته اهڙن ميڙاڪن ۾ اديبن، شاعرن ۽ مفڪرن کي موقعو ملي ٿو ته اهي گڏجي هڪٻئي سان ويهن، نوان خيال ونڊين، ادب ۾ ڇا لکجي رهيو آهي ان بابت نوجوانن کي آگاهي ڏين. جڏهن ڪتابن جي رونمائي ٿئي ٿي ته نه صرف نون، پر پراڻن ليکڪن کي به پنهنجا ڪتاب انهن ميلن ۾ وڪرو ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو ۽ اهي پنهنجو پاڻ کي نئين نسل جي پڙهندڙن تائين آرام سان پهچائي سگهن ٿا. ان طريقي سان ليکڪن کي به فائدو ٿئي ٿو ۽ پرنٽنگ سان لاڳاپيل پوري صنعت کي فائدو ٿئي ٿو.
اسان جي ثقافت جي سماجي اهميت اجاڳر ٿئي ٿي، جيڪا تمام گهڻي ضروري آهي. اهڙن موقعن تي نه صرف عام ماڻهو شريڪ ٿي انهن شخصيتن سان ملن ٿا جن سان ملڻ عام طور تي ڏکيو هوندو آهي، انهن سان ملي انهن جي فن جي باري ۾ ڄاڻي، انهن جي خيالن کي پنهنجي سامهون ٻڌندي کين انهن کان سکڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ اهڙي طريقي سان سماج ۾ مثبت تبديلي ايندي رهندي آهي.
ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته انهن ادبي ميلن جي ٿيڻ سان سماج ۾ هڪ وڏي مثبت تبديلي آئي آهي، جنهن سان صحتمند علمي شعور اجاڳر ٿيو آهي، نوجوان پنهنجي ماضيءَ کي سمجهڻ شروع ڪيو آهي ۽ حال جي باري ۾ هن ۾ ڄاڻ ۽ شعور ۾ واڌارو آيو آهي ۽ مستقبل جي باري ۾ هن جي اندر فيصلو ڪرڻ جي صلاحيت پيدا ٿي آهي. نه صرف ايترو بلڪه نوجوانن جي اندر انهن ميلن جي ڪري پڙهڻ جو رجحان وڌيو آهي. هڪ وقت هو جو نوجوان پڙهڻ کان تمام گهڻو پري ٿي ويا هئا. نه صرف پڙهڻ کان معاشرو ڪيٻائي رهيو هو، پر لکڻ وارن جو انگ به گهٽجي رهيو هو، پر هينئر معاشري جي اندر تنقيدي سوچ ۾ واڌارو اچي رهيو آهي، پنهنجي ٻولي پنهنجي ورثي سان محبت جو احساس وڌي رهيو آهي ۽ عام ماڻهو انهن ميلن ۾ شامل ٿي انهن بحثن کي ٻڌي پنهنجو پاڻ کي هن سماج جي لاءِ هڪ مثبت فرد جي طور تي تيار ڪري رهيو آهي ۽ اهو نوجوان جيڪو نا اميد ٿي ڏٺو ويو ان جي اندر سماج کي نئين نظر سان ڏسڻ جو رجحان وڌي ويجهي رهيو آهي.
سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته انهن بحثن مباحثن ۽ فڪري ويهڪن کانپوءِ سماج اندر صنفي متڀيد گهٽجي رهي آهي، سماجي ناانصافين بابت ڳالهايو پيو وڃي، جنهن سان سماج اندر اهو ماڻهو پيدا ٿي رهيو آهي جنهن جي اندر اميد جاڳي رهي آهي. سٺي ڳالهه اها آهي ته انهن ادبي ميلن ۾ سنڌ حڪومت مالي مدد ڏئي اهڙا ميلا منقعد ڪرائڻ ۾ ڪيترن ئي پليٽ فارمن کي مدد ڏئي ٿي. ان جاءِ تي ٿورو جيڪڏهن اسان بيهي حڪومتي ڪردار کي جاچينداسين ته اسان کي حڪومت جي ڪردار ۾ اهو ويزن نظر نٿو اچي جيڪو هڪ سياسي، جمهوري ۽ عوامي حڪومت جو هجڻ گهرجي. حڪومتن جو ڪم پنهنجين پاليسين کي ان طريقي سان ٺاهي لاڳو ڪرڻ هوندو آهي جو اهي عوام جي ڏنل ٽيڪسن مان اهڙا ڪم ڪن جنهن سان عام ماڻهو جي زندگيءَ ۾ اها تبديلي اچي جو هو پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ملڪ جي لاءِ اهو ڪجهه ڪري سگهن جيڪو ناممڪن نظر ايندو هجي.
اسان جي قوم کي هن وقت جنهن شيءِ جي سخت ضرورت آهي اها تعليم آهي، ان جو متبادل ٻي ڪابه شيءِ نٿي سگهي ٿي. هن وقت سنڌ جي تعليم جو بنيادي ڍانچو تمام ڪمزور ۽ ٽٽل ڀڳل آهي. ڪيترائي اسڪول آهن، جن جون عمارتون تمام گهڻيون زبون حال آهن، جن ۾ ٻارن کي ويهارڻ ڪنهن خطري کان خالي ناهي ۽ ٻار ڪلاسن کان ٻاهر ويهي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن دور ۾ اسان جا سرڪاري اسڪول جن ۾ جديد تعليمي نظام، ليبارٽرين ۽ لائبريرين جو هجڻ ضروري آهي، انهن ۾ نه پيئڻ جو پاڻي آهي، نه واشروم ٺهيل آهن ۽ نه ئي اسڪولن ۾ بجلي آهي. جڏهن ته اهي ادبي ميلا اڪثر وڏن شهرن تائين محدود رهن ٿا ۽ ٻهراڙي جي عام ماڻهو جو انهن تائين ڪوبه لاڀ نٿو پهچي.
انهن ميلن جو انعقاد سماجي پليٽ فارمن تي به ٿي سگهي ٿو، بلڪه ٿيڻ به ائين ئي گهرجي ته انهن کي منقعد ڪرڻ لاءِ سماج ۾ ڪجهه فرد انهن جي مالي مدد ڪري انهن کي منعقد ڪن ۽ پوءِ ان مان پئسا به ڪمائين، پر سنڌ حڪومت انهن جي مالي معاونت ڪري انهن کي عوام جي ٽيڪسن مان گڏ ڪيل رقم ڏئي سنڌ جي تعليمي نظام کي نظرانداز ڪري رهي آهي، جيڪا سنڌ حڪومت جي لاءِ تنقيد جو سبب بڻجي رهي آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته اها اهي ساليانه پئسا سنڌ جي پرائمري اسڪولن جي انفرااسٽرڪچر کي تعمير ڪرڻ تي خرچ ڪري. ان کان علاوه انهن جي اندر لائبريرين ۽ ليبارٽرين کي اپڊيٽ ڪرڻ جي لاءِ خرچ ڪري ته جيئن اسان جو ٻهراڙين ۾ رهندڙ ٻار جديد تعليم حاصل ڪري اتان کان نڪري ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ حصو وٺي سگهي. عوام جي اندر ڪيل سيڙپ سنڌ حڪومت کي گهڻو ڪجهه موٽائي ڏئي سگهي ٿي. گڏوگڏ جيڪڏهن حڪومت وٽ سرپلس پئسا آهن ته انهن ميلن ۾ به ضرور مالي امداد ڪندي رهي.