ڪوٽ راڌا ڪرشن جي ڳوٺ چڪ نمبر اوڻونجاهه جون هوائون هميشه جيان دونهاٽيل، دونهاٽيل هيون، هو کٽ تي ليٽيل هو ڳڻتي ۾ ورتل، هيسيل، بت بخار ۾ ورتل ان ڏينهن جيان جنهن ڏينهن تي شمي ۽ شهزاد کان سڀ جدا ڪيا ويا، اهو منظر سندس اکين ۾ پيل ڪک هو، ان ڏينهن به ڳڻتي ڳارو ۽ مٿان واري جي بخار کيس نيستو ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري بٺي تي ڪين ويو هو، بٺو گهر کان سڏ پنڌ تي هو، ان ڪرت ۾ سڀ گهر ڀاتي ڀاڱيوار هئا، گهر جو هر هڪ ڀاتي قرضي هو، هن پاسو ورايو بدن مان سور جا ٽڙڪاٽ نڪري ويس، اکيون بند هئس، اکين ۾ ڪک چڀڻ لڳس، اوچتو رڙين تي اک کلي پيس، شمي جي ماءُ فقيري ڏي وڌندي ٿي آئي منهن ۽ مٿي کي ڌڪ هڻندي دانهن ڪئي، اُٿ فقيرا ٺيڪيدار ۽ ان جا ساٿي شمي ۽ شهزاد کي باهه ۾ جيئرو ساڙڻ لاءِ کوري ڏانهن وٺي پيا وڃن، هن کوري جي طرف اشارو ڪيو، اڃان هو کٽ تان لٿو ئي نه هو ته مسجد مان مولويءَ جو آواز بلند ٿيو، سڀني مسلمان ڀائرن کي ٻڌائجي ٿو ته فقيري جي ڌيءَ ۽ ان جي مڙس اسان جي مذهب جي بي حرمتي ڪئي آهي سو اوهان جو فرض آهي ته اهڙن ڪافرن کي سزا ڏجي هن جا هوش اڏامي ويا، هن تڪڙ ۾ کٽ تان گوڏ کي سنڀاليندو گهر جي ڪچي اڱڻ کي لتاڙيندو تيزي سان بٺي طرف ڊوڙ پاتي شمي جي ماءُ سندس پويان واڪا ڪندي، پنهنجن کي سڏ ڪرڻ لڳي، هن جا سڏ بيڪار ٿي پيا، ڳوٺ جي گهرن جا در کلي ويا، ڳوٺ جا ماڻهو بي قابو ٿي جٿو ٺاهي بٺي جي طرف وڌڻ لڳا، فقيرو کوري تي پهچي ميڙ مان جاءِ ڪندو اڳتي وڌيو، اوچتو احمد کيس ڌڪو ڏئي ڪيرائي وڌو، فقيري اٿڻ جي ڪوشش ڪئي خبردار ويجهو نه اچ شمي ۽ شهزاد پاڪ ڪتاب جي پنن جي بي حرمتي ڪئي آهي، مٿان وري قرض به واپس ڪونه ٿيو آهي فقيري سيني تي صليب جو نشان ٺاهيو اهو بهتان آهي، ڪوڙ آهي، پنهنجي بڪواس بند ڪر احمد ٺيڪيدار رڙ ڪري چيو.