ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: ساحر صاحب (حصو پهريون)

ڪراچيءَ جي هڪ پوش علائقي جي هڪ مشهور ڪلب جي ڪشادي هال جي ڪنڊائتي ٽيبل ڏانهن چاليهه سالن جو ساحر احمد هلندو آيو ۽ ڪاري رنگ جي گول ڪرسي ڇڪي ان تي ويهي ٽيبل جي چمڪندڙ شيشي ۾ پنهنجو منهن ڏسڻ لڳو. هن پنهنجي شيو ٿيل منهن جو عڪس ڏٺو ته منهن تي مرڪ اچي ويس. خبر ناهي اهو ڪمال هال ۾ چمڪندڙ لائيٽن جو هو يا سچ به هن جي منهن ۾ هوريان هوريان نور موٽي رهيو هو. گذريل ٻن سالن کان جڏهن کان هو ڪلب جو ميمبر ٿيو هو هن ئي ڪنڊائتي ٽيبل تي ئي ويهڻ لڳو هو ۽ هاڻي اسٽاف اها ٽيبل هن لا ريزرو ڪري ڇڏي هئي. هو سج لهڻ کان اڳ ڪلب ۾ اچي ويندو هو ۽ رات دير سان پنهنجي فليٽ ڏانهن موٽي ويندو هو. هو هڪ مشهور ٽي وي چينل لا ڊراما لکندو هو ۽ هڪ انگريزي اخبار لا ادب تي تنقيدي مضمون لکندو هو. اخبار مان جيڪي پيسا ملندا هئس اهي پيئڻ ۾ اڏائي ڇڏيندو هو. پيسن جي ته هن کي ڪڏهن به پرواهه ڪونه هئي هن جو پي شهر جو بزنس ٽائيڪون هو، جيڪو ڪاروبار جي ڪري اڪثر گهران ٻاهر رهندو هو ۽ هن سدائين پنهنجي ما کي يا ته ڪتاب پڙهندي ڏٺو يا وري هو کيس انهن پڙهيل ڪتابن مان آکاڻيون ٻڌائيندي هئي جنهن جي ڪري هن کي به ڪهاڻيون ٻڌائڻ سان عشق ٿي ويو. سومر ۽ اڳارو هفتي جا اهڙا ٻه ڏينهن هوندا هئا جڏهن هن جي ما کيس اسڪول ڇڏي هلي ويندي هئي ۽ رات جو دير سان گهر موٽندي هئي. هن ٽي وي چينل لا پهريون ڊرامو ئي منهنجي ما جي نالي سان لکيو جنهن جي ڪري کيس ڪيترائي ايوارڊ به مليا. هن جا ڊراما اڪثر عورتن جي چوڦير ڦرندا هئا، ڄڻ مرد هن جي دنيا جو ڪو غير ضروري جز هجن! هن کي هڪ چينل ڊرامن لکڻ جا ٻيڻا پيسا ڏيڻ جي آڇ ڪئي پر جنهن چيئنل لا هو ڊراما لکي رهيو هو ان کيس ٽيڻا پيسا ايڊوانس ۾ ڏئي ڇڏيا ۽ ڪلب جي ميمبرشپ به ڪرائي ڏني. ايئن هو ملڪ جو سڀني کان وڌيڪ پيسا وٺندڙ ڊراما نگار ٿي پيو. هن جا چرچا ميڊيا خاص ڪري سوشل ميڊيا ۾ تڏهن ٿيڻ لڳا جڏهن هن آڪاش قمر نالي هڪ ٻئي مشهور ڊراما نگار تي الزام هنيو ته هو عورت دشمن آهي ۽ ٻيو هو ڏاڍو باصلاحيت ادبي چور آهي، جهڙي خوبصورتي سان آڪاش قمر هالي ووڊ جي فلمن جا اسڪرپٽ چورائي ڊراما لکندو آهي اهڙي ريت شايد ئي ڪو ٻيو ادب ۽ انٽرٽنمينٽ ۾ هٿ جي صفائي ڏيکاري سگهي! ان کانپو ڪيترن ئي ڏينهن تائين هن جو وڊيو ڪلپ انٽرنيٽ تي وائرل ٿيندو رهيو. آڪاش قمر به گگون ڳاڙيندو رهيو، پر ماڻهن کي ساحر جي ڳالهه وزنائتي ٿي لڳي. ان چيئنل کيس اها به ڇوٽ ڏئي ڇڏي ته جڏهن هن جي دل چئي اسڪرپٽ لکي پورو ڪري. هن جون ته پنجئي آڱريون گيهه ۾ ٿي پيون. هو اڪثر شام جو ڪتاب ۽ ليپ ٽاپ کڻي ايندو هو ۽ ڪلب جي ڪنڊائتي ٽيبل تي ويهي رات دير تائين پيئندو ۽ پڙهندو يا لکندو رهندو هو. هن لا هاڻي پڙهڻ ۽ لکڻ کانسوا زندگي جو ٻيو ڪو مقصد ئي نه رهيو هو. ان شام جو هو جيئن ئي ٽيبل تي ويٺو ته بيرو هن لا پاڻي جي بوتل، آئيس بڪٽ ۽ بليڪ ليبل جي بوتل کڻي آيو. هن مرڪي بيري جو ٿورو مڃيو. بيري به مرڪي ڪنڌ لوڏيو ۽ هن جي سامهون نمڪو جي پليٽ، آئيس بڪٽ، گلاس وغيره رکي هليو ويو. هن پيئڻ شروع ڪيو. هن جي ذهن ۾ پنهنجي ئي لکيل هڪ جملي جو واڄٽ ٿيڻ لڳو، هن ادبي دنيا لا پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ ڪجهه سوال ڇڏيا هئا: ڇا ڪهاڻي پڻي (اسٽوري ٽيلنگ) جي حوالي سان اسان سڀ طريقا استعمال ڪري چڪا آهيون؟ ڇا ادبي حوالي سان اسان کي جيڪي ڳالهيون ڪرڻيون هيون سي ڪري چڪا آهيون؟ ڇا هاڻي ڪنهن به ڪهاڻي ٻڌائيندڙ (اسٽوري ٽيلر) وٽ ڪا نئين ڪهاڻي ڪنهن نئين انداز ۾ ٻڌائڻ لا نه بچي آهي؟ اهي خيال هن کي جديديت پڄاڻا ليکڪ جان بارٿ جي سيمئيل بيڪٽ جي لکيل هڪ ڊرامي تي ڪيل تنقيدي جملي مان آيا هئا. بارٿ لکيو هو: لڳي ٿو هاڻي جديديت وارن وٽ چوڻ لا ڪجهه بچيو ئي ناهي! هو شراب پي مرڪڻ لڳو ۽ پنهنجي ڀيٽ جان بارٿ سان ڪرڻ لڳو. هن پهريون پيگ پورو ڪري گلاس ٽيبل تي رکيو ته هن کان ڇرڪ نڪري ويو. هن جي سامهون هن جو ئي هم عمر همراهه ويٺل هو جنهن جي شرٽ جا مٿيان ٻه بٽڻ کليل هئا ۽ انهي ڪري هن جي سيني جا وار ظاهر پي ٿيا. هن جي ڪلين شيو منهن تي مرڪ هئي ڄڻ اها مرڪ ساحر کي ڏسي خوشي مان آئي هجي.
معاف ڪجو مسٽر پر هي ٽيبل ريزرو آهي! ساحر ان همراهه کي چتائي ڏسندي چيو.
سوري سر پر مون کي اوهان جي هڪ لکيل جملي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان اوهان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهران ٿو. ان همراهه مرڪي سلڇڻي انداز ۾ چيس.
مسٽر توکي ڇا ٿو لڳي ته مون وٽ ايترو اجايو وقت آهي؟ هي منهنجو پرسنل ٽائيم آهي. ساحر بليڪ ليبل جي بوتل ۾ هٿ وجهندي چيس.
جي سر بلڪل پر ايئن به ٿي سگهي ٿو ته مون سان گهاريل هي ڪجهه گهڙيون سدائين لا ادب بابت اوهان جي خيالن کي بدلائي ڇڏئين! ان همراهه وري به مرڪندي چيس. ساحر هن کي چتائي ڏٺو ۽ ڪجهه گهڙين لا گهري سوچ ۾ ٻُڏي ويو.
اڇا! جيڪڏهن ايئن ٿيو ته توکي روز منهنجو مهمان ٿيڻ جي اجازت هوندي. ساحر ٻيو پيگ ٺاهيندي چيس.
جي سر. هن جواب ڏنس.
ها ته ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ ساحر جواب ڏنس. ايتري ۾ بيرو هن وٽ آيو ۽ حيراني مان پڇيائنس: سر ڪجهه گهرجي؟
نه مهرباني، پليز ڪجهه دير لا اسان کي ڊسٽرب نه ڪجو. ساحر هوريان چيس. نوجوان بيرو ويتر حيران ٿيو ۽ جي سر چئي هليو ويو.
جي مسٽر ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ ساحر هن کي ڏسندي چيو ۽ گلاس چپن تائين آندو.
سر ڇا اوهان کي لڳي ٿو ته سچ ۾ اسان وٽ هاڻي ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ لا ڪا به نئين ڪهاڻي نه بچي آهي؟ همراهه سلڇڻي انداز ۾ پڇيس. ان تي ساحر ماٺ رهيو ته همراهه وري ٻيو سوال ڪيس.
سر اوهان جو جادو جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟ ان همراهه پڇيس.
بڪواس. ساحر هڪ لفط ۾ جواب ڏنس. ان تي ان همراهه مرڪي چيس:
سر اهو جادو جي حوالي سان اوهان جو عقيدو آهي خيال يا را، ان همراهه مرڪي چيس.
تون ڇا ٿو چوڻ چاهين؟ ساحر حيراني مان پڇيس.
سر جادو جو وڏي ۾ وڏو ڪمال آهي ان جو سحر طاري ڪري ڇڏڻ نڪي اهو ته اهو سچ آهي يا ڪوڙ. جادو ۾ هڪ شي کي ڇڏي ڪري سڀ شيون ڪوڙيون هونديون آهن، يا وري هڪ شي کي ڇڏي ڪري سڀ شيون سچيون هونديون آهن. پر اهو ڪوبه ڪمال نه آهي اصل ڪمال ان سحر ۾ آهي، ان ماحول ۾ آهي جيڪو اهو جادوگر پنهنجي چوڦير جوڙيندو آهي. جنهن جي ڪري ڪنهن کي به اها خبر نه پوندي آهي ته ڇا سچ آهي ۽ ڇا ڪوڙ آهي. اسان اهي شيون هزارين ڀيرا ڏسي چڪا هوندا آهيون پر وري به جڏهن ڪنهن ميلي ۾ ڪو نئون جادوگر ايندو آهي ته ان جي ڪرتب کي ڏسڻ لا ماڻهن جي قطار لڳي ويندي آهي. اهو ان ڪري نه ته هو ڇا ڏيکارڻ وارو آهي، اها ته سڀني کي خبر هوندي آهي، ماڻهو ان ڪري گڏ ٿيندا آهن ته هو ڪهڙي شيءِ کي ڪيئن ڏيکارڻ وارو آهي ۽ ان لا ڪهڙو ماحول ٿو جوڙي! عربي ۾ جادو ٿيو سحر ۽ جادوگر ٿيو ساحر. هن ويتر مرڪندي چيس.
مسٽر تنهنجي ڳالهه دلچسپ آهي ۽ مان ان کي ڪنهن نه ڪنهن مضمون ۾ حوالي طور ضرور لکندس. ساحر هن کي غور سان ڏسندي چيو: ڇا تون پيئندو آهين؟
سر اوهان سان پيگ شيئر ڪرڻ منهنجي لا اعزاز هوندو. ان همراهه وري مرڪندي چيس. ساحر به مرڪيو ۽ هن لا پيگ ٺاهڻ لڳو. ساحر پيگ ٺاهي هن ڏانهن گلاس وڌايو. هن گلاس کڻي ورتو.
مسٽر تنهنجو نالو ڇا آهي؟ ساحر سوال ڪيئس.
سر اجازت هجي ته مان پنهنجو نالو موڪلائڻ مهل ٻڌايان! هن گلاس چپن تائين آڻيندي چيو.
انٽريسٽنگ مين! ساحر سگريٽ دکائي مرڪي چيس.
سر مان سمجهان ٿو ته ڪهاڻي جو پنهنجو ڪوبه سحر نه هوندو آهي اصل سحر ته ان ماحول ۾ هوندو آهي جيڪو ڪهاڻي ٻڌائڻ لا ڪهاڻي ٻڌائيندڙ جوڙيندو آهي، جنهن مان ٻڌندڙ اهو فيصلو ئي نه ڪري سگهندو آهي ته جيڪو هن ٻڌو آهي ان مان ڪهڙي ڳالهه سچ آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه ڪوڙ آهي؟ هن چيس.
ساحر هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيس: ڇا تون ڪنهن اهڙي ڪهاڻي ٻڌائيندڙ کي سڃاڻي؟
سر هڪڙو ته اوهان جي سامهون ئي ويٺو آهي. ان همراهه جواب ڏنس. اهو ٻڌي ساحر هلڪڙو ٽهڪ ڏئي کلڻ لڳو.
پو ڏيکار پنهنجي جادوگري. ساحر چيس.
جي سر، پر مان هڪ ريڪوئيسٽ ڪرڻ چاهيان ٿو. هن چيس.
اڇا! ساحر هن کي ڏسندي سگريٽ جو ڪش هنيو.
سر مان جتي به ڪهاڻي ٻڌائڻ بس ڪيائين، اتي اوهان پڇجو اڳيان ڇا ٿيو يا پو ڇا ٿيو؟ جيڪڏهن اوهان اهو نه پڇيو ته ان جو مطلب مان ڪهاڻي لا ماحول جوڙڻ ۾ ناڪام ويس.
اهو ٻڌي ساحر مرڪي هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ ان همراهه کيس ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي:
سر مان ڪلفٽن تي هڪ عمارت جي خوبصورت فليٽ ۾ اڪيلو رهندو آهيان. منهنجي بلڪل سامهون واري فليٽ ۾ منهنجو ئي هم عمر همراهه رهندو آهي. هو ڏاڍو عجيب آهي. ڪيترائي ئي ڏينهن فليٽ مان نڪرندو ئي ناهي. اڄ شام اوچتو فليٽ جو در کولي رڙيون ڪرڻ لڳو ٽيهن سالن کانپو هي ڪرڙي سانڊو ٿي ويندي. ٻين ٽيهن سالن کانپو اهو سانڊو ڳوهه ٿي ويندو ۽ ان کانپو وري ٽيهن سالن ۾ اها ڳوهه واڳون ٿي ويندو ۽ اهو واڳون کيس ڳڙڪائي ويندو.
اصل ۾ سر هو ڪيترن ئي ڏينهن کان انهي ڪمري ۾ ويهي ڇت تي هلندڙ ڪرڙي کي تڪيندو رهيو هو. هن کي سدائين ڪرڙي، سانڊي، ڳوهه ۽ واڳون کان ڀئو ٿيندو رهندو آهي. هو لاڳيتو ڇت واري ڪرڙي کي ڏسندو ٿي ويو. هن کي اهو ڀئو هو ته ڪٿي اها ڪرڙي هن جي مٿان نه اچي ڪري يا ڪٿي ان جا ٽيهه سال پورا نه ٿي ويا هجن ۽ سانڊو نه ٿي پئي. پر هو ڪرڙي کي ڏسندي عجيب عجيب ڳالهيون سوچي رهيو هو. ٻين ڳالهه جو پهرئين ڳالهه سان ڪو به واسطو نه هو. هن کي بي ترتيب خيال ايندا رهندا آهن، ڪڏهن کيس لڳندو آهي ته هو فلسفي آهي، ڪڏهن وڏو عالم ۽ ڪڏهن وري تمام وڏو انقلابي. پر هن سان مسئلو اهو آهي ته اهي سڀ خيال هن کي جنسي طور ڊسچارج ٿيڻ کانپو ئي ايندا آهن. جيتري تائين هو ڊسچارج نه ٿيندو آهي ايتري تائين هن جي ذهن ۾ جنسي سڪون کان سوا ٻيو ڪوبه خيال نه ايندو آهي. هو اڪثر ليپ ٽاپ تي اگهاڙيون فلمون ڏسندو آهي ۽ هٿ جي هنر مان ئي راحت حاصل ڪندو آهي. هو هڪ ٻه ڀيرا ڪال گرل ڏانهن به ويو پر کيس اهو سڪون نه مليو جيڪو هن کي هٿ جي هنر ۾ خيالن ئي خيالن ۾ جنسي عمل مان ملندو آهي. هو اڪثر ڪري هم جنس پرست عورتن جا ئي ڪلپ ڏسندو آهي. هن کي لڳندو آهي عورت ڪڏهن به مرد مان جنسي سڪون حاصل نٿي ڪري سگهي، هڪ عورت ئي ٻئي عورت جي جسم کي پوري نموني سمجهي سگهي ٿي. پر جيئن هو ڊسچارج ٿي ويندو آهي ته هڪدم ليپ ٽاپ بند ڪري ڪنهن فلسفي جيان وڏن وڏن سوالن تي سوچڻ لڳندو آهي. جهڙو ڪر: خدا آهي يا نه؟ زندگي ڇا آهي؟ سماج ڇا آهي وغيره وغيره. هو يونيورسٽي ۾ فلسفي جو شاگرد هو ۽ ان سان گڏ تخليقي ادب ۾ به ڪورس ڪيل اٿس. هن جو فرد جي آزادي جي حوالي سان هڪ الڳ ئي خيال آهي. هوريان هوريان هن اهو چوڻ شروع ڪيو ته سماج ڪجهه به نه ٿيندو آهي، اهو رڳو خيالي تصور آهي ۽ اهو ان ڪري جوڙيو ويو آهي جيئن ٻين تي حڪمراني قائم ڪري سگهجي. هن موجب انسان سماجن بدران لقائن ۽ حالتن ۾ رهندا آيا آهن. وري رکي رکي هن کي پنهنجي ما جي ياد ستائڻ لڳندي آهي. هن کي لڳندو آهي جهڙي نموني هن کي پنهنجي ما آکاڻيون ٻڌايون اهڙي نموني دنيا ۾ ڪير به وري هن کي آکاڻي نه ٻڌائي سگهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن هن کي لڳندو آهي هو ننڍڙو ڇوڪرو آهي ۽ ما جي هنج ۾ مٿو رکي ان کان آکاڻي ٻڌي رهيو آهي. آکاڻي ٻڌائيندي اوچتو هن جي ما کيس ٻانهن ۾ چڪ هڻندي آهي. ان تي هو ڇرڪ ڀريندو آهي. هو اهو سڀ ايتري تائين سوچيندو رهندو آهي جيتري تائين ٻيهر هن جي ذهن ۾ جنسي خيال نٿا اچن. جنهن ڏينهن هو فليٽ مان ٻاهر ڀڄي رڙيون ڪندو ويو تنهن ڏينهن ڊسچارج ٿيڻ کانپو عورت بابت سوچڻ لڳو. هن کي وڏي وقت کان اهو به احساس ٿيڻ لڳو هو ته هو غلطي مان مرد ٿي پيو هو، هن کي عورت ٿيڻ گهرجي ها. اهي خيال هن کي پنهنجي ما جي ڪري ايندا هئا. هن پنهنجي ما کان وڌيڪ سهڻي عورت نه ڏٺي آهي ۽ سچ ۾ هو ڇا ته عورت هئي هن جي ٽهڪن تي تارا رقص ڪرڻ لڳندا هئا. هن جي وڏين ڪارين اکين کي ڏسڻ سان ماڻهو خمارجي ويندو هو، هو چيلهه جيڏا ريشمي وار جڏهن کولي گهمندي هئي ته ڪا اپسرا لڳندي هئي. پو هڪ ڏينهن هو هن کي ۽ هن جي پي کي ڇڏي پٽ جيڏي ڪنهن عاشق سان ڀڄي وئي.
اتي هن ڪهاڻي ٻڌائڻ بس ڪئي. ساحر هن کي مرڪي ڏٺو ۽ چيو: اڇا پوءِ ڇا ٿيو؟
اهو همراهه به مرڪيو ۽ اڳيان ڳالهه ڪيائين:
سر هن جو پي شراب پيئڻ لڳو هڪ رات هو ايترو شراب پي ويو جو آپي مان ئي ٻاهر نڪري ويو، هن پنهنجا سڀ ڪپڙا لاهي ڇڏيا ۽ بالڪوني ۾ بيهي رڙيون ڪرڻ لڳو: حرام ڄائي هي ڏس سڀني مردن وٽ سڀ ڪجهه ساڳيو ئي هوندو آهي! ۽ پو هن بالڪوني کان هيٺ ٽپو ڏئي ڇڏيو. بلڊنگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي ويا، هن جي پي جو منهن ڇٿجي ويو. پر هو پي لا هيٺ ڪونه لٿو. ايتري تائين جو هو پي جي جنازي ۾ به ڪونه ويو. هو ٻه ڏينهن فليٽ ۾ بند رهيو ۽ ٽيئن ڏينهن کان هو ما کي ڳولڻ نڪتو. پر هو ما کي ڪٿي ڳولي ها! اوچتو ئي اوچتو هن کي خيال آيو هن جي ما پنهنجي عاشق سان ڪنهن هوٽل ۾ ترسيل هوندي. ان ڪري هن ڪراچي جي هر وڏي هوٽل جو چڪر هنيو پر هر ڀيري کيس اهو ئي جواب ٿي مليو ته ڪنهن به ڪلائنٽ جي انفارميشن نٿي ڏئي سگهجي. هو نراس ٿي فليٽ تي موٽي آيو. هن کي بس هڪ ڀيرو پنهنجي ما کي ڏسڻ جي آس هئي. ان ڏينهن هن پهريون ڀيرو ڪمري جي ڇت تي ڪرڙي ڏٺي ۽ کيس پنهنجي ما جي ٻڌايل آکاڻي ياد آئي جنهن ۾ کيس ما ٻڌايو هو ته ٽيهن سالن کانپو ڪرڙي سانڊو ٿي پوندي آهي، ان جي ٽيهن سالن کانپو سانڊو ڳوهه ٿي پوندو ۽ پو ڳوهه واڳون ٿيو وڃي. ان تي هن ما کان پڇيو هو: ۽ پو؟
ما کلندي چيو هيس: ۽ پو واڳون اسان سڀني کي ڳڙڪائي ويندو آهي. انهن ڏينهن ۾ هو سينٽ پئٽرڪس اسڪول ۾ پڙهندو هو، هن جو پي شهر جو بزنس ٽائيڪون هو، پر هو ٿلهو ۽ رنگ جو ڪارو هو جڏهن ته هن جي ماءُ کير جهڙي اڇي هئي، هن جو پنهنجو رنگ به ما تي ويو هو. ان کانپو کيس پنهنجو ئي پي واڳون جيان لڳو ۽ جڏهن اهو مري ويو ته کيس ڪو خاص ڏک ڪونه ٿيو. ها، پر ما جو کيس ايئن ڇڏي وڃڻ هن لا قيامت مثل هو. ان ڏينهن هو ڪرڙي کي تڪيندو رهيو ۽ سوچيائين جيڪر دنيا ۾ مردن بدران رڳو عورتون هجن ها… جي ايئن هجي ها ته هن جي ما کيس ڪڏهن به ڇڏي نه ڀڄي ها!
هو ٻن ڏينهن تائين فليٽ ۾ واڙيو رهيو. انهن ڏينهن ۾ شهر جون حالتون ڏاڍيون خراب هيون، هر روز شهر ۾ پيا ڌماڪا ٿيندا هئا. ڪرڙي کي تڪيندي کيس خيال آيو ڪٿي ايئن نه هجي جو هن جي ما هن ڏانهن موٽندي هجي ۽ ڪنهن ڌماڪي ۾ مري وئي هجي. ان خيال تي ئي هو ڇرڪي پيو ۽ هڪدم اٿي هٿ منهن ڌوئي فليٽ تان نڪتو. هو اڃا روڊ تي ئي هو جو هن تيزي سان ايمبولنسن کي اسپتال ڏانهن ويندي ڏٺو. هڪ ٻئي پيٺيان چار ڌماڪا ٿيا هئا ۽ شهر ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي هئي.
هن وري اتي ڪهاڻي ٻڌائڻ بس ڪئي. ساحر هن جو ۽ پنهنجو گلاس شراب سان ڀريو ۽ حيراني مان پڇيائنس:
پو ڇا ٿيو؟
اهو ٻڌي هو مرڪيو ۽ ڀريل گلاس هٿ ۾ ڪري ڪهاڻي اڳيان ٻڌائڻ لڳو:
هڪ اسپتال کان ٻئي اسپتال وڃي هن ٻٽونءَ مان ما جو فوٽو ڪڍي ڏيکاريو ٿي، پر هتان به کيس ڪو جواب نه مليو. هو ڪنهن اسپتال مان ٻاهر ٿي نڪتو جو ڪجهه ماڻهو اسٽريچر تي هڪ ڦٽيل مائي کي کنيو ٿي آيا. هو اتي ئي برف جيان ڄمي ويو. جڏهن اسٽريچر هن جي پاسي کان گذريو ته هن مائي جي منهن ۾ چتائي ڏٺو. هن ٿڌو شوڪارو ڀريو اها مائي هن جي ما ڪونه هئي. هو وري اندر ويو ۽ ڪنهن وارڊ مان نڪري آيل نرس کي ما جو فوٽو ڏيکاريائين. نرس کيس مردا خاني ۾ وڃي ڏسي اچڻ لا چيو. هن جو من وسامي ويو ۽ ڏاڪڻ چڙهي مردا خاني ۾ آيو. اتي ڪيترائي لاش پيل هئا. کيس هڪ اسٽريچر تي اڇي چادر ۾ ويڙهيل لاش نظر آيو. هن کي لڳو اهو هن جي ما جو لاش آهي، هو هڪدم ان ڏانهن آيو ۽ اڇي چادر منهن تان پري ڪرڻ بدران سٽ ڏئي پوري چادر ڇڪي ورتائين. اهو هڪ خوبصورت مائي جو لاش هو، پر اها به هن جي ما ڪونه هئي. هو ڪپڙو لاش تي اڇلائي اتان ڀڳو. هو هيٺ لهي گاڏي ڏانهن ٿي ويو ته هن کي گيٽ وٽ بيٺل هڪ ٿلهو ڪارو همراهه نظر آيو. ان قميص مٿي ڪري دُن وٽ هٿ ڦيريو ٿي ۽ بي پرواهي مان اُٻاسي ٿي ڏني. هن ان همراهه جي دُن ڏانهن ڏٺو، کيس ايئن لڳو ڄڻ اهو ڪو بليڪ هول هجي ۽ سڀ ڪجهه ان ۾ غرق ٿي ويندو. کيس لڳو اهو همراهه ٻيو ڪير نه پر هن جو پي هو جنهن بي وفائي کانپو هن جي ما کي گم ڪرائي ڇڏيو هجي ۽ جنهن اهو نٿي چاهيو ته هو وري پٽ سان ملي. هن کي ڪڏهن به اها خبر نه پئجي سگهي ته نيٺ هن جي پي ۾ اهڙي ڪهڙي کوٽ هئي جو کيس اهڙي سهڻي عورت ڇڏي ڀڄي وئي! هو اچي گاڏي ۾ ويٺو ۽ وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳو ۽ اسٽرينگ تي مٿو رکي ڇڏيائين. هو اڪثر انسان جي دُن بابت به سوچيندو هو. هن کي مردن جو دُن ڪونه وڻندو هو. هن کي اڪثر مردن جو دُن، ڪنن وارن ۾ جڪڙيل ڪنهن کڏ مثل لڳندو هو. ان رات جنهن رات هن جي پي بالڪوني مان ٽپو ڏئي موت کي ڀاڪر پاتو هو ان رات هن پي جو دُن ڏٺو هو، اهو به کيس هڪ اهڙي کڏ لڳو جنهن جي چوڦير گاهه ڦٽي نڪتو هجي ۽ ان ڪاري ڪني کڏ ۾ ڪٿي هن جي ما گم ٿي وئي هجي! ها پر هن جون اکيون سدائين ماين جا دُن ڏسڻ لا سڪنديون هيون. هو جڏهن به هم جنس پرست ماين جون اگهاڙيون ڪلپون ڏسندو هو ته سندن دُن ضرور ڏسندو هو، جيڪڏهن کيس ٻنهي يا ٽنهي ماين جا دُن وڻندا هئا ته هو ڪلپ اڳيان ڏسندو هو نه ته ان کي بند ڪري وري ٻئي ڪلپ هلائيندو هو. عورت جي دُن جي خوبصورتي جي باري ۾ کيس پهريون ڀيرو خبر انٽر جا امتحان پاس ڪرڻ کانپو موڪلون هلندي هڪ سومر ڏينهن پئي.
ان ڏينهن هو فليٽ تي اڪيلو هو، رات دير تائين اگهاڙيون فلمون ڏسي ستو هو ۽ صبح جو اٿيو ته اڌ مٿي ۾ سور هئس، هن کي اڪثر اڌ مٿي ۾ سور پوندو هو. هو نيرن ڪري پنهنجي ڪمري ۾ وڃڻ بدران ما پي جي ڪمري ڏانهن ويو. پي جو ڪٻٽ کولڻ بدران ما جو ڪٻٽ کوليائين ان جي ڪپڙن ۾ کيس هڪڙو ڪتاب نظر آيو: سيڪس، مشينز اينڊ نيولز. هو عمر جي اهڙي حصي ۾ هو جنهن لفظ سيڪس پڙهڻ سان ئي هن جي دلچسپي ان ڪتاب ۾ وڌي وئي. هن هڪدم اهو ڪتاب کڻي ورتو ان مان هڪ فوٽو اچي هن جي پيرن ۾ ڪريو، ڪنهن بيچ تي ڪا ڊگهي مائي بڪني پايو بيٺي هئي هن جي دُن وٽ پگهر جا ڦڙا هئا. هو ڪيتري ئي دير تائين فوٽو ۾ ان مائي جي دُن کي تڪيندو رهيو. هن جي من ۾ خيال آيو جيڪڏهن اها مائي هن جي سامهون هجي ها ته هو بنا وقت وڃائي ان جي پگهر کي چٽي ها ۽ پو زبان جي چوٽي هن جي دُن ۾ هڻي ها. هن فوٽو ڪتاب ۾ رکيو ۽ ڪتاب ساڳي جا تي رکي پنهنجي ڪمري ۾ آيو ۽ ليپ ٽاپ تي وري اگهاڙيون فلمون ڏسڻ لڳو. هن جي ذهن ۾ رڳو ان مائي جو خوبصورت دُن ٿي ڦريو. فارغ ٿيڻ کانپو هو وري ما جي ڪمري ۾ آيو ۽ ڪتاب ڪڍي هڪ ڀيرو وري فوٽو ۾ دُن کي چتائي ڏٺائين، ان کان پو هو ڪتاب پڙهڻ لڳو ان ۾ کيس دُن جي حوالي سان فرائيڊ، لڪان ۽ ڊريڊا جا خيال پڙهڻ لا مليا. پر ان وقت هن لا انهن نالن ڪا به معنا نٿي رکي. ڪتاب ۾ دُن جي حوالي سان هڪ ڪهاڻي جو ٽڪرو ڏنل هو جيڪا سن 1975ع جي هڪ رسالي ۾ ڇپي هئي. اهو ٽڪرو هن کي ڏاڍو وڻيو. ان ۾ هڪ ڇوڪري جو ذڪر هو جنهن کي ڄائي ڄم کان دُن وٽ هڪ سونو پيچ لڳل هو. هو ان حوالي سان پريشان رهندو هو. هن جي گهر وارا کيس ڪيترن ئي ڊاڪٽرن وٽ وٺي ويا پر اهي سندس دُن جو علاج نه ڪري سگهيا. نيٺ هٽي ۾ هو هڪ جادو ٽوڻو ڪندڙ بابي وٽ وڃي پهتو جنهن کيس هڪ شربت ڏنو. هو شربت پي سمهي پيو ۽ خواب ۾ ڏٺائين ته هو ويران گهٽي ۾ سدائين جيان اڪيلو وڃي رهيو هو ۽ ان همراهه جي صلاح تي رستو مٽائيندو ستين گهٽي ۾ اچي ويو جتي کيس هڪ پيچڪش مليو. هن ان سان دُن وارو سونو پيچ ڪڍي ورتو ۽ جڏهن صبح جو اٿيو ته سچ ۾ اهو پيچ هن جي دُن مان نڪتل هو. هن ڪتاب بند ڪري ساڳي جا تي رکيو ۽ پنهنجي ڪمري ۾ اچي ويو.
اُتي وري هن ڪهاڻي ٻڌائڻ بند ڪئي. ساحر حيراني مان هن کي ڏسندو رهيو ۽ ڳيت ڏئي چيائين: پو ڇا ٿيو؟
…(هلندڙ)….
***