بلاگنئون

موسمي تبديلي- انساني صحت لاءِ وڌندڙ خطرو

جيئن دنيا ۾ گرمي پد وڌي رهيو آهي ۽ موسمون انتهائي حالتون اختيار ڪنديون پيون وڃن، موسمي تبديلي هاڻي رڳو ماحولياتي مسئلو ناهي، پر اها عوامي صحت جي هنگامي صورتحال بڻجي وئي آهي. پاڪستان سميت سڄي دنيا اڳ ۾ ئي انساني صحت تي موسمي تبديليءَ جا تباھه ڪندڙ اثر محسوس ڪري رهي آهي. جهڙوڪ: ڪالرا ۽ ڊينگي جهڙين بيمارين جي وڌندڙ وبا، روزاني زندگيءَ جي بگاڙ سبب ڊپريشن ۽ پريشاني جهڙيون ذهني بيماريون، ۽ انتهائي موسمي حالتن جي ڪري فصلن ۽ ڍورن ڍڳن جي تباهي سبب خوراڪ جي کوٽ. پاڪستان موسمي تبديليءَ جي اثرن کان سخت متاثر ٿي رهيو آهي. گرميءَ جون لهرون وڌيڪ تيز ۽ ڊگهيون ٿين ٿيون، جنهن سبب هيٽ اسٽروڪ جا واقعا ۽ موت وڌي رهيا آهن. اهڙي گرميءَ ۾ گهڻي دير تائين بيهڻ يا ڪم ڪرڻ زندگيءَ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو. خاص طور وڏي عمر جا ماڻهو، ٻار ۽ ٻاهر ڪم ڪندڙ مزدور سڀ کان وڌيڪ خطري ۾ آهن.

موسمي تبديلي پاڪستان جي ماڻهن جي صحت لاءِ سنجيده چئلينج آهي. بدلجندڙ موسم، وڌندڙ نمي ۽ ٻوڏ مڇرن سان ٿيندڙ بيماريون جهڙوڪ: ڊينگي، مليريا ۽ چڪن گونيا جي پکڙجڻ لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪن ٿا. ساڳئي وقت ٻوڏون پيئڻ جي پاڻيءَ کي گدلو ڪري ڪالرا، ٽائيفائيڊ ۽ دستن جهڙين بيمارين جي وبا پيدا ڪن ٿيون. بي وقت برساتون ۽ ڊگها ڏڪار زرعي پيداوار گهٽائين ٿا، جنهن سبب خوراڪ ۽ پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي. هي صورتحال خاص ڪري ٻهراڙين ۽ ريگستاني علائقن جهڙوڪ ٿرپارڪر ۾ ماڻهن لاءِ بک ۽ غذائي کوٽ جو وڏو خطرو بڻجي رهي آهي. پاڻيءَ جي کوٽ، زميني پاڻي گهٽجڻ ۽ گدلاڻ سبب وڌي رهي آهي، جيڪا صاف پاڻي ۽ صفائي تائين رسائي کي مشڪل بڻائي ٿي ۽ بيمارين جو خطرو وڌائي ٿي. موسمي تبديلي هوا جي گدلاڻ کي به وڌائي ٿي، جنهن ڪري دم، ڦڦڙن جون بيماريون ۽ دل جا مسئلا وڌي رهيا آهن. جهنگلن جي باھ ۽ مٽيءَ جا طوفان، جيڪي موسمي تبديلي سبب وڌي رهيا آهن، هوا ۾ زهريلا ذرڙا ڀري ڇڏين ٿا جيڪي خاص ڪري ٻارن لاءِ خطرناڪ آهن.

مون تازو مطالعو ڪيو ته موسمي تبديلي ذهني صحت تي ڪيئن ناڪاري اثر وجهي ٿي. جسماني صحت سان گڏ اها اسان جي ذهني ۽ جذباتي ڀلائيءَ کي به متاثر ڪري ٿي. ٻوڏ، ڏڪار ۽ بي گهر ٿيڻ جهڙا حادثا پريشاني، ڊپريشن ۽ صدمو پيدا ڪن ٿا. روزگار وڃائڻ ۽ زرعي تباهي مالي دٻاءُ ۽ ڊگهي بي يقيني پيدا ڪن ٿا. ان ڪري لازمي آهي ته موسمي تبديليءَ سان مطابقت کي قومي صحت جي حڪمت عملين ۾ شامل ڪجي. عوامي صحت جي ڍانچي، صاف پاڻي تائين رسائي، ابتدائي خبردارين ۽ تعليم ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ ضروري آهي. ماڻهن کي ڄاڻ ڏني وڃي ته هو بدلجندڙ ماحول سان ڪيئن مطابقت پيدا ڪن ۽ پنهنجي حفاظت ڪن. موسمي تبديلي هاڻي خطرو ناهي، اها حقيقت آهي جنهن جا اثر روز مره زندگيءَ ۾ ڏسي سگهجن ٿا. اڄ دنيا جي هر ڪنڊ ۾ انتهائي موسم، سامونڊي سطح وڌڻ ۽ ماحولياتي نظام ۾ تبديليون صاف نظر اچي رهيون آهن، خاص طور تي پاڪستان جهڙن ڪمزور ملڪن ۾. مطابقت سان اسين انهن اثرن کي منهن ڏئي سگهون ٿا، پر انهن کي روڪڻ لاءِ ضروري آهي ته بنيادي سببن کي گهٽايو وڃي، يعني گرين هائوس گيسن جي اخراج کي، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين ۽ نائٽرس آڪسائيڊ جهڙيون گيسون ٻارڻ، ساڙڻ، زرعي ۽ صنعتي سرگرمين ۽ جهنگن جي ڪٽائي سان پيدا ٿين ٿيون. ان ڪري ضروري آهي ته ڪوئلي، تيل ۽ گئس جو استعمال گهٽائي صاف توانائي جا ذريعا اختيار ڪجن. جهڙوڪ: سولر، هوا ۽ پاڻيءَ مان توانائي.

البته اهو هڪدم ممڪن ناهي، ان لاءِ نئين ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. ان سان گڏ توانائي جي بچت ۽ ڪارڪردگيءَ کي وڌائڻ به لازمي آهي. جهڙوڪ: LED بلب استعمال ڪرڻ، گهرن ۽ آفيسن جي بجليءَ جي نظام جي موصليت بهتر ڪرڻ، ۽ ٽرانسپورٽ ۾ سڌارا آڻڻ. بس، ريل، ڪارپولنگ ۽ برقي گاڏين کي فروغ ڏيڻ سان نه رڳو گدلاڻ گهٽجي سگهندي، پر ٽريفڪ جو بار به گهٽبو.

ساڳي ريت، ڪچرو گھٽائڻ ۽ ريسائڪلنگ جهڙا قدم به لازمي آهن. پلاسٽڪ جو ڪچرو گهٽائڻ سان گرين هائوس گيسن جي پيداوار به گهٽجي سگهي ٿي. زرعي شعبو به اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو، جهڙوڪ: نامياتي ڀاڻن جو استعمال ۽ ڍور ڍڳن جي فضلي کي ڀاڻ طور استعمال ڪرڻ. اهي سڀ قدم گڏجي موسمي تبديليءَ جي اثرن کي گهٽائڻ ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا. جيڪڏهن اسان گڏجي ڪوشش ڪنداسين ته نه رڳو ماحول بچائي سگهنداسين، پر ايندڙ نسلن لاءِ به محفوظ مستقبل ٺاهي سگهنداسين.