پاڪستانخاصدنيانئوننيو‍‍ز

گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مليحه لوڌي کي عهدي تان هٽايو ويو

پرڏيهي کاتي پاران جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عمران خان پرڏيهي وزارت ۾ نئين تبديلين جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. جنهن مطابق مليحه لوڌي کي ان جي عهدي تان هٽائي هن جي جاءِ تي منير اڪرم کي مقرر ڪيو ويو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر محمد فيصل مطابق مليحه لوڌي سميت ٻين سفيرن کي به انهن جي عهدن تان هٽائي نون عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي. ترجمان مطابق ٽورنٽو ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي قونصل جنرل عمران احمد صديقي کي بنگلاديش ۾ پاڪستان جو هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن کان علاوه نائيجريا ۾ پاڪستان جي قونصل جنرل کي اومار ۾ سفير طور مقرر ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته منير اڪرم پروز مشرف جي دور ۾ به 2002 کان 2008 تائين گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو سفير رهي چڪو آهي.