ڪراچيءَ جي هڪ پوش علائقي جي هڪ مشهور ڪلب جي ڪشادي هال جي ڪنڊائتي ٽيبل ڏانهن چاليهه سالن جو ساحر احمد هلندو آيو ۽ ڪاري رنگ جي گول ڪرسي ڇڪي ان تي ويهي ٽيبل جي چمڪندڙ شيشي ۾ پنهنجو منهن ڏسڻ لڳو. هن پنهنجي شيو ٿيل منهن جو عڪس ڏٺو ته منهن تي مرڪ اچي ويس. خبر ناهي اهو ڪمال هال ۾ چمڪندڙ لائيٽن جو هو يا سچ به هن جي منهن ۾ هوريان هوريان نور موٽي رهيو هو. گذريل ٻن سالن کان جڏهن کان هو ڪلب جو ميمبر ٿيو هو هن ئي ڪنڊائتي ٽيبل تي ئي ويهڻ لڳو هو ۽ هاڻي اسٽاف اها ٽيبل هن لا ريزرو ڪري ڇڏي هئي. هو سج لهڻ کان اڳ ڪلب ۾ اچي ويندو هو ۽ رات دير سان پنهنجي فليٽ ڏانهن موٽي ويندو هو. هو هڪ مشهور ٽي وي چينل لا ڊراما لکندو هو ۽ هڪ انگريزي اخبار لا ادب تي تنقيدي مضمون لکندو هو. اخبار مان جيڪي پيسا ملندا هئس اهي پيئڻ ۾ اڏائي ڇڏيندو هو. پيسن جي ته هن کي ڪڏهن به پرواهه ڪونه هئي هن جو پي شهر جو بزنس ٽائيڪون هو، جيڪو ڪاروبار جي ڪري اڪثر گهران ٻاهر رهندو هو ۽ هن سدائين پنهنجي ما کي يا ته ڪتاب پڙهندي ڏٺو يا وري هو کيس انهن پڙهيل ڪتابن مان آکاڻيون ٻڌائيندي هئي جنهن جي ڪري هن کي به ڪهاڻيون ٻڌائڻ سان عشق ٿي ويو. سومر ۽ اڳارو هفتي جا اهڙا ٻه ڏينهن هوندا هئا جڏهن هن جي ما کيس اسڪول ڇڏي هلي ويندي هئي ۽ رات جو دير سان گهر موٽندي هئي. هن ٽي وي چينل لا پهريون ڊرامو ئي منهنجي ما جي نالي سان لکيو جنهن جي ڪري کيس ڪيترائي ايوارڊ به مليا. هن جا ڊراما اڪثر عورتن جي چوڦير ڦرندا هئا، ڄڻ مرد هن جي دنيا جو ڪو غير ضروري جز هجن! هن کي هڪ چينل ڊرامن لکڻ جا ٻيڻا پيسا ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر جنهن چيئنل لا هو ڊراما لکي رهيو هو ان کيس ٽيڻا پيسا ايڊوانس ۾ ڏئي ڇڏيا ۽ ڪلب جي ميمبرشپ به ڪرائي ڏني. ايئن هو ملڪ جو سڀني کان وڌيڪ پيسا وٺندڙ ڊراما نگار ٿي پيو. هن جا چرچا ميڊيا خاص ڪري سوشل ميڊيا ۾ تڏهن ٿيڻ لڳا جڏهن هن آڪاش قمر نالي هڪ ٻئي مشهور ڊراما نگار تي الزام هنيو ته هو عورت دشمن آهي ۽ ٻيو هو ڏاڍو باصلاحيت ادبي چور آهي، جهڙي خوبصورتي سان آڪاش قمر هالي ووڊ جي فلمن جا اسڪرپٽ چورائي ڊراما لکندو آهي اهڙي ريت شايد ئي ڪو ٻيو ادب ۽ انٽرٽنمينٽ ۾ هٿ جي صفائي ڏيکاري سگهي! ان کانپو ڪيترن ئي ڏينهن تائين هن جو وڊيو ڪلپ انٽرنيٽ تي وائرل ٿيندو رهيو. آڪاش قمر به گگون ڳاڙيندو رهيو، پر ماڻهن کي ساحر جي ڳالهه وزنائتي ٿي لڳي. ان چيئنل کيس اها به ڇوٽ ڏئي ڇڏي ته جڏهن هن جي دل چئي اسڪرپٽ لکي پورو ڪري. هن جون ته پنجئي آڱريون گيهه ۾ ٿي پيون. هو اڪثر شام جو ڪتاب ۽ ليپ ٽاپ کڻي ايندو هو ۽ ڪلب جي ڪنڊائتي ٽيبل تي ويهي رات دير تائين پيئندو ۽ پڙهندو يا لکندو رهندو هو. هن لا هاڻي پڙهڻ ۽ لکڻ کانسوا زندگي جو ٻيو ڪو مقصد ئي نه رهيو هو. ان شام جو هو جيئن ئي ٽيبل تي ويٺو ته بيرو هن لا پاڻي جي بوتل، آئيس بڪٽ ۽ بليڪ ليبل جي بوتل کڻي آيو. هن مرڪي بيري جو ٿورو مڃيو. بيري به مرڪي ڪنڌ لوڏيو ۽ هن جي سامهون نمڪو جي پليٽ، آئيس بڪٽ، گلاس وغيره رکي هليو ويو. هن پيئڻ شروع ڪيو. هن جي ذهن ۾ پنهنجي ئي لکيل هڪ جملي جو واڄٽ ٿيڻ لڳو، هن ادبي دنيا لا پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ ڪجهه سوال ڇڏيا هئا: ڇا ڪهاڻي پڻي (اسٽوري ٽيلنگ) جي حوالي سان اسان سڀ طريقا استعمال ڪري چڪا آهيون؟ ڇا ادبي حوالي سان اسان کي جيڪي ڳالهيون ڪرڻيون هيون سي ڪري چڪا آهيون؟ ڇا هاڻي ڪنهن به ڪهاڻي ٻڌائيندڙ (اسٽوري ٽيلر) وٽ ڪا نئين ڪهاڻي ڪنهن نئين انداز ۾ ٻڌائڻ لا نه بچي آهي؟ اهي خيال هن کي جديديت پڄاڻا ليکڪ جان بارٿ جي سيمئيل بيڪٽ جي لکيل هڪ ڊرامي تي ڪيل تنقيدي جملي مان آيا هئا. بارٿ لکيو هو: لڳي ٿو هاڻي جديديت وارن وٽ چوڻ لا ڪجهه بچيو ئي ناهي! هو شراب پي مرڪڻ لڳو ۽ پنهنجي ڀيٽ جان بارٿ سان ڪرڻ لڳو. هن پهريون پيگ پورو ڪري گلاس ٽيبل تي رکيو ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو. هن جي سامهون هن جو ئي هم عمر همراهه ويٺل هو جنهن جي شرٽ جا مٿيان ٻه بٽڻ کليل هئا ۽ انهي ڪري هن جي سيني جا وار ظاهر پي ٿيا. هن جي ڪلين شيو منهن تي مرڪ هئي ڄڻ اها مرڪ ساحر کي ڏسي خوشي مان آئي هجي.