نئون

ڊاڪٽر عاصم سنڌ هائر ڪميشن جو سربراهه مقرر

سنڌ حڪومت پاران اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين کي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ هائر ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته ڊاڪٽر عاصم حسين گذريل چئن سالن کان سنڌ هائر ڪميشن جي چيئرمين طور ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ايندڙ مهيني هو ان عهدي تان رٽائر ٿي رهيوهيو. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کيس ٻئي مدي لاءِ چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جو باقائده نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويندو.