ڪتاب تي تبصرونئون

“منهنجي صاحب جي ڌيءَ” ڪتاب جو تنقيدي جائزو

دريا خان شنباڻي ڪهاڻي کيتر ۾ هڪ معتبر نالو آهي، انتهائي ڏانءُ ۽ ڏات وارو ڪهاڻيڪار جنهن کي پڙهجي ۽ پڏائجي. ڪهاڻين جي مجموعي ”منهنجي صاحب جي ڌيءَ“۾ شنباڻي صاحب جون ڪهاڻيون ست رنگي آهن، ڪهاڻيون پڙهي احساس ٿيندو ته ڪنهن انڊلٺي رنگن کي پَسي ورتو هجي ۽ ڪهاڻين جي امتزاجن مان محظوظ ٿو ٿجي. شنباڻي صاحب جي ڪهاڻين ۾ يڪساينت ناهي، اها دعويٰ آءُ مهڙ ۾ ئي ڪيان ته هن ڪتاب جي ڪهاڻين جو قد ڪاٺ نسيم کرل سان ڀيٽجي، امر جليل سان وڃي ملائجي، جمال ابڙو جي ڪهاڻين سان مقابلا ڪرائجن، يا کڻي منٽوءَ سان ڀيٽجي، پر ائين نٿو چئي سگهجي ڇو ته شنباڻي صاحب جون ڪهاڻيون جديد ڪهاڻين جا نياپا کڻي ٿيون اچن ۽ هڪ انفراديت واريون ڪهاڻيون آهن. اها دعويٰ به غلط هوندي ته رسول ميمڻ جي ”ڪُتا“ ناول پڙهڻ کانپوءِ هن ”ڪُتا“ ڪهاڻي لکي هوندي يا منٽو جي ”ڪالي شلوار“ پڙهڻ کانپوءِ هن ”ماني“ ڪهاڻي سرجي هوندي، يا نورالهديٰ شاھ جي ”پاروٿو گوشت“ جي پڙهڻ کانپوءِ هن جون ڪهاڻيون هليون هونديون يا اها راءِ آهي ته هڪ رائيٽر جي من ۾ ڇا ايندو هوندو، جڏهن هو اهي سڀ رائيٽر پڙهندو هوندو، تڏهن ان جي من ۾ به ڪجھ اڀري ايندو هوندو ۽ هو انهن ڪهاڻين کان متاثر ٿي پاڻ به ڪا ڪهاڻي لکي وٺندو هوندو (جيڪو قدرتي لقاءُ آهي). عام طور تي ڪهاڻيڪار اها ڪوشش ڪندو آهي ته هوExternal Forces  کان متاثر ٿي لکي ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو به آهي ته هو Intrinsic Values جو زور تي لکي وٺندو هوندو يا گاڏڙ ساڏڙ.

متڪلم صيغي ۾Possessiveness  ناهي هوندي يا پڙهندڙ کي ائين لڳي ته رائيٽر جيڪا ڳالھ ڪئي آهي اها ان جي پنهنجي آهي، ان ڪري ته “متڪلم“ ۾ رڳو ”مان“ ۽ ”آءُ“ کان ڪم ٿو وٺجي، ان ڪري اهو ڪردار جيڪو ڪهاڻي منجھ آهي، اهو ڪهاڻيڪار پاڻ ئي آهي. ٻي راءِ اها به آهي ته ڪهاڻيڪار، ڪهاڻيءَ جو مضمون ۽ ٽائيٽل انPossessiveness تي زور نه ڏين ته ڀلو، ان ڪري ته ڪهاڻي جوSocial Impact مري ٿو پئي. هونئن سڀني جي راءِ اها هوندي ته ڪتاب جو نالو ”منهنجي صاحب جي ڌيءَ“ نه هجي ها، رڳو ”صاحب جي ڌيءَ“ هجي ها ته ڪهاڻيءَ جو مزو وڌيڪ هجي ها. (هونئن ڪهاڻي لاجواب ۽ لازوال آهي) نفسيات هڪ وسيع سبجيڪٽ آهي، جيڪو سماجي طور طريقن سان ڳنڍي سگهجي ٿو، جيڪو انسان جي عمل کان وٺي دماغ، اعصابن ۽ احساسن جي کوٽ يا سماجي نظامن جي خرابين، اوڻاين ۽ چڱاين تائين هر شيءِ کي ڍڪيندو يا ظاهر ڪندو رهي ٿو يا نفسياتي برتري جي ڳالھ به پاڙيندو رهي ٿو. ”اوليور ساڪس“ ڪيترن ئي دلچسپ ۽ عجيب شين کي قلمبند ڪيو آهي، جيڪي هن پنهنجي ادبي ڪمن ۾ هڪ نيورولوجسٽ جي حيثيت ۾ اڻيا آهن. ”ساڪس“ معاشرتي نظامن کي تمام غير معمولي حالتن سان ڀيٽي ٿو. هو ثابت ٿو ڪري ته انسان جي دماغ ۾ گهڻو ڪجھ غلط ٿي سگهي ٿو، ساڪس جون انساني ذهن جي حوالي سان اهڙيون دريافتون مرڪزي حيثيت رکن ٿيون. ان ساڳي ريت ۾ ڪهاڻيڪار به پنهنجي Taste Buds يا پنهنجي ذهني لاڙن يا سوچن جيTrends  ۽Inclination کي ڏسي ٿو ته هن کي انهنInternal  ۽External Forces  مان ڪهڙي شيءِ وڌيڪ لڀائي ٿي ۽ هن جي پنهنجيWriting Capacity  ڇا آهي؟ يا ڇا لکي سگهي ٿو يا ڪنهن کان متاثر ٿي سگهي ٿو، ائين به ناهي ته ماڻهو ”ميڪسم گورڪي“ پڙهيو ته پاڻ به ”ميڪسم گورڪي“ ٿي ويندو يا ”دوستو وسڪي“ پڙهي صفا ائين ئي لکي سگهي ٿو، يا ”جين آسٽن“ کي پڙهڻ سان دماغ به ايئن ئي ڪم ڪندس جيئن اهي رائيٽر لکي ڪم ڪري ويا. ”مارلن جيمز“ جي مطابق ته “اسان رنگن جا ليکڪ آهيون، اسان انهن رنگن تي يا انهن جي لڀاءَ تي تمام گهڻو خرچ ڪندا آهيون ته جيئن اسان لطف اندوز ٿي سگهون، پر رائيٽر جي لڀاءَ جو طريقو يا مطمئن ٿيڻ جي سطح کي سمجهي نٿو سگهجي يا ان سائنس کي نٿو سمجهي سگهجي ته رائيٽر کي محبوبا لڀايو يا جيون ساٿي، شيخ اياز جي مطابق ته ”هن جي لکڻين جي محبوبا هن جي پنهنجي گهرواري هوندي هئي“.

ڪهاڻيڪارن جي ريٽنگ يا ايويليوئيشن ڪرائجي، هڪ دماغي مشق ڪرائجي، جنهن ۾ اهو ڏسجي ته رائيٽر پلاٽنگ ڪيئن ڪئي آهي، ٽائيم اينڊ اسپيس ۾ ڪيترو پورو لٿو، تشبيهن، شبيهن، مشبھ، استعارن، ترڪيبن، اظهارن، ڪهاڻي پڻي ۾ ڪيترو پختو آهي،Commentary ڪيئن ٿو ڪري، ڪلائيميڪس ڪيئن ٿو جوڙي، ڪردار نگاري، مڪالمن، پڇاڙي ۾ ڪهاڻي کي ڪيئن ڊاهي سبق آموز ٿو ڪري، Suspense ۾ ڪيترو ماهر آهي، صيغن ۽ گرامر جي گهاڙيٽن ۾ ڪيترو ماهر آهي، منظر نگاريون ۽ ڪهاڻي کي اٿارڻ ۽ چوٽ چاڙهڻ ۾ ڪيترو ڪاريگر آهي، سيڪسزم، رومينسزم، مزاحمت، سماجيات ۽Coherence  ياChronological Orders  ۾ ڪهاڻي کي ترتيب ڪيئن ٿو ڏئي، واقعا، لمحا ۽ لقاءَ جنهن مان پڙهندڙ مزو ٿو ماڻي سگهي، اهي سڀ جُز ۽ ڪُلَ ڪيئن ويڙهي سيڙهي هڪ سيٽ اپ ۾ کڻي ٿو هلي. ان ڪري جيڪو ڪهاڻيڪار انهن سڀني لوازمات ۽ ضرورتن جو پورائو ٿو ڪري، اهو بهترين ڪهاڻيڪار آهي. هڪ ٻي ڳالھ اها به آهي ته ڪهاڻيڪار Surrealistic, Approaches،Fictitious ،Realism  ۽Exaggeration  ۾ ڪيترو ماهر آهي. مثال سچائيءَ ۾ ڪيترو وڌاءُ ٿو ڪري ۽ وڌاءُ ۾ ڪيتري سچائي ٿو ڪري، اها ٻي ڳالھ آهي ته افسانوي رنگن کان علاوه ڪهاڻي لکڻ ممڪن ناهي، يا اهڙيون شيون يا اهڙو مواد جنهن سان معاشري جي ڀلي جي ڳالھ ڪري سگهجي ته ڪجي، ان مان مراد شهوت لکجي، پر ان کيCondemnation  واري ذمري ۾ کڻي هلجي، شين کي نشانو نه بڻائجي جو معاشرتي ليول تي رائيٽر جي ڪردار ڪُشي ٿي پئي، پوءِ ڀلي ڪهاڻيون ست رنگي ٿي پون. عام راءِ اها به آهي ته سيڪس کي Promote نه ڪجي، ان سگريٽ جي دٻيءَ واري ڳالھ ڪجي جنهن تي لکيل هوندو آهي ته سگريٽ مضرِ صحت آهن، پر پوءِ به پيئون يا ڇڪيون ٿا، ائين سيڪس کي به ڪهاڻين ۾ نندجي پر لکجي، پڙهجي، ان سموري ڳالھ جو تتُ رڳو شنباڻي صاحب جي ڪهاڻي ”ماني“ آهي، جنهن کي جيترو پڏائجي اوترو گهٽ آهي ۽ ”سُڪل ڌرتيءَ“ جي ٻوليءَ جي نثر جو ناچ، ۽ نثر جنهنRhythm  ۾ هلي ٿو تنهن ۾ دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته ورهاڱي کانپوءِ يا اها ٽهي جنهن اسان کي بهترين ڪتاب بخشيا (جن جا نالا مٿي ذڪر ڪيا آهن) انهن جي نثر ۽ نظمن تي اسان جهومون ٿا، ته مان شنباڻي صاحب جي لاءِ اها ڳالھ ضرور ڪندم ته هن جو نثر نچي ۽ ڪُڏي ٿو، پڙهندڙ کي وٺي ٿو هلي ۽ کيس بور يا تنگ نٿو ڪري، پر هو پڙهندڙ کي سهڻو نثر آڇي ٿو ته هو شنباڻيءَ کي پڙهن.

ڪهاڻين جي ترتيب ۾ ”عورت، عيد، خميسي جو گهر، جهنگ جو بادشاھ ۽ هيسيل هرڻي، ماني، فقير راضي، پَتي پَتي مُکڙي مُکڙي، سڃاتل اڻ سڃاتل، لڪير، سُڪل ڌرتي، گلاب گليءَ جي ڪلي، ٿڌو گهڙو، مري ويل محبتون، ٻوگهلي، منهنجي صاحب جي ڌيءَ، گڊباءِ ماءِ ڊيئر ڊاڪٽر پپا، طوائف جو جنازو، طرو، ڀوري مينهن، پيراڊو، حجرو، ڪاري رات ڪارو منهن ۽ پراڻي محبت جو درد“ شامل آهن. ڪتاب ۾ اداري پاران (پيڪاڪ پبلشر) قمر ابڙي صاحب ڀلو لکيو آهي، ڪليم ٻُٽ صاحب جو مهاڳ انتهائي گهَرو لکيل آهي، تمام ڄاڻ وارو، ڪتاب ۾ مختيار چني صاحب جو تبصرو، اختر حفيظ جو تاثر ۽ پنهنجي پاران، هڙئي انتهائي ڀلا لکيل آهن. ڪهاڻيون سڀ ڀرپور آهن، دل ٿي چئي ته هڪ هڪ ڪهاڻيءَ تي الڳ الڳ لکجي، انهن ڪهاڻين کي ”مارٽن ايف پي سيلگمين“ جي ”اٿينٽڪ هيپينيس“ وانگي ڪا پازيٽو سائيڪالاجي ڏجي ۽ دعويٰ ڪجي ته ڪهاڻيون روح جي راحت آهن.

ارپنائون پنهنجن کي ڏجن ۽ ڪجن، ان ڪري ته ارپنا ڪرڻ به هڪ مڃتا آهي. اهي رائيٽر جيڪي ديسي رائيٽرن کي اکيون پوري مڃن ٿا ته اهي انهن رائيٽرن کي جيئري ئي ارپنائون ڏين. اها ڳالھ به مڃجي ٿي ته ارپنائون ڪرڻ سان ڪنهن به گذاري ويل رائيٽر جو قبر جو عذاب گھٽ نه ٿيندو، ڪافڪا، سارتر، افلاطون، جين آسٽن، ليئوٽالسٽاءِ، ميڪسم گورڪي يا ڪي ٻيا، پر اهي سڀ جون سڀ ارپنائون پنهنجن اديبن کي ڏجن جنهن سان انهن کي داد ملي سگهي، اهي سمجهن ته سندن ڪو اوهي واهي يا سندن سان پيار ڪرڻ وارو، انهن جي خيال رکڻ وارو اڃان ڪو آهي. دريا خان شنباڻي ان ڏس ۾ ڏاڍو داد لهڻي جو هن جي ارپنا ڏاڍي وڻي. ان کان اڳ ڪيئي ارپنائون پنهنجن ديسي رائيٽرن جي نالي ٿيل آهن ۽ ٿينديون رهنديون، جيڪا ڳالھ ڏاڍي ڀلي لڳندي آهي ته پنهنجن ليکڪن کي ائين ئي داد ڏجي ۽ مڃجي ته مڃائجي به. ارپنا به محبت جي اظهار ۽ پنهنجائپ جو احساس ڀري ٿي هلي، ان ڪري شنباڻي صاحب جي هن ڪتاب ۾ ”ذلفي چاچڙ، محبوب علي چانڊيو، اظهار بالادي ۽ الطاف حسين لغاري صاحب جي نالي ٿيل آهي ۽ ارپنا جي ٻئي حصي ۾ بي سبب مظلوم فلسطينين کي به ياد ڪيو ويو آهي، ان ڪري ارپنا جو وزن وڌي ويو. ليکڪ جي ملڪيت ته سڀ ۽ سمورو ڪتاب هجي ٿو، پر ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي هو ڪنهن ٻئي جي راءِ کي برداشت ڪري، مهاڳ لکرائي، ڪنهن کي مڃي ۽ ڪنهن کان پاڻ مڃرائي ته ڀلو ٿيندو. ان ڪري سمورو ڪتاب ته سندس تخليق آهي، هو سموري ڪتاب ۾ پاڻ ئي پاڻ آهي، پر اتي ڪو ٻيو تعريف ڪري ته ڀلو ڇو ته ماڻهو ته پنهنجي نظر ۾ فرشتو هوندو آهي، پر ٻئي جي نظر ان کي ڪجھ ٻيو سمجهندي هوندي، ان ڪري ارپنا کان وٺي ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ٻين کي جاءِ ڏجي ته ڀلو آهي.

ڪهاڻي ”عورت“ ۾ شاديءَ جي رات جي ڪهاڻي پويل آهي جنهن جو Climax عورت جي ڌار ٿيڻ تي پورو ٿو ٿئي. ڪهاڻيءَ جوDiction  انتهائي لاجواب آهي، پڪو، پختو، زبردست ڊائيلاگ ۽ ڪردارن جي پنهنجي حق ۾ ڪيل وڪالت ڏاڍي بهتر لڳي. ليکڪ جي سِٽاءَ جي وري وري تعريف ڪجي، ان ڪري ته گهڻ ڪرداري کان آجي ڪهاڻي جنهن ۾ تشبيهون، استعارا، ترڪيبون ۽ منظر ڪشيون ڀرپور ڏنل هجن پڙهڻ ۾ مزو اچيو وڃي. ڄڻ ته ان جي پڙهڻ واري تاس پوري ٿيندي هجي. هن ڪهاڻيءَ ۾ جنسيت ناهي ۽ نه ئي هي ڪهاڻي ڪنهنSexism  جي پرچارڪ ڪهاڻي آهي، پر سماجي نفسيات تي آڌاريل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ شادي شده عورت ۽ مرد جي نفسيات تي روشني وڌل آهي، جنهن ۾ عورت ۽ مرد جي رشتي جي ۽ گهوٽ ڪنوار جي جوڙ جي پهرين رات ۽ پوءِ جي راتين جي نفسيات ۽ رشتن جي نڀاءَ ۽ لاڳاپي کي اڀاريو ويو آهي. جنهن ۾ رائيٽر اهي سڀ لقاءَ ڏيکاريا ۽ لکي پَسايا آهن ته ڪيئن رشتن جي وچ ۾ سماجي ڏار پئجي ٿا وڃن يا هڪ مرد ۽ عورت جي نفسيات ڪيئن مختلف هجي ٿي، ڪهاڻي جي پيشڪاري ڏاڍي ڀلي لڳي، اها ڳالھ به وسعت سان چئي سگهجي ٿي ته ڪنهن ڪنهن ڪهاڻي ۾ Abusing Language جيڪڏهن ڪڍي ڇڏجي ته ڪهاڻي ٻُسي ٿي ويندي ۽ ڪهاڻي ۾ جيڪا رواني ۽ ڪردارن جي ڀَڪَ ۽ ڪروڌ هجي ٿو سو مري پوندو ۽ پوءِ ڪهاڻي جي ڀرپور منظر نگاري نه ڪري سگهبي. ان ڪري شنباڻي صاحب جي ڪهاڻين ۾ اها ڳالھ ڀلي آهي ته هو ڪردار نگاري جي لحاظ کان ٻولي، تشبيهون، منظر نگاريون، پلاٽ، ڪهاڻي جي چوٽ ۽ ڪهاڻي جي پڇاڙي اهڙي جوڙي ٿو رکي، جو ڪهاڻي طوالت جي بنا سموري ڳالھ سمجهائي ٿي ته ڪهاڻي جو مقصد ڇا هو ۽ پڇاڙي ۾ ڪردارن غلط ڪيو يا صحيح ڪيو يا پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪري ته ڪهاڻي جو حاصل مطلب ڇا هو.

ڪهاڻي ”عيد“ رسمي دردن سان ٽٻيل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ معيشت ۽ معاشرتي درد ڀريل آهن، پر اتي هڪ ٻيو بحث به آهي ته شيون اوچتو ئي ٿيڻ نه کپن، ليکڪ واقعن جي ترتيب نه ٽوڙي، مڃون ٿا ته وڌاءُ ڪنهن حد تائين ڪري سگهجي ٿو، پر اهو وڌاءُ ڪوڙ نه هجي يا ممڪنات ضرور هجي، پر واقعن جي وچ جو ڳانڍاپو هجي، مثالMiscarriage  جو ٿي پوڻ اچانڪ کڻي هجي، پر اهي منظر اوچتو نٿا ڏئي سگهجن، جنهن ۾ Shocking Observation ڏئي ريڊر کي منجهائي نٿو سگهجي، شين ۽ لقائن جو سبب پيدا ڪجي پوءِ ڀلي هڪ جملو جيڪو هڪCoherence پيدا ڪري، ان ڪري اهڙا جملا جيڪي واقعن کي ڳنڍي هلن ته اهي ڏجن ته هوند ڀلو. ”گلاب گليءَ جي ڪلي“ پڙهي رائيٽر جي ڏانءُ ۽Boldness جي ڳالھ ڪجي، ان جي اها واقعي ئي ڪاريگري آهي ته هو سيڪس جي منظر نگاري ۾ ڀلوڙ آهي، اهي منظر ائين ٿا لڳن ڄڻ ٽي وي جي سامهون ڪا انگريزي فلم هلندي هجي جنهن ۾ ڪلاسيڪيت به هجي ۽ رومانس به هجي ياTitanic  وانگي گونگو رومانس به هجي يا ڀارتي ”جسم“ فلم وانگي سيڪس به هجي ۽ Condemnation به هجي، پر هڪ زبردست Entertainment به هجي، جيڪا فلم کي مارڪيٽ ۾ کُپُSale  ڪرائي ڏئي. ڪهاڻي ”ٿڌو گهڙو“ تمثيلي ۽ تضحيڪ يا هڪ ترڪيبي ڪهاڻي آهي جنهن جو عنوان ڪلائيميڪس ۾ سمجھ ۾ ٿو اچي ته ٿڌو گهڙو ڇا آهي ۽ درد جي پيھ ڇاهي جيڪا ڪردار محسوس ٿا ڪن.

رائيٽر جي اندر جي آواز (احساس) کي يا ان جي ٻاهر جي آواز (تخليق) کي ڌار نٿو ڪري سگهجي. هر رائيٽر اهو ئي پڙهڻ چاهيندو آهي، جيڪو هو لکڻ چاهيندو آهي، جيڪا ان جي چاهنا هوندي آهي، جنهن راءِ کي رد نه ٿو ڪري سگهجي، يا ائين به ناهي ته ڪلاسيڪل راڳ ٻڌندڙ ڪنهن اڙيي ٿڙيي ڳائڻي کي ٻڌندو هوندو، ان ڪري پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ جو به ذائقو ٿئي ٿو، ٻڌڻ جا به ڪجھ لوازمات هجن ٿا، جيڪي ان جي لکڻين مان پَسي سگهجن ٿا. ”ڪهاڻي “مري ويل محبتون“ هڪ بهترين ڪهاڻي آهي، جيڪا پنهنجي ٻولي ۽ منظر نگارين ۾ تمام اعليٰ آهي. ڪهاڻي ”ٻوگهلي“ (مان هتي پنهنجي مشاهدي جي ڳالھ ٿو ڪيان ته مان جڏهن وڏن پيرن فقيرن جي مزارن تي ويندو آهيان ته اتي بڙ جا وڻ ڳولهيندو آهيان پر سدائين کٻڙ، ٻٻر، ٽالهي ۽ ڪنهن بيدمشڪ جا وڻ ڏسڻ ۾ ايندا آهن، پر بڙ جو وڻ لڀندو ئي ناهي يا ڪٿي هوندو به) ڪهاڻي ”ٻوگهلي“ جو هڪ ڊائيلاگ ٿا کڻون ته ”هو جڏهن قبرن جي وچ ۾ هئا ته هڪ ٻئي کي ڏسي نه سگهيا“ ٿوري ان ڳالھ ۾Exaggeration  ۽ وڌاءَ واري منظر نگاري به آهي ته ماڻهن ۾ ماڻهو لڪي سگهي ٿو يا کڻي لڪي به وڃي، ماڻهو رش يا پيھ جي ڪري هڪٻئي کي ئي نظر نٿو اچي سگهي اها ڳالھ ممڪن آهي، يا پيرن فقيرن جي ميلن ۾ ماڻهن جا انبوھ گهڻا ٿي سگهن ٿا، پر قبرن ۾ ماڻهن جو لڪڻ وارو منظر ٿورو وڌاءُ لڳو يا منظر نگاريءَ ڇَسي ٿي پئي، بهرحال، ڪهاڻي انتها درجي جي لاجواب آهي، هن ڪهاڻيءَ ۾ ٻوگهلي ڪردار جو درد سمجهڻ جهڙو آهه جيڪو درد گونگو آهي جنهن جي زبان ناهي، پر درد جي پيھ منظر نگارين ۾ اهڙي ته پويل آهي جو شنباڻي صاحب کي داد ڏجي. ڪجھPossessive Nouns  يا Pronouns جيڪي رائيٽر کي ناهن سونهندا، مثال رائيٽر ائين نه چئي ته “ڪالھ جڏهن هوءَ هن کي ڊاڪٽر ڏي وٺي وئي (پيج نمبر 88) پر هجڻ گهرجي ته ”ٻه ڏينهن اڳ يا هڪ ڏينهن اڳ“ ان ڪري ڪردار ”اڄ، سڀاڻي، ڪالھ، هن صبح يا سڀاڻي“ چئي سگهي ٿو، پر رائيٽر ٿرڊ پرسن ۾ ڪهاڻي ٿو لکي ان ڪري صيغي جو خيال ڪري، ان سان ڪهاڻي جي Realism ۾ فرق ٿو اچي ۽ لڳي ٿو ته رائيٽر ڪهاڻيءَ ۾ پاڻ ڪاهي پيو آهي ۽ ڪمينٽري ائين ٿو ڪري ڄڻ ڪا سچي خبر پڙهندو هجي، پر ڪهاڻيون ڪجھ به هجي گهڻي ڀاڱيFictitious  ئي هونديون آهن جن کي جيئن جو تيئن هلڻ ڏنو وڃي (هڪڙي ادنيٰ صلاح آهي) وري ٻئي هنڌ آهي ته: ”رٽائر ٿي، رٽائري ڪري، اسان هن بنگلي جا خانداني بورچي آهيون“ يا هجڻ ائين گهرجي ها ته ”منهنجو بابا به هن بنگلي جو بورچي هوندو هو ۽ اسان هن بنگلي جا خانداني بورچي آهيون ان ڪري ”مان“ نه چئجي پر “اسان“ چئجي ته ڀلو) وري ملندڙ جلندڙ جي معنيٰSimilarities ۾ اچي ٿي وڃي، لفظ کلڻي ملڻيBehaviors  ياAttitudes  ۾ ٿو اچي، ”ڀانپي“ لفظ جي جاءِ تي ”سمجهي ورتو“ هجي ها ته ڀلو، ”۽ ان جي هر ڳالھ وٺندو به آهي“ (پيج نمبر 87) پر ٿيڻ کپندو هو ته ”بيگم صاحبه جو چيو وٺندو آهي يا ان جي ڳالھ مڃيندو آهي“، مثال جي ڪردار چئي ”گهسيل پٽيل“ ته چئي سگهي ٿو (پيج نمبر 88) ڇو ته ڪردار شهري آهن، پر رائيٽر جوDiction  سنڌي هجڻ لازمي آهي (يا باءِ لنگئول ۾ انگريزي کڻجي ته بهتر هوندو بجاءِ جو اردو کي اڳتي وڌائجي) ڪهاڻي ”گڊباءِ ماءِ ڊيئر ڊاڪٽر پپا!“ ڀلي ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ ڊاڪٽري پروفيشن جي حقيقت ڏيکاريل آهي، ”طوائف جو جنازو“ انتهائي بهترين ڪهاڻي، جنهن ۾ نالي مان ظاهر آهي ته ڪهاڻي اندر ڇا هوندو، ڪهاڻي جي Knitting ڏاڍي ڀلي ٿيل آهي. ”طرو“ هڪ باگڙياڻي جي ڪهاڻي آهي، جيڪا پنهنجي عزت جي اجرت ان طرم خان کان گهرندي آهي، جنهن ۾ مڙسي ناهي هوندي، پر باگڙياڻي پنهنجي عزت جا پئسا وصولي ڪري ويندي آهي، شنباڻي جي ڪهاڻين جيSubjectivity  ڏاڍي لاجوب لڳي.

سيڪس رائيٽنگ جي جيڪڏهن ڳالھ ڪجي ته هينري اسپينسر اشبي (1834-1900) ذهن ۾ ايندو. هو پاڻ هڪ ڪتاب سهيڙيندڙ، ليکڪ ۽ ببليوگرافر هو ۽ هن پنهنجن ٽن مهڙ جي ڪتابن ۾ پنهنجو نالو ”پيانوس فراگزي“ رکيو، جيڪو پنهنجي دور ۾ شهوت انگيز ڪتابن جو ماهر هو. گرشون ليگمن پهريون شخص هو جنهن ”والٽر“ جي ڪتاب ”ماءِ سيڪريٽ لائف ۾ ”ايشبي“ کي ڳولهي لڌو ۽ ٻڌايو ته ”ماءِ سيڪريٽ لائف“ جي رائيٽر جو اصل نالو ”ايشبي“ آهي، هن 1962 ۾ ”ايشبي“ جي بائيوگرافي ٻيهر ڇپرائي ۽ ”مائي سيڪريٽ لائف“ جي ان مضمون کي 1966 واري ”گروو پريس ايڊيشن“ ۾ شامل ڪيو. ان ڪري سيڪس لکجي ۽ نندجي پر ان کي ڪنهن نشاني تي رکي نه لکجي ان ڪري معاشري جي ڀلائي اولين فرض آهي ته پڙهندڙ اهڙو مواد نه پڙهي جنهن سان ان جي دماغ ۾ فطور اچي، پر اهڙو مواد جنهن ۾ هو برائي کي نندي ۽ ڀلائي کي اڳتي وڌائي. ڪهاڻي ”ڀوري مينهن“ ۽ پيراڊو (يا پيراٺو) پڙهي ائين لڳو ته رائيٽر وٽ ٻوليءَ جا انبار هجن، هو ڪنهن به گھاڙيٽي ۾ ۽ ڪنهن به ڪردار ۾ لهي ٿو پئي ۽ ائين ٿو لڳي ڄڻ نسيم کرل جي ”چوٽيهون در“ وانگي چورن سان ياريون هجنس (نسيم کرل جي لاءِ اهو مشهور هوندو هيو ته هن جيڪو به لکيو ائين لڳندو هو ڄڻ مرحوم پهرين پاڻ اهو هجي ايتري زبردست ٻولي جو ان جون ڪهاڻيون ورائي ورائي پڙهجن) ڪهاڻي ”حجرو“ به ملايت جي پراڻن پاپن جي ڪهاڻي آهي، ڪهاڻي ”ڪاري رات ڪارا منهن“ ۽ ”پراڻي محبت جو درد“ تمام بهترين ڪهاڻيون آهن. بهرحال دريا خان شنباڻي جون ڪهاڻيون انتهائي لاجواب، نڪور، جديد، زبردست ڪاريگريءَ واريون ڪهاڻيون آهن، جن جي جيتري تعريف ڪجي اوتري گهٽ آهي، شنباڻي صاحب ٻولي، پلاٽنگ ۽ ڪلائيميڪس ۾ انتهائي لاجواب ڪهاڻيڪار آهي، شنباڻي صاحب جون ڪهاڻيون اهڙيون آهن جو هر ڪهاڻيءَ جيAdvocacy  ڪجي، ان ڪري هن معاشري جي ستم ظريفين ۽ جن ڳالهين کي جيئن شنباڻي صاحب نندي ٿو شايد ئي ڪير ننديندو هجي، ان ڪري اميد آهي ته شنباڻي صاحب پنهنجي ڪاريگريءَ سان اهڙيون لاجواب ڪهاڻيون ڏيندو رهندو.

***