ادب

شاهه لطيف جي عالمي سطح تي مڃتا ڏياريندڙ هارورڊ يونيورسٽي جي اسڪالر ڊاڪٽر پي لِنگ هُوآنگ! جوکيو جوکيو جسارت الياس سنڌي

سنڌ دنيا ۾ پنھنجن شھرين ۽ سياحن کي، مفت انٽرنيٽ واءِ فاءِ سروس ڏيندڙ چند ملڪن ۾ شمار ٿيندڙ تائيوان جي، دلڪش تمسوئي ماٿريءَ جي ڪناري آباد، خوبصورت شھر تائيپيTaipei  ۾، علم الانسان جي ڄاڻو ڊاڪٽر شيون ويShiun-way  جي گھر ۾ پئدا ٿيل، نماڻي نگاھن ۽ بھادر خيالن جي مالڪه پي لِنگ ھُوآنگ Pei-Ling Huang، ننڍپڻ کان ئي جنھن آفاقي سُرَ ۽ ساز جي ڳولا ۾ ھئي، اھو کيس، 20 سالن جي جفاڪشيءَ کانپوءِ، سنڌ مان شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي راڳي فقيرن وٽان مليو. جنھن تي ھن آمريڪا ۾ تحقيقي اڀياس ڪيو. اھو تاريخ ۾ پھريون ڀيرو آھي، جو ھارورڊ يونيورسٽيءَ جھڙي دنيا جي مڃيل اداري ۾ به لطيف سائينءَ کي مڃتا ملي رھي آھي. پي لِنگ ھوآنگ جي ڪردار سان، جتي سنڌ جي علم ۽ ادب ۾ نئين ۽ سونھري تاريخ رقم ٿئي پئي، اتي سنڌي محققن ۽ لطيفيات جي شاگردن کي پڻ وڏو اتساھ ملي رھيو آھي. ھن اسڪالر ناريءَ، 1987ع ۾ ھوشي ايليمينٽري اسڪول ۾ پرائمري تعليم لاءِ داخلا ورتي ته سندس مائٽ اسڪاٽلينڊ لڏي ويا. جنھنڪري ھن، پنج سال بنيادي تعليم اتي پرائي ۽ واپس تائيوان وڃي 2001ع ۾ ڇھ سالا سيڪينڊري تعليم پاس ڪئي. جيتوڻيڪ ھن نيشنل چيئنگ ڪونگ يونيورسٽي تائينان مان، 2005ع ۾ آرڪيٽيڪچر ۾ گريجوئيشن ڪئي، پر سندس روح اڃا بي تاب ھو. جنھن لاءِ ھن ميوزيڪالاجيءَ جي شعبي جي چونڊ ڪئي. اھڙيءَ ريت ھن نيشنل تائيوان يونيورسٽيءَ مان، ميوزيڪالاجي ۾ 2006ع کان 2011ع تائين رھي، ماسٽر ڊگري ڪئي. ماسٽرس دوران ئي ھن 2009ع ۾ ڏکڻ ايشيا جو دورو ڪيو. جنھن ۾ انڊيا کانپوءِ پاڪستان اچي پنجاب جي موسيقارن سان ملاقاتون ڪيائين، پر کيس جنھن شيءِ جي تڙپ ھئي، اھا نه ملي ته ھن سنڌ جو رُخ ڪيو. جڏھن ھوءَ ڀٽ شاھ ۾ درگاهه جي اڱڻ تي پھتي ته حيران ٿي وئي. جتي تنبوري جي تار سندس دل کي ٺاري ڇڏيو، اتي شاھ جي راڳ کي ٻُڌي، ھن پنھنجو پاڻ کي سڃاڻي، ان تي تحقيق ڪرڻ جو ارادو ڪري ورتو ۽ آمريڪا جي ھارورڊ يونيورسٽيءَ جي ماھر پروفيسرن سان ملاقات ڪري، کين اسڪالر ٿيڻ جي درخواست ڪيائين، جيڪا ترت ئي منظور ڪندي، کيس شاھ جي راڳ، راڳين ۽ سندن سُرن تي ڪم ڪرڻ لاءِ ريسرچ اسڪالر طور رکيو ويو. ايئن ھن شاھ لطيف تي باقاعده ڪم ڪرڻ لاءِ پھريان انڊيا جي شھر پوني جي آمريڪن انسٽيٽيوٽ آف انڊين اسٽڊيز مان سنڌي ٻوليءَ جو مختصر ڪورس ڪيو. جنھن کانپوءِ ھن سنڌي اديبن جھڙوڪ: تاج جوئي، پروفيسر اسحاق سميجي ۽ ٻين وٽ سنڌي ٻولي سِکي، منٺار فقير جوڻيجي وٽ ان جي نياڻين سان گڏ ڳچ عرصو رھي، شاھ جي راڳ جي مڪمل تربيت حاصل ڪئي ۽ ڀٽ شاھ جي پاڙي ۾ مختلف تَڪين ۽ جڳھين کان علاوه سنڌ جي مختلف شھرن جھڙوڪ: حيدرآباد، پورٽ گرينڊ ڪراچي، ٻانڌي، مورو، ٽنڊوآدم، شھدادپور، بلڙي شاھ ڪريم ۽ ٻين ڳوٺن ۽ شھرن ۾ وڃي، پنھنجي راڳي استاد منٺار فقير سان گڏ شاھ جي راڳ جي، سُرن ورکا ڪئي. ھن بقول، شاھ جي راڳين جو رنگ ۽ انداز، موسيقيءَ جي دنيا ۾ ”نئين تخليق“ آھي. جنھن تي تحقيق ڪرڻ وقت جي ضرورت ھئي. ان ڪري ھن ھارورڊ يونيورسٽي جي ايٿنو ميوزيڪالاجي شعبي ۾ 2015ع ۾ پي ايڇ ڊي ۾ داخلا ورتي، جتان 2021ع جي ھلندڙ مھيني ۾ جديد تحقيقي اوزارن آڌار ”محبت جا طريقا: سنڌ پاڪستان ۾ شاھ عبداللطيف جي سُرن جي ميراث ذريعي خود سازي ڪرڻ ۽ پنھنجو پاڻ کي ڳولڻ“ جي عنوان تي پروفيسر ڊاڪٽر رچرڊ ڊبليو جي نگرانيءَ ۾ ڊاڪٽريٽ مڪمل ڪري ورتي آھي. دنيا جا ڏھ کان وڌيڪ مُلڪ گھميل ڊاڪٽر ھُوآنگ جي تحقيق مطابق شاھ لطيف نه صرف ھڪ مفڪر ۽ شاعر ھو، پر راڳ جي منفرد موسيقيءَ جو باني پڻ آھي. جنھن جي شاعريءَ جي سُرن، موسيقيءَ جي دنيا ۾ تحقيق جا نوان گَسَ کوليا آھن. ھارورڊ جي ھن ڊاڪٽر ناريءَ پنھنجي مقالي ۾ لکيو آھي ته جيتوڻيڪ گذريل 150 سالن ۾ سنڌ اندر وڏيون تبديليون آيون آھن، پر شاھ جي راڳ جو طريقو ممتاز، منفرد ۽ دنيا جو اھو واحد نظام آھي، جنھن ۾ راڳ ڳائڻ جون صدين پراڻيون ريتون ۽ رسمون، اڄ ڏينھن تائين ساڳي صورت ۾ موجود آھن ۽ شاھ جي راڳين ذريعي ئي ان ۾، وڌيڪ جدت ۽ نواڻ آڻي سگھجي ٿي. سندس تحقيق مطابق، شاھ جي راڳيءَ جي گڙدي، دل ۽ ڦڦڙن جو ھر مھيني مفت طبي معائنو ڪرائڻ، لاڳاپيل حڪومتي کاتي جي ذميواري ھجڻ کپي. ڇو ته شاھ جو راڳ ڳائڻ دوران، انھن جي جسماني عضون مٿان وڏو اثر پوي ٿو. ان ڪري ڀٽ شاھ سميت سڄيءَ سنڌ ۾ لطيف جي راڳين جي مڪمل رجسٽريشن ڪري کين ھر سھولت ڏبي ته اھي وڌيڪ سٺو ڳائي سگھن ٿا. ھن پنھنجي تحقيق ذريعي، موسيقيءَ جي دنيا جي وڏن فنڪارن کي به اھا صلاح ڏني آھي ته جيڪڏھن اھي سنڌي ٻولي سکڻ کانپوءِ شاھ جي راڳ ڳائڻ جي ”سائنس“ جا، موسيقيءَ وارا فارمولا سکن ۽ انھن جو مطلب ۽ احساسات سمجھي ڳائين ته اھي پنھنجو پاڻ کي مطمئن ٿي ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ سان گڏوگڏ، دنيا ۾ وڌيڪ مشھور ۽ مقبول به ٿي سگھن ٿا. ھو تمام جلد سندس ڪيل تحقيق جو انگريزيءَ ۾ ڪتاب ڇپرائيندي، جنھن لاءِ سندس خواب آھي ته اھو ڪتاب سنڌيءَ ۾ به ترجمو ٿئي.

ڊاڪٽر ھُوآنگ مطابق سماجي علمن سان لاڳاپيل دنيا جي مختلف محققن به اھا ڳالھ مڃي ورتي آھي ته شاھ لطيف تي جيتري گھڻي تحقيق ڪبي، اوترو ئي وڌيڪ سندس شاعري، فڪر، راڳ ۽ ان جي فن تي ڪم ڪرڻ لاءِ علم ۽ ڏاھپ جا نوان رستا نڪرندا. ان جو ھڪ مثال، ھارورڊ يونيورسٽيءَ جي ماھرن سان گڏ، شاھ جي راڳ تي ٿيل ڪم ۽ ان تي مليل ڊاڪٽريٽ جي ڊگري آھي. جنھن کانپوءِ ميوزيڪالاجيءَ سان وابسته آمريڪا سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي يونيورسٽين ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنسن ۾ کيس اعزازي ليڪچر لاءِ دعوتون ملي رھيون آھن. جن ۾ ھوءَ شرڪت ڪري، شاھ لطيف جي راڳ، فن، فڪر ۽ شخصيت بابت، موسيقيءَ جي اسڪالرن آڏو، پنھنجا مقالا پڙھندي آھي. سندس تحقيق جي اثرImpact Factor  ۽ اسڪوپ جو ان ڳالھ مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سندس مقالن کي پڙھي ۽ ليڪچرن کي ٻڌي 30 کان 60 جي تعداد ۾ ٻيا نوان عالمي اسڪالر، شاھ جي راڳ تي ڪم ڪرڻ جا خواھشمند ٿي ويا آھن. ڊاڪٽر صاحبه جو چوڻ آھي ته سنڌ جي شھرن ۾ شاھ جي راڳ ۽ شاعريءَ تي ڪم ڪرڻ جو وڏو خال آھي. جنھن لاءِ شاھ جي راڳين جون خدمتون حاصل ڪري، سنڌ جا شاگرد، استاد ۽ عام ماڻھو ”پنھنجو پاڻ کي ڳولي“، خودسازي ڪري، سنڌ ۽ پاڪستان جي ترقيءَ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري سگھن ٿا.

جوکيو جسارت الياس سنڌي

پي ايڇ ڊي اسڪالر،

 يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو