حڪومت ڪابينا ۾ تبديلي آڻڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو
خبرن مطابق ڪالهه عمران خان پي ٽي آءِ جي پارٽي اڳواڻن سان ٿيل هڪ ميٽنگ ۾ اشارو ڏيندي چيو ته حڪومت جي ڪجهه وزيرن کي هٽائي نوان ماڻهو آندا ويندا. هن کان اڳ ۾ ميٽنگ دوران پي ٽي آءِ جي ڪجهه اڳواڻن وزيراعظم آڏو پي ٽي آءِ جي اهڙن اڳواڻن لاءِ شڪايت ڪئي جيڪي عوام جا مسئلا حل نه ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ ۾ اعتراض واري چڪا آهن. ساڳئي وقت عمران خان ان ڳالهه جو اشارو به ڏنو ته اڳوڻو وفاقي وزير اسد عمر جيڪو هاڻي ڪابه وزارت نٿو رکي ان کي به پارليامينٽ ۾ آندو ويندو. ٻئي طرف اسد عمر صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته وزيراعظم ڪابينا ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جو اعلان نه ڪيو آهي. ميڊيا ڪالهوڪي ميٽنگ بابت غلط رپورٽنگ ڪري رهي آهي. ڪابينا ۾ ڪا تبديلي نه ٿي رهي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ نور عالم خان پارليامينٽ ۾ پنهنجي ئي حڪومت خلاف آواز کڻندي چيو هو ته حڪومت عوام جا مسئلا حل نه ڪري رهي آهي. اها ڳالهه ميٽنگ ۾ وزيراعظم آڏو اٿارڻ بعد وزيراعظم ڪابينا ۾ تبديلي آڻن جو اشارو ڏيندي چيو ته جيڪي به ميمبر پرفارم نه پيا ڪري سگهن اهي گهر موڪليا ويندا.