بلاگڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: چڪ نمبر اوڻونجاهه

ڪوٽ راڌا ڪرشن جي ڳوٺ چڪ نمبر اوڻونجاهه جون هوائون هميشه جيان دونهاٽيل، دونهاٽيل هيون، هو کٽ تي ليٽيل هو ڳڻتي ۾ ورتل، هيسيل، بت بخار ۾ ورتل ان ڏينهن جيان جنهن ڏينهن تي شمي ۽ شهزاد کان سڀ جدا ڪيا ويا، اهو منظر سندس اکين ۾ پيل ڪک هو، ان ڏينهن به ڳڻتي ڳارو ۽ مٿان واري جي بخار کيس نيستو ڪري ڇڏيو هو، ان ڪري بٺي تي ڪين ويو هو، بٺو گهر کان سڏ پنڌ تي هو، ان ڪرت ۾ سڀ گهر ڀاتي ڀاڱيوار هئا، گهر جو هر هڪ ڀاتي قرضي هو، هن پاسو ورايو بدن مان سور جا ٽڙڪاٽ نڪري ويس، اکيون بند هئس، اکين ۾ ڪک چڀڻ لڳس، اوچتو رڙين تي اک کلي پيس، شمي جي ماءُ فقيري ڏي وڌندي ٿي آئي منهن ۽ مٿي کي ڌڪ هڻندي دانهن ڪئي، اُٿ فقيرا ٺيڪيدار ۽ ان جا ساٿي شمي ۽ شهزاد کي باهه ۾ جيئرو ساڙڻ لاءِ کوري ڏانهن وٺي پيا وڃن، هن کوري جي طرف اشارو ڪيو، اڃان هو کٽ تان لٿو ئي نه هو ته مسجد مان مولويءَ جو آواز بلند ٿيو، سڀني مسلمان ڀائرن کي ٻڌائجي ٿو ته فقيري جي ڌيءَ ۽ ان جي مڙس اسان جي مذهب جي بي حرمتي ڪئي آهي سو اوهان جو فرض آهي ته اهڙن ڪافرن کي سزا ڏجي هن جا هوش اڏامي ويا، هن تڪڙ ۾ کٽ تان گوڏ کي سنڀاليندو گهر جي ڪچي اڱڻ کي لتاڙيندو تيزي سان بٺي طرف ڊوڙ پاتي شمي جي ماءُ سندس پويان واڪا ڪندي، پنهنجن کي سڏ ڪرڻ لڳي، هن جا سڏ بيڪار ٿي پيا، ڳوٺ جي گهرن جا در کلي ويا، ڳوٺ جا ماڻهو بي قابو ٿي جٿو ٺاهي بٺي جي طرف وڌڻ لڳا، فقيرو کوري تي پهچي ميڙ مان جاءِ ڪندو اڳتي وڌيو، اوچتو احمد کيس ڌڪو ڏئي ڪيرائي وڌو، فقيري اٿڻ جي ڪوشش ڪئي خبردار ويجهو نه اچ شمي ۽ شهزاد پاڪ ڪتاب جي پنن جي بي حرمتي ڪئي آهي، مٿان وري قرض به واپس ڪونه ٿيو آهي فقيري سيني تي صليب جو نشان ٺاهيو اهو بهتان آهي، ڪوڙ آهي، پنهنجي بڪواس بند ڪر احمد ٺيڪيدار رڙ ڪري چيو.
قرض به واپس نه ڪيو ٿئي، اڄ ڪم تي به بهانو ڪري نه آئين هن کوري ڏانهن ڏسندي چيو ته قرضي ته مان آهيان قرض ته مون ورتو هو ۽ گهر جو وڏو به مان آهيان، کوري ۾ مون کي ساڙي رک ڪر هن ليلايو، ٺيڪيدار جون اکيون ڦوٽارجي پيون چپ ڪر زبان وڍي هٿ ۾ ڏيندوسانءِ، شمي ۽ شهزاد کي کوري ڏانهن ڌڪيندا پئي ويا، شهزاد جي منهن ۽ مٿي مان رت وهي رهيو هو ۽ شمي جو چهرو هيڊي پن جيان هو، هوءَ خوف ۾ پنهنجي پيرن تي بيهي نه پئي سگهي، نيرا چپ ۽ سينڌ رت سان ڀريل هئس، نرڙ تي ڄميل رت هو، پوتي انبوهه جي پيرن ۾ هئي، سندس ڪنن ۾ شمي جا چيل لفظ ٻُريا، بابا هي ٺيڪيدار جڏهن آئون کوري تي وڃان ٿي هي منهنجي پويان ڪڍ ڪڍ اچي ٿو مون سان زوري ڪرڻ جي ڪئي اٿس بابا. اهو ٻڌي هن ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو هو.
مڇريل انبوهه پوري سگهه سان شمي ۽ شهزاد کي کوري جي مچ ۾ ڌڪيو شمي ۽ شهزاد کي بچائڻ لاءِ ڀاڪر ۾ ڀريو، پر اُلاهه ۽ ڀنڀٽ باهه ٻنهي کي پنهنجي ڀاڪر ۾ وڪوڙي ڇڏيو، شهزاد جي بوڇڻ جا ڪاراٽيل رنگ، هن جي اکين ۾ لهي آيا، شمي جي چادر جي آخري ڪنڊ کي ٻرندي ڏسي پنهنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون، هو ڪجهه به ڪري نه سگهيو، راڌا جا انگ ٻري مچ ٿيا، ڪرشن کان مرلي ڇڏائجي وئي، مرلي مان سرن بدران اوسارا ٿي ٻريا، ماس جي سڙڻ جي ڌپ نڪ ۾ گهڙي آيس، شمي ۽ شهزاد کي کوري جي شعلن ڳڙڪائي رک ڪري ڇڏيو، هو هوش وڃائي ويٺو گهيرو سوڙهو ٿيندو ويجهو ٿي رهيو هو، ڪوهيڙي کان بچڻ لاءِ هن هٿ پير هلايا، پر بيڪار، هو ته کاڄ بڻجي رهيو هو، ڪوهيڙي جي گهيري ۾ نما شام جو پل هو، ڪوٽ راڌا ڪرشن جي ڳوٺ چڪ نمبر اوڻونجاهه تي اوندهه لهي آئي هئي، پوليس جي گاڏين جا سائرن وڄڻ لڳا، گهرن تي ڪڙا چڙهي ويا ۽ بتيون اُجهامي ويون.
***