نئون

حيدرآباد اندر قاسم آباد ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو فوت

 قاسم آباد مين روڊ تي ڪچري جي ڍير ۾ ڌماڪو، هڪ ڄڻو فوت ۽ واقعي واري هنڌ تان موٽرسائيڪل هٿ، ڊي ايس پي قاسم آباد   سميت    پوليس نفري اتي پهچي وئي. جڏهن ته واقعي جو اطلاع ملڻ تي بم ڊسپوزل اسڪواڊ  ۽ رينجرز پڻ علائقي ۾ پهچي ويا آهن ، ٻئي پاسي امدادي ڪارڪن واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پوليس پاران علائقي کي ڪڙو چاڙهي جاچ ڪئي پئي وڃي.