بلاگنئون

فرسوده تعليمي نصاب ۽ نظام
پرويز ھودڀائي

ڊاڪٽر پرويز ھودڀائي پاڪستان جو روشن چھرو آھي. سندس سائنسي، فڪري ۽ علمي پنڌ ڪنھن کان به ڳجھو نه آھي. سنڌ ڄائي ھن سائنسدان جو دنيا ۾ موچارو ۽ مثبت نالو آھي. تعليم جي حوالي سان سندس تحرير جو ترجمو ھيٺ پيش ڪجي ٿو. سندس لکڻين جي خاص اھميت رھي آھي. اسان جي تعليمي نظام جي ڊاڪٽر صاحب سٺي اوک ڊوک ڪئي آھي.)

سائنسي جهالت ٿوپڻ تعصب آهي. اسان وٽ گهڻو ڪري شاگردن کي اهو يقين ڏياريو ويندو آهي ته سائنس جي ايجادن جو سهرو صرف مسلمانن ڏانهن وڃي ٿو ۽ اسانجا سائنسي هيروز جهڙوڪ؛ ابن الهيشيم، الخوارزمي، عمر خيام ۽ ابن سينا وغيره. جون سڀ دريافتون سندن عقيدي تي پوري يقين جي باعث ممڪن ٿيون. سائنس سڄي دنيا جي انسانن جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي. گذريل 800 سالن دوران اسان هڪ به شئي ايجاد ناهي ڪئي. ان جو سبب اهو آهي ته اسان پنهنجن ٻارن کي هر شئي اکيون ٻوٽي قبول ڪرڻ ۽ مڃڻ جو سبق ڏيندا آهيون، جنهن سان تحقيق جو رويو اڳتي نٿو وڌي سگهي. اسان جي ٻارن کي جنهن قسم جي تعليم ڏني پئي وڃي، اها جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪونهي. اسان پنهنجن ٻارن کي اطاعت ڪرڻ تي زور ڏيندا آهيون، پر جديد دور جي تعليم جو تقاضو اهو آهي ته اوهان سوال ڪرڻ سکو ۽ تجسس جي صلاحيت کي مٿي کڻي اچو. سر سيد احمد خان جي روايتن کي ٻيهر جيارڻ جي ضرورت آهي. اسان کيس ٻه قومي نظريي جو باني ته قرار ڏيون ٿا، پر اهو ڪونه ٿا ٻڌايون ته سر سيد احمد جي زندگيءَ ۾ هن تي فتوائون به لڳيون هيون. گورن جي راڄ وارن ڏينهن ۾ لارڊ ميڪالي تعليمي نظام ڏنو ته هندن ان کي ڀليڪار ڪيو، پر صرف بنگال جي عالمن لکي ڏنو ته اسان کي اهي سڌارا قبول نه آهن. اسلامي تهذيب سائنس کي پٺي ڏيڻ ڪري گهڻي قيمت چڪائي آهي. ڪٽرپڻي، رجعت پسندي، عدم برداشت، بي عقلي، ڪُند ذهنيت، قدامت پسندي ۽ عدم رواداري جهڙين روين ۽ عنصرن جي ڪري سائنسي سوچ وڌي نه سگهي ۽ اسانجو معاشرو جمود جو شڪار ٿي ويو. عمليت، سائنسي مهارت، ٽيڪنيڪي اهليت ۽ حقيقت پسنديءَ سان مسلمان ملڪن ۾ سائنسي سوچ ڪنهن حد تائين بحال ڪري سگهجي ٿي.

چارلس ڊارون اهو نالو آهي، جنهن کان پاڪستانين جي اڪثريت نفرت ڪري ٿي. اسڪول ۽ يونيورسٽين جا استاد ۽ پروفيسر سندس ارتقا واري نظريي کي رد ڪن ٿا. اسان کي تعليمي نصاب کي بدلائڻو پوندو ۽ سائنسي مضمونن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. اسان کي استادن کي ٻيهر تعليم ڏيڻي پوندي. هن وقت اسان جي 13 سالن جي ٻار جي تعليمي سطح جپان جي 7 سالن جي ٻار جي برابر آهي. سڄي دنيا جي ڪنهن به يونيورسٽيءَ ۾ هڪ به اول درجي جو پاڪستاني رياضي دان موجود ڪونهي. اسان سائنسي لحاظ کان جمود جو شڪار آهيون. نوجوان نسل کي اهي پڙهائي رهيا آهن، جن کي سبجيڪٽن تي گرفت ڪونهي. منهنجي خيال ۾ يونيورسٽين جي استادن مان ويھ کان ٽيھ فيصد استادن کي رکي، باقين کي فارغ ڪيو وڃي. استادن جي ٽريننگ جا ادارا کلڻ گهرجن ۽ سندن ڪائونسلنگ پڻ ٿيڻ گهرجي. استاد اهڙا ڀرتي ڪيا وڃن، جيڪي رٽا سسٽم تحت پڙهائڻ بدران ٻارن کي ڪانسيپٽس سمجهائين ۽ جديد ٽيڪسٽ جي ڪتابن جو مطالعو ڪندڙ هجن. پاڪستان ۾ پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ جا ڪجھ پروفيسر حقدار آهن، باقي ته اسٽينفورڊ، ايم آءِ ٽي يا ڪئمبرج جي انڊرگريجوئيٽ امتحانن ۾ فيل ٿي ويندا. هندستان جي ڊبل آءِ ٽيز(IITs) جي انٽري ٽيسٽ ۾ ئي اسان جا اڪثر پروفيسر فيل ٿي ويندا.

ڄاڻي واڻي ڏنل نفسياتي زخم تقريبن ناقابل علاج هوندا آهن. موت کانپوءِ جي زندگيءَ جا دهشتناڪ تجربا ان ڪري بيان ڪيا ويندا آهن ته جيئن بغير سوچي سمجهي قبول ڪرڻ وارا ذهن تيار ڪري سگهجن. ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ پڙهيا ويندڙ ڪتاب ”موت جو منظر“ ۽ ”مرڻ کان پوءِ ڇا ٿيندو“ هئا، جن ۾ مصنفن خوفناڪ واقعا شامل ڪيا هئا. ماضيءَ ۾ تخليقي فڪشن جو حصو سمجهيو ويندڙ اهڙي طرح جا موت کان بعد جي زندگيءَ جا ڪم هاڻ اسان جي مرڪزي تعليم جو حصو بڻجي چڪا آهن. يونيورسٽي انتظاميا جي مدد سان استادن جي پُشت پناهي ذريعي نوجوان شاگردن کي ٽارگيٽ ڪيو پيو وڃي. نوجوانن جي ذهنن کي ٺاهڻ بجاءِ تباھ ڪرڻ لاءِ زور شور سان ڪم هلي رهيو آهي، انهيءَ رويي خلاف جنگ يقينن سخت ثابت ٿيندي.

اسان جي تعليمي ادارن ۾ عدم تشدد وارين سياسي سرگرمين جي نه صرف اجازت ڏني وڃي، پر زبردست نموني سان ان کي همٿائڻ به گهرجي. منهنجي خيال ۾ شاگرد يونين بحال ٿيڻ گهرجي. ڀلا شاگرد سياست کانسواءِ پاڪستان پنهنجي ايندڙ نسل جا سياسي ليڊر ڪيئن پيدا ڪري سگهندو؟ برٽش راڄ دوران به شاگرد يونين کي سرگرمين جي اجازت هوندي هئي، سو هاڻ ڇو نه آهي؟ جيڪڏهن اسان جي پاڙيسري ملڪ ۾ شاگرد ڪاميابيءَ سان پنهنجي پڙهائي جاري رکي سگهن ٿا، دنيا جا مشهور پروفيشنلس بڻجي سگهن ٿا، شاگرد يونين جو حصو رهندي قومي ۽ بين الاقوامي سياسي مسئلن تي سٺو ڳالهائي سگهن ٿا ته اسان جا شاگرد پڻ ائين ڪري سگهن ٿا. هن وقت اسان جي سڀني ڪئمپسز ۾ شاگرد يونين تي پابندي آهي، جڏهن ته مذهبي شدت پسند تنظيمن جو راڄ آهي. اسان وٽ سوال ڪرڻ تي سزا ڏني وڃي ٿي، بجاءِ داد ڏيڻ جي. Question is punished, not rewarded .

اڄ اسان جي ڪئمپسز ۾ ڊانس، ڊرامي ۽ موسيقي تي اڻ اعلانيل پابنديون پيل آهن. شاگردياڻين کي برقعي پائڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. پنجاب يونيورسٽيءَ ۾ ته هڪ مذهبي تنظيم جي شاگردن موسيقي جي نئين ٺهندڙ ڊپارٽمينٽ کي بند ڪرائڻ لاءِ پرتشدد واقعا ڪرايا.

اسان وٽ اڪثر استاد سائنس مخالف تحريڪ جو حصو آهن. هو هر وقت سائنس جي نظرين خلاف منفي پرچار ڪندي نظر اچن ٿا. هو سائنس ائين پڙهائن ٿا، جو اوهان کي لڳندو ته اوهان سائنس بجاءِ دينيات پڙهي رهيا آهيو. اسان وٽ سائنس جي تعليم ۾ عقيدي جي دخل اندازي ضياءُ جي دور ۾ شروع ٿي. نه صرف نصابي ڪتابن تي حملو ڪيو ويو، بلڪه 1980ع جي ڏهاڪي ۾ يونيورسٽي جي ڪنهن به شعبي ۾ ڪنهن به عهدي جي ويندڙ شخص جي عقيدي جو امتحان يونيورسٽيءَ جي سليڪشن ڪميٽي وٺندي هئي. انهن ڏينهن ۾ قائداعظم يونيورسٽي (تقريبن سڀني يونيورسٽين) ۾ اميدوار کان دل پسند سوال دعاءِ قنوت جي ٻڌائڻ بابت پڇيو ويندو هو. وڏي پٽ کوھ سان پڇيل انهن سوالن جي ذريعي اميدوارن جا فرقا، زندگيءَ ۾ عمل جي حد تائين مذهب جي پابندي ۽ اهو به لبرلزم جهڙي آلودگيءَ کان پاڪ به آهن يا نه، جهڙي معلومات حاصل ڪئي ويندي هئي.

اسان جي تعليمي ادارن ۾ آزاد سوچ، تخليقي سوچ ۽ ترقي پسند سوچ ۽ آواز جو ڳلو دٻايو ويندو آهي. ڪيترائي مثال اوهان جي سامهون آهن. مثال، جيئن ڪجھ وقت اڳ بهاولپور يونيورسٽيءَ جي انگريزيءَ جي پروفيسر ڊاڪٽر خالد کي شاگردن جي لاءِ الوداعي پارٽي منعقد ڪرائڻ جي ڏوھ ۾ هڪ جنوني شاگرد قتل ڪيو. نوجوان قاتل کي ان ڳالھ تي فخر آهي ۽ کيس ڪوبه پڇتاءُ ڪونهي. يا مشعال خان جو مثال وٺو، ڪيئن نه بيرحم طريقي سان کيس قتل ڪيو ويو، سندس لاش کي سڄي ڪئمپس ۾ گهليو ويو، سوين شاگردن خوشيءَ مان نعرا هنيا ۽ وڊيو ريڪارڊ ڪئي. ان کان علاوه بهاءُ الدين ذڪريا يونيورسٽيءَ ملتان جي بهترين ليڪچرار جنيد حفيظ کي 29 سال جيل جي سزا ملي. يونيورسٽيءَ جي انتظاميا شاگردن کي مختلف طريقن سان هيسائي، پنهنجي ڪنٽرول ۾ رکي ٿي. يُو اِي ٽي لاهور ۽ بحريا يونيورسٽي اسلام آباد جي انتظاميا شاگردياڻين کي زوري اسڪارف پائڻ جا نوٽيفڪيشن ڪڍيا.

ريسرچ تي ڪيش انعام ڏيڻ ۽ پروموشن واري پاليسي اسان جي يونيورسٽين کي ڪچرا ريسرچ پيپرز پيدا ڪرڻ وارن ادارن ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان جو تعليمي نظام فلاپ آهي. اندازي موجب چاليھ سيڪڙو شاگرد ميٽرڪ، انٽر ۽ يونيورسٽين ۾ امتحانن ۾ نقل ڪندا آهن. اسان وٽ ريسرچ پيپرز شايع ڪرائڻ هڪ آرٽ بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ ٻين جڳهين تان مواد نقل ڪرڻ، ڪوڙي ڊيٽا ڏيڻ، غير اهم شين کي اهميت ڏيڻ، پراڻن پيپرز کي دهرائڻ ۽ غير معياري جرنلز ۾ ڇپرائڻ شامل آهي. ڪجھ حقيقي شاگردن ۽ انهن جي سپروائيزرن سان معزرت سان گڏ، حقيقت اها آهي ته پي ايڇ ڊي جي ڊگري هر ڪنهن کي ايوارڊ ڪئي ويندي آهي. ڪيترن ئي عجيب مثالن مان آئون صرف هڪ دهرائيندس، جنهن تي مون ڊاڪٽر جاويد لغاري سان ڪيترن ئي مهينن تائين بي فائده بحث ڪيو، جيڪو ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان کانپوءِ هيڪ جو چئرمين ٿيو هو. اهو بحث پي ايڇ ڊي فزڪس جي هڪ ٿيسز جي متعلق هو، جنهن کي بلوچستان يونيورسٽيءَ جي هڪ ”قابل پروفيسر“ گائيڊ ڪيو هو، جڏهن ته ساڻس گڏ ٻيو جيڪو سپروائيزر ساٿي هو، اهو قائد اعظم يونيورسٽيءَ جي ان وقت جو وائس چانسلر ڊاڪٽر معصوم يامين زئي هو. ٿيسز جو عنوان هو A quantitative study on chromotherapy يعني رنگن جي لهرن سان علاج تي هڪ تحقيق. ٿيسز جي متن ۾ اهڙا ته فارمولا هئا، جيڪي ڏسڻ واري کي ڊيڄاري سگهيا پئي. ڪيترن ئي نامور پاڪستاني فزڪس جي ماهرن سان گڏ مون کي به ان تي شڪ ٿيو. ڪيترن ئي مهينن جي ڪوشش باوجود ڊاڪٽر جاويد لغاري قائل نه ٿي سگهيو، ۽ انهن ماڻهن جا نالا ظاهر ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جن ان ٿيسز کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري لاءِ موزون قرار ڏنو هو. نيٺ مون ان ٿيسز جي ڪاپي ٻن انتهائي فزڪس جي ماهرن کي موڪلي، جن کي آئون ڪيترن ئي سالن کان سڃاڻان. انهن مان هڪ 1979ع ۾ فزڪس ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ اسٽيوِن وينبرگ هو ۽ ٻيو 1988 ع ۾ فزڪس ۾ نوبل انعام حاصل ڪندڙ جيڪ اسٽينبرگر هو. وينبرگ هڪ هڪ نقطي تي تنقيدي نوٽ لکيو ۽ آخر ۾ اهو لکيو ته مون جيڪو ڪجھ ان ٿيسز ۾ پڙهيو آهي، آئون ڏاڍو حيران آهيان، ان ٿيسز ۾ ته فزڪس جي بنيادي سمجھ ئي موجود ڪونهي. نه صرف اهو، پر ٿيسز پي ايڇ ڊي ڏيڻ جي قابل ئي ڪونهي. بلڪه اهو خطرناڪ به ثابت ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته مريضن کي دوائن جي بجاءِ رنگن سان علاج جي طرف راغب ڪري سگهي ٿو. مونکي ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي ته آخر ان ٿيسز جي لکڻ واري کي ڪير تعليمي ڊگري ڪيئن ٿو ڏئي سگهي. اسٽينبرگر جا به ان ٿيسز بابت منفي تاثرات هئا.

آمريڪا جي اڪثر يونيورسٽين ۾ اوهان کي چين ۽ ڀارت جا جام شاگرد ملندا، پر پاڪستاني ان نسبت سان اٽي ۾ لوڻ برابر نظر ايندا. اڪثر پاڪستاني تهGRE ٽيسٽ به پاس ڪونه ٿا ڪري سگهن. اڪثر پروفيسرن وٽ ڊگريون ته دبنگ هونديون، پر کين پڙهائڻ ڪونه ٿو اچي. اسان جون يونيورسٽيون تعليم ڏيڻ بجاءِ جڳاڙ ريسرچ جي پويان پيل آهن. اسان وٽ بهترين استاد هندو هئا، جيڪي ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان مان هليا ويا. سٺ واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان ۾ ڪجھ پي ايڇ ڊيز هوندا هئا، ريسرچ پيپرز گهٽ ڇپبا هئا، پر معياري هوندا هئا. اسان وٽ يونيورسٽين ۾ تعليم جو زوال 2002ع ۾ تڏهن آيو، جڏهن هيڪ(HEC) طرفان ريسرچ ۽ پي ايڇ ڊيز جي حوالي سان استادن کي پروموشن، پئسا، اسڪيل ۽ ٻيا انعام ڏيڻ شروع ڪيا، نتيجي ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻوڙيو ويو. ڪو استاد بهتر پڙهائي يا نه، کيس سبجيڪٽ جي ڄاڻ هجي يا نه، پر کيس پگهار اها ئي مِلندي هئي. سٺ، ستر ۽ اسي وارن ڏهاڪن ۾ پندرهن کان ويھ سال تجربي سان گڏ، ٻارنهن پيپرز جي ضرورت هوندي هئي، پوءِ وڃي ڪو فل پروفيسر بڻجندو هو. منهنجا ڪيترائي دوست سٺ سالن جا ٿي، رٽائر ٿي ويا، پر کين پروموشن ڪونه مليو. اهي بهترين استاد هئا، پنهنجي سبجيڪٽ بابت چڱي ڀلي ڄاڻ رکندا هئا ۽ مطالعو به سٺو ڪندا هئا. پر، جڏهن ماڻهوءَ جو من پئسن جي لالچ ۾ اچيو وڃي ته پوءِ پراڻو نظام ۽ ان جا اخلاق به ختم ٿيو وڃن. اڄ جيڪڏهن ڪو شاگرد پنهنجي پي ايڇ ڊيز جي ڪورس جي دوران ساڳي يونيورسٽيءَ ۾ 10 کان 15 پيپرز يا ان کان به وڌيڪ ڇپرائي ٿو ته ڪنهن جا به ڀِرون نٿا تاڻجن. هائر ايجوڪيشن ڪميشن جي سرپرستيءَ ۾ اڪيڊمڪ ڏوھ(Academic Crimes) ڪيا ويا. لڳي ائين ٿو ته شڪاگو ڊرگ مافيائن جهڙيون گينگز پاڪستان جي تعليمي ادارن کي ڪنٽرول ڪيون ويٺيون آهن. هر مافيا گروپ جو باس جيڪڏهن پروفيسر نه ته به اسوسيئيٽ پروفيسر ضرور آهي. کيس مقرر حد مليل آهي. هو ٻين باسز سان ڦٽائڻ کان پاسو ڪري ٿو، پر ساڻن گڏجي گيم کيڏي ٿو. ڪڏهن ڪڏهن سندس هيٺان ڪو ننڍو باس هجي ٿو، جيڪو فيڪٽري ليبر يعني پي ايڇ ڊي ۽ ايم فل شاگردن کي سپروائيز ڪري ٿو. سندس ريسرچ اهڙي هجي ٿي، جو توهان کي گمان به نه ٿيندو ته اها ڪاپي(Plagiarize) ٿيل آهي. اها وڏي ناانصافي آهي، انهن ريسرچرز سان جيڪي ڪاپي، ٺڳي ۽ ڪوڙ بجاءِ ڏينهن رات محنت ڪري ريسرچ ڪن ٿا، پر افسوس جو کين نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. هو مايوس ٿي وڃن ٿا، جڏهن سندن اڳيان نااهلن کي پروموشن ملن ٿا، جيڪي ٺڳيءَ وارا بيڪار پيپرز ڇپرائي انعام ۽ نقد حاصل ڪن ٿا ۽ تُرت وڏن انتظامي عهدن تي پهچن ٿا. مون کي خبر پئي آهي ته هيڪ وارا 2002ع واري پاليسي تي پڇتائي رهيا آهن، پر هاڻ هو ڪجھ به نٿا ڪري سگهن، ڇو جو مافيائون وڏيون طاقتور آهن، جن ۾ يونيورسٽيءَ جا وائس چانسلر، ڊين، ڊپارٽمينٽ جا چيئرمين، سينئر ۽ جونيئر پروفيسر، پي ايڇ ڊي شاگرد، هيڪ جا ميمبر، سائنس جون اڪيڊميون، مختلف باڊيون ۽ نيشنل ايوارڊ کٽيندڙ اچي وڃن ٿا. اسان جي تعليمي ادارن ۾ مذهب، فرقو، نسل، رنگ، ذات پات ۽ دوستين جي بنياد تي گروپ ٺهن ٿا. هائر ايجوڪيشن ڪميشن کي گهرجي ته يونيورسٽين ۾ پڙهائيندڙ پروفيسرن کان مختلف وقتن تي ڪرسرا، اسٽينفورڊ ۽ ايم آءِ ٽي جهڙن ادارن طرفان تيار ٿيل ٽيسٽون وٺڻ گهرجن، پاس ڪندڙن کي اڳتي پروموٽ ڪيو وڃي. ان کان علاوه بائيو ميٽرڪ ۽ درست طريقن وارو امتحاني پيپرن جو نظام پڻ لاڳو ڪيو وڃي. پروفيسرن جون تربيتون ڪرايون وڃن، تڏهن وڃي ڪي سٺا نتيجا ملندا.

***